مَارُئي سَرِتيُنِ سِنجَڻُ ڇَڏِيَو، سَتِيُنِ ڳَالِهه سُئِي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
934895_10205027020933426_1699938819061833117_n.jpg


سَرِتيُنِ سِنجَڻُ ڇَڏِيَو، سَتِيُنِ ڳَالِهه سُئِي
مَاڙَيچِي مَاڙِيُنِ ۾، ڪَڏِهِن ڪَانَه هُئِي
عُمَرَ آن نَه مُئِي، اِنَ اَوڀَالِيَان اَڳَهِين


سُرُ مَارُئي

سِنجَڻُ = پاڻي ڪڍڻ، کوهه تان پاڻي ڀرڻ
سَتيُن = پاڪدامن
سُئي = ٻڌي
مَاڙَيچي = ٿريلي، ماروئڙي، ٿر ڄائي
مَاڙيُن = محلن، حويلين، ڪوٽن، ڪوٺين
آن = آئون, مان، مون
اَوڀَاليَان = طعنن، مهڻن
اَڳَهين = اڳيئي

بيت جو پس منظر

~ سرتين کوهن تان پاڻي ڀرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي جڏهن کين مارئيءَ جي کوهه تان کنڀجي وڃڻ جي خبر پئي آهي.

~ اڳ ايئين ڪڏهن نه ٿيو آهي جو ڪا ٿرڄائي محلن ۾ رهي هجي.

~ او عمر !! آئون ماڻهن جي هنن طعنن ۽ مهڻن کان اڳ جيڪر مري وڃان ها.

سمجهاڻي

مارئيءَ کي جڏهن زبردستي عمر کوهه تان کنڀي کڻي ويو ته اها ڳالهه سڄي ٿر ۾ ڦهلجي وئي. ٿريلين کوهن تان پاڻي ڀرڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ کوهه ويران ٿي ويا. ٿر جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن ڪا ٿريلي عورت ڪنهن محل، ماڙي ۽ ڪوٽ جي زينت نه بڻي هئي. مارئي پهرين عورت هئي جنهن کي ڏاڍ ۽ جبر سان کنڀيو ويو. سنڌ ۾ زبردستي کنڀي گم ڪرڻ جي اها روايت اڄ تائين هلندي اچي ٿي. بس فرق ايترو ٿيو آهي جو اڳي سهڻين ۽ خوبصورت عورتن کي کنڀيو ويندو هو. جڏهن ته هاڻي رنڪل ڪمارين ۽ انجلين سان گڏ سنڌ جي ڳڀرو پٽن کي به کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪجهه ڏينهَن ۾ سندن چچريل لاش ملن ٿا.

سو اچو ته ڀٽائيءَ جَي بيت جَي پس منظر ۾ هن ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف آواز اٿاريون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top