هن کي چئجو

عابد بلوچ

سينيئر رڪن

هن کي چئجو
مون سان نه ملي
مان رولاڪ سوچن جي
ڄارن ۾ اٽڪيل
مان اڻکٽ سوالن جي
جوابن ۾ ڀٽڪيل
هو مرڪي رهي ڀل
بخمل تي ٽيڪيل
هو سهڻي ۽ سادي
مان ارڏو ۽ باغي
مان صدائن جو وارث
سوالن ۾ گھريل
سوال جيڪي سوچڻ سزائون
جواب جن جا ٽياس ٽنگيل
سوال باغي جواب مجرم
آهن ازل کان
سولي تي لٽڪيل
سوال اهڙا
پڇڻ نه جهڙا
جواب جن جا
گھاڻن ۾ پيڙهيل
هن جون معصوم مرڪون
نازڪ نهارون
مان وه جو پيالو
نه درمل نه دارون
انجام منهنجو
بي گور چچريل
هو ڪلي شال
ويتر کلي ۽ کلي
هن کي چئجو
مون سان نه ملي
هو دل سان ٿي سوچي
مان منطق جو سائل
سوال جن جي
لهرن ۾ ڦاٿل
جواب ٻيڙا
سنڀرن نه ساحل..

1795584_539205739526898_1732018014_n.jpg
 
او چنچلي، او منچلي، او کينچلي
عشق مونسان نه ڪر دوستي مونسان نه رک
مونسان نينهن نڀائڻ آ ڏکيو، جوڀن جلائڻ آ ڏکيو.......
 
Back
Top