ڪو دوست مونکي اهو ٻڌائي سگهي ٿو ت (3 جي ِ. ااي.وي.او ونگل ) جو پاس ورڊ ڪيئن تبديل ٿيندو. اوهانجو انتظار رهندو.
هوائي ونگل سيٽ جا ٻه پاسورڊ ٿيندا آهن سڀ کان پهريان پروفائيل پاسورڊ ۽ ٻيو وائي فائي پاسورڊ... ٻنهي کي تبديل ڪرڻ لاءِ توهان کي سڀ کان پهريون ونگل کي پي سي سان ڪنيڪٽ ڪرڻو پوندو.. جنهن کان پوءِ يا ته ڊيفالٽ برائوزر پاڻمرادو کلي ويندو يا وري توهان کولي ايڊريس بار ۾ 192.168.1.1 يو آر لکي انٽر پريس ڪريو... جيڪڏهن سيٽنگ پيج نه کلي ته هيٺين تصوير ۾ موجود يوآر ايل لکي انٽر پريس ڪريو... ساڄي پاسي مٿي سائيڊ تي موجود Login تي ڪلڪ ڪريو جنهن جو باءِ ڊيفالٽ پروفائيل يوزر ۽ پاسورڊ admin هوندو آهي پر جيڪڏهن اهو ڪم نه ڪري ته توهان ونگل کي ريسيٽ به ڪري سگهو ٿا... جنهن لاءِ ان جي مٿان موجود ڪور کي کولي MDN نمبر ڀرسان موجود ننڍي سوراخ نما بٽڻ تي ڪلڪ ڪندي ڪجهه وقت ترسو ... ته پاسورڊ ۽ يوزر ري سيٽ ٿي باءِ ڊيفالٽ admin طور ٿي ويندو.. اهو يوزر ۽ پاسورڊ پروفائيل چورائيندو آهي جنهن کي تبديل ڪري سگهجي ٿو... جڏهن ته وائي فائي پاسورڊ باءِ ڊيفالٽ دراصل ڊيوائيس تي موجود ESN نمبر هوندو آهي.. جنهن کي سيٽنگ تي اچي ڪري WLAN Basic Setting مان تبديل ڪري سگهجي ٿو ان لاءِ WPA Pre-shared Key کي پنهنجي پسند جي پاسورڊ طور لکي هيٺ موجود بٽڻ Apply تي ڪلڪ ڪريو...
ادا مون سان پرابلم اهو آهي ت مون وٽ 30 جي بي پوري مهيني لا، لميٽيڊ نيٽ آهي . ليڪن پاسورڊ سٻني دوستن وٽ آهي جيڪا شي مهيني ۾ ختم ٿئي اوهان شي 15 ڏينهن ۾ ختم ....
ادا ادي رشيد جيڪو چيو آهي اهو ڪري ڏسو،،،،، جي نه ٿو ٿي ته وري ادي ذيشان رشيد، لي ٽيگ ڪيون ٿا ڏسون ڇا ٿو چئي
رڳو توهانجي مهيني جو يوزيج ڊيٽا ڪيترو آهي...؟ ۽ ڇا توهان کي پڪ آهي ته توهان کي 30 جي بي ڊيٽا واليوم مليل آهي... ؟ توهان جي اطلاع لاءِ عرض ته پي ٽي سي ايل وارن پنهنجي روايتي روش رکندي اڳ ڏيندڙ سورن 30 جي بي واليوم پيڪيجز کي 20 جي بي پيڪيج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي...