• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

“سنڌي بڪ ون” سنڌي ٻاراڻي ڪتاب تي مشتمل ۾ اينڊرائيڊ ايپ

ايس ايم صارم

سينيئر رڪن
السلام عليڪم
عزيز دوستو!
ڪالهه پلي اسٽور تي ٻارن لا مواد تلاشيندي هڪ عدد نئين سنڌي اپليڪشن ڏسڻ ۾ آئي آهي جيڪا تازو ئي يعني وڌ ۾ وڌ ٻه هفتا پهرين گوگل جي پلي اسٽور تي تي رکي ويئي آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي سنڌي ٻاراڻي ڪتاب کي نظر ۾ رکندي ٻارن جي سکيا لا هن ايپ کي گهوٽڪي ضلعي سان وابسته هڪ دوست شفقت ڪلوڙ صاحب مرتب ڪيو آهي. انتهائي بهترين گرافڪس ۽ آواز کي سميٽي مهارت سان ايپ تيار ڪئي ويئي آهي. في الحال ان ايپ جو فري ورشن رکيو ويو آهي ۽ ڊزائينر طرفان جلد ئي اپليڪيشن جوپرميئم ورشن آڻڻ جو چيو ويو آهي. توڙي جو اپليشڪيشن ۾ ڪافي تصحيح جي ضرورت آهي تنهن هوندي به ايپ شاندار ۽ لاڀائتي آهي.
سچ پچ ته هي ايپ ڪافي والدين خاص طور تي پرڏيهه يا پنهنجي ٻولي کان پري رهندڙ ۽ اولاد کي سنڌي سيکارڻ جو اونو رکندڙن لا املهه تحفو آهي. لنڪ هيٺ ڏجي ٿي.
https://play.google.com/store/apps/details?id=com.sufiyan.sindhikgbookone
 
اڄ هن دور ۾ سنڌي ماڻهو وڏن شهرن ۾ ٻولي کي وساري رهيا آهن هي هڪ بهترين ڪوشش آهي مون به وڊيو جي صورت ۾ سنڌي گيت ٻاراڻا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر وقت نه ساٿ ڏنو........................... پر اچڻ گهرجي ...
 
Back
Top