ٿر ۾ هن وقت تائين لک ڪوششن باوجود به حڪومت غذائي خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارڙن جا ٿيندڙ موت روڪي ناهي سگهي هر روز ٻارڙن جي موت جوسلسلو جاري آهي بين ال قوامي ميڊيا جي رپورٽ مطابق پاڪستان جي اندر 70000 ٻارڙا پيدائش جي پهرين ڏينهن موت جي ور چڙهي وڃن ٿا جڏهن ته 352000 ٻارڙا پنهنجي پنجين سالگرهه جو به منهن نٿا ڏسي سگهن جنهن منجهان 45 سيڪڙو ٻارڙا غذائي کوٽ جي ڪري موت جي ور چڙهن ٿا جڏهن ته 44 سيڪڙو ٻار خوراڪ جي گهٽتائي ڪري مريو ٿا وڃن، جڏهن ته اها به ڳالهه سامهون آئي آهي ته اسان وٽ تازي ڄاول ٻار کي ڇهه مهينن تائين به ماءُ جو کير نصيب نٿو ٿئي ۽ فيڊر سان کير پيارڻ جو رواج ڏينهون ڏينهن وڌندوٿو رهي. هن سان گڏ 70 لک ٻارڙا اهڙِي به قسم جا آهن جيڪي اسڪول جو منهن به نٿا ڏسن ۽ 15 لک ٻار روڊن تي جيون بسر ڪن ٿا ته وري هڪ ڪروڙ ٻار جبري پورهي جي ور چڙهيل آهن. اها صورتحال انتهائي ڏکوئيندڙ چئي سگهجي ٿي ته اسان وٽ هن وقت تائين جيڪو ٻارڙن لاءِ ڪم ٿيڻ کپي ها اهو ناهي ٿي سگهيو جنهن ڪري ئي اڄ ٿر ۾ اها صورتحال جنم وٺي رهي آهي ۽ ماڻهو وري وري سوچين پيا ته آخر هن سلسلي جو دنگ ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندو . ٿر جون اسپتالون جنهن ۾ جيڪي سهوليتون موجود آهن سي به ڪنهن کان لڪيل ڇپيل ناهن هتي موجود ڊاڪٽر ۽ عملو ڪيڏي تعداد ۾ آهي تنهن کان به هر ڪو باخبر رهي پيو پر اصل شئي جيڪا ڏسڻ ۾ اچي سا نٿي نظر اچي عمرڪوٽ جي ٿر واري علائقن ۾ ٻه نمبر دوائن جون جتي خبرون هليو آهن ته اتي وزير مشير صاحبان به اسپتالن تي ڇاپا هڻندا ٿا رهن ۽ پنهنجي رسمي ڪارروائي پوري ڪري هليا ٿا وڃن. چيڪ اينڊ بيلينس ڪٿي به نظر نٿو اچي صورتحال جيڪا موجوده وقت ۾ آهي تنهن جي سموري ذميواري سنڌ حڪومت تي وڌي پئي وڃي ۽ هرڪو سنڌ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي نظر ٿو اچي جنهن لاءِ سنڌ جو وڏو وزير وضاحتون ڪري ڪري هاڻ ته ماٺ ڪري ويهي رهيو آهي. اڳوڻي صدر پاڪستان پرويز مشرف کان ويندي پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان به ٻارن جي موت جو ذميوار حڪومت کي چئي رهيو آهي برحال لک ڪوششون باوجود به اڄ به ٿر ۾ ٻار مرن پيا پر وري به ڪير توجه نٿو ڏئي انهن موتن جو ذميوار رڳو سنڌ حڪومت کي قرار ڏيڻ غلط آهي پر انهي جا اهي سب برابر جا ذميوار آهن جيڪي وڏين وڏين ڪرسين تي ويٺل آهن