• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيڪريٽري تعليم جي نالي تي فراڊ

رحيم بخش

ايڊيٽر
ڪالهه مورو ۾ اسان جي اسڪول جي ڀرسان گرلس اسڪول ۾ هڪ شخص آيو جنهن چيو ته مان سيڪريٽري صاحب سان گڏ آيو آهيان صاحب جن جي پوئتي گاڏي خراب ٿي پئي آهي اهي به جلد پهچي ويندا مان به ان ٽيم جو ميمبر آهيان مون کي صاحب موڪليو آهي ته جيستائين پاڻ اچن تيستائين مان رڪارڊ چيڪ ڪري وٺان گهڻيون ٽيچرس موڪل تي آهن ٻڌايو ويو ته 3 انهن جون ايپليڪشنس ڏيکاريو ۽ ڪجهه ٻيون فرضي ڪاريون ڪري ، اهي ايپليڪشنس پاڻ سان کڻي چيائين ته توهان مان ڪنهن وٽ ڪا بائيڪ وغيره آهي انهن چيو ته ها چيائين ته پٽيوالي کي چئو ته مون کي ٿورو اڳتي ڇڏي اچي جتي سيڪريٽري صاحب موجود آهي هي ايپليڪشنس ان کي ڏيکارڻيون آهن پٽيوالو ان سان گڏ ويو شهر ۾ جڏهن پهتا ته ان پٽيوالي کي چيو ته توهان هنن ايپليڪشنس جي فوٽو ڪاپي ڪرائي اچو مان بائيڪ وٽ بيٺو آهيان ٿوري دير بعد جڏهن اهو پٽيوالو آيو ته نه همراه نه بائيڪ؟ سو پنهنجي سنڌي ڀائرن کي باخبر هجڻ گهرجي ته اهڙا فراڊ به ٿين ٿا هوشيار ٿيو جڏهن ڪو ايس ڊي ايم يا ڪو آفيسر جي روپ ۾ ماڻهو اچي ته ان کان به سڃاڻپ ڪرائي بعد ۾ ان کي اجازت ڏيو سيڪريٽري صاحب کي به گهرجي ته اهڙن فراڊن کان بچڻ لاء شهر جو ڪو سپروائيزر يا ڪو آفيسر به پاڻ سان گڏ هجڻ گهرجي پوء ڀلي بنا اطلاع جي ڇاپا هڻن ليڪن ان آفيسر کي اسڪول اسٽاف ته سڃاڻندو. ورنه اهڙا ڪيئي فراڊ ٿي سگهن ٿا.
 
پيارو پاڪستان آ سائين ، هتي سڀ ڪجھ هلي ٿو پيو!
پاڪستان ۾ ڪي ماڻهو سٺو ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ليڪن انهن کي اسان رڪاوٽون وجهي پاڻ ئي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون جيئن سيڪريٽري جي ان ٿوري چرپر سان ڪافي فرق پيو آهي ليڪن ان کي صحيح نموني جاري رکيو وڃي ته نظام ۾ ڪافي تبديلي اچي ويندي هاڻي اسان وٽ ڪاليج ۾ امتحان دوران ڪيمرائون نصب ڪيون ويون آهن شاگردن جون دانهون شروع ته اسان اسڪول يا ڪاليج اچون يا نه اچون پر اسان جو سال ته نه وڃايو ؟ ڪٿي ڪٿي ته پيپر ڊراپ به ڪيا ويا آهن هاڻي ڏسجي ته ڳالهه ڪيستائين ٿي اڳتي پهچي.
 
Back
Top