مان! پنهنجي زندگي سان لاڳاپيل سمورا لمحا جيڪي مون پنهنجي ڊائري ۾ لکيا آهن ا. هي پنهنجي محبت تائين پهچائڻ ٿو گهران، جئين ته زندگي جي ڊوڙ ۾ ۽ دنيا جي بدلجندڙ حالتن ۾ پيدا ٿيندڙ مجبورين سببان هوءَ مونکا ڏور ٿي وئي آهي. پر ان جي وڇوڙي ظاهري وجود کان ڌار ڪري ته ڇڏيو آهي پر روح جي گهرائي ۾ اڄ به هوءَ منهنجي ويجهو آهي، جا ويجهڙائي ويتر ان جي محبت کي منهنجي من ۾ سانڍي رکيو ٿي اچي. ۽ مونکي ويساهه آهي ته هوءَ به ان ئي ويساهه کي سانڍي جيئندي هوندي. جهڙي ريت مان جيء رهيو آهيان —