سوال اهو آهي ته فيس بوڪ تي وڌيڪ فرينڊ رڪيوسٽ نه اچن ۽ هن کي بند ڪيو وڃي اهو ڪئين ٿيندو؟ جنهن دوست کي خبر هجي هو تفصيل سان سمجهائي عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم،سليمان وساڻ، ذيشان رشيد، عبدالحفيظ لغاري
مان اڳ به دوستن کي چوندو رهندو آهيان ته فيس بوڪ هڪ سوشل نيٽ ورڪ آهي .. جنهن جو مقصد توهان کي اڪيلو ٿيڻ کان بچائڻ آهي.. هتي اچي توهان وري به اڪيلا ٿيڻ چاهيندا هجو ته اهو ممڪن ناهي... ساڳي ڳالهه وانگر بدقسمتيءَ سان توهان به فيس بوڪ تي ايندڙ دوستيءَ جي درخواستن کي اچڻ کان روڪي نه ٿا سگهو.. ها البته ان کي قبول نه ڪرڻ ۽ محدود ڪرڻ توهان جي وس ۾ آهي.. ان سلسلي ۾.... فيس بوڪ تي لاگ ان ٿي مٿي ساڄي موجود تالي نما آئڪان تي ڪلڪ ڪريو.. ۽ پوء کلندڙ لسٽ مان Who can contact me تي ڪلڪ ڪريو... هتان توهان who can send you friend requests سيڪشن مان everyone کي تبديل ڪندي friends of friends چونڊيو ...
هو اڳ ۾ مون ڪري ڇڏيو،۽ هاڻ اوهان مٿي لکي آيا آهيو ته ته فرينڊس جي درخواست دوستن جا دوست ئي موڪلي سگهن ٿا..... ٺيڪ مڙئي ڪجهه فرق پوندو، گهڻن کان بچي پونداسين، جنهن درخواست موڪلي ان کي وري هن جي ڪارگردگي جانچي پو قبول ڪنداسين
ادا اوهان تنگ ٿيا آهيو ڇا دوستن کان ؟؟؟ هل هي آهي ته قبول ئي نه ڪندا ڪيو اسان ته چوندا آهيون ته دوست گهڻا ٿين اوهان وري تنگ ٿي ويا آهي مفت ۾ اڌ فرينڊ مونکي ڏيو سائين ته مهرباني ٿيندي
هههههههههههه جي ادا تنگ ٿي ويا آهيان ته فيڪ آئڊيون ماڻهون گهڻو ٿا استعمال ڪن پو ڪو ڪهڙورايو ڏي ڪو ڪهڙوتنقيد گهٽ اڃايو بحث ڪرڻ، ٻيو وري مٿا انباڪس ۾ ميسيجن جا ٽڙڪا ڪنهن کي جواب ڏيون؟ اوهان کي جي دوست گهرجن تي پو حاضر آهن،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، هتي انبار لڳا پيا آهن
جيتري قدر ان باڪس ۾ ميسيجز جو سوال آ ته اهو ته ان فيس بوڪ يوزر کان به ايندو جيڪو توهان جوفرينڊ نه هجي... ان جو توهان جي سوال سان ڪو تعلق نه آهي.. ها جيڪڏهن توهان گهڻن ميسيجز اچڻ کان تنگ ٿا ٿيو ته ته فيس بوڪ ۾ اسٽرڪٽ فلٽر لڳائي سگهو ٿا... ان لاءِ Other Inbox تي اچي Edit Preferences تي ڪلڪ ڪريو ۽ کلندڙ پاپ اپ مان بيسڪ کي سٽرڪٽ فلٽرنگ ۾ تبديل ڪريو...