ڌرتي ڌڻين سان ويڌن ڇو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڌرتي ڌڻين سان ويڌن ڇو؟
    محترم علي حسن چانڊيو صاحب مضمون عوامي آواز ،ڪراچي،سنڌ
    (نوٽ؛ هي مضمون ڪجهه مهينا پراڻو آهي پر اڄ به اسانجي پڙهڻ وٽان آهي)
    قومون تاريخي مرحلن مان گذري جڙنديون آهن، انهي جي خاص وصف ٿئي ٿي. جنهن وطن جا هو مالڪ بڻجن ٿا اتان جي سمورن وسيلن جا مالڪ به هو هجن ٿا. تاريخ ۾ وسلين جي ڦرلٽ لاءِ ڏورانهن کان حملي آور قبضاگيري واري سوچ سان حملا ڪندا آهن. وطن دوست قومون پنهنجي وطن ۽ وسيلن جي دفاع لاءِ ڀرپور مزاحمت ڪندا آهن ڪڏهن ڪامياب ته وري ڪڏهن ناڪامي پلئه پونڊي آهي پر اهو طئي آهي ته ڌرتي ڌڻي جڏهن به متحرڪ ٿين ٿا، ته هو آزادي ماڻين ٿا. دنيا جي سموري تاريخ اهڙين حالتن سان ڀريل آهي. اڄ عربن جي جارحيت ۽ ڊگھي عرصي تائين هن خطي ۾ حڪمراني جا نقش اوهان کي نظر نه ايندا. سنڌين عربن ۽ ٻين جارحيت پسندن جي غلامي کان پاڻ کي آجو ڪرايو آهي.
    ڪالهه طاقت جي زرو تي قبضاگيري ٿيندي هئي ۽ وسيلن جا مالڪ بڻجي ويندا هئا پر هاڻ صورتحال بنهه مختلف ٿي وئي آهي. هڪڙيون قومون، ملڪ يا ملٽي نيشنل ڪمپنيون هزارين ميل پري هوندي به قومن کي غلام بڻايو آهي.
    تاريخ ۾ ڪي حادثا ٿيندا آهن انهن حادثن جي ڪري به قومون غلامي جي شڪل ۾ اچيو وڃن. طاقتون اهڙيون پئدا ٿيون وڃن جو هر ڪو چوي ته ٺيڪ پيو ٿئي پر جيڪڏهن پٺي ورائي ڏسجي ته ڪجھه به ناهي بچيو هر شيءِ تي ڌاريا قابض ٿي ويا آهن. اسين رڳو نالي ۾ نهال وڏي قوم، تاريخي قوم جي دعويٰ ڪرڻ ۾ رڌل آهيون.
    1947ع واري واقعي حقيقت ۾ سنڌ کي هڪ غلامي مان ڪڍي ٻئي غلامي ۾ ڌڪي ڇڏيو. نين مسلمانن رياستن جي قيام يا ايئن کڻي چئجي ته نئين پاڪستان جي وجود لاءِ سنڌ سڀ کان پهرين سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪرائي. پاڪستان ٺهيو، هندستان ۾ لکين مهاجرن جي لڏپلاڻ ٿي. سنڌ جي عوام دل کولي ڀارت مان آيل پناهگيرن کي ڀليڪار ڪيو، جيءُ ۾ جايون ڏنيون، اهي سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾رهڻ لڳا ۽ اتان جي سڄي ڪاروبار ۽ افسر شاهي تي قابض ٿي ويا. پاڪستان جي افسر شاهي جو 70 سيڪڙو يو پي ۽ سي پي يعني پارٽي رياستن سا لاڳاپو هو. سنڌي ماڻهو ته اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. سول سروسز سنڌين سان ناانصافي جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي جنهن لاءِ جنرل مشرف چيو هو ته سنڌي ويچارا پڙهيل ناهن ڪو باصلاحيت سنڌي نظر نٿو اچي جنهن ڪنهن اهم عهدي تي رکجي. ان تي ٻئي ڀيري انگن اکرن سان ثابت ڪبو ته سنڌ سان ڪيئن ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ٿي رهيو آهي.
    جنرل مشرف جيئن ئي اقتدار سنڀاليو ته نئون بلدياتي نظام متعارف ڪرايو جنهن کي هن Devaluation power اقتدار جي هيٺين سطح تائين منتقلي واري فارمولي نظام لاڳو ڪيو ويو. سنڌ جي اڪثر قومپرست پارٽين ۽ جمهوري ۽ سول سوسائٽي ان کي تنقيد جو نشانو بڻايو پر جنرل مشرف ڇاڪاڻ جو جمهوريت پسند نه هو هو آمر هيو هن زبردستي عوام جي مخالفت باوجود ان نظام کي لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ سڄي ملڪ مان پنهنجا اتحادي ڳوليا ۽ انهن کي کٽرايو. اچو ته پاڻ جائزو وٺون ته ان نظام سان ڇا عوام کي سنڌ جي عوام ڌرتي ڌڻين کي ڪو فائدو رسيو يا وري ان جي ابتڙ سمورن وسيلن تي ڪو ٻيو قابض ٿي ويو. ڪراچي 1947۾ چار لک چٽيهه هزار ماڻهن جو شهر هو، پرامن هو، خوشهال هو، 1954ع ۾ پناهگيرن جي آمد ڪري اهو انگ 11 يارنهن لک ٿي ويو ۽ سنڌي ان ڏينهن کان ڪراچي ۾ اقليت ۾ اچڻ لڳا. 30 اسڪوائر ميل وارو شهر هاڻ 2400 اسڪوائر ميل تي ڦهلجي ويو آهي. هڪ اندازي موجب 20 ملين ٻه ڪروڙ آبادي تي مشتمل آهي نه رڳو اندرئين پاڪستان مان پر سڄي سائوٿ ايشيا جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري هتي اچن ٿا. ڪاروبار ڪن ٿا ۽ پوءِ مالڪ بڻجي وڃن ٿا. مورڙئي جو ماڳ اڄ مڪمل طرح سان پنهنجي سڃـاڻپ وڃائي چڪو آهي. اڄ ڪراچي جي ٽي هٽي، لالو کيت، ڳجھڙو واهه، موکي ۽ متارا شهر جي ٻاهران پوکيل هر قسم جون ڀاڄيون گل خوشبو اڄ رت ۽ نفرت ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن. ڀانت ڀانت جا ماڻهو ڪراچي جي ٻولي، سنڌي ٻولي تي راتاهو هڻي نين ٻولين کي مارڪيٽ جي ٻولي بڻائي ڇڏيو آهي. صدين کان سمنڊ تي روزگار ڪندڙ ملاح اڄ ان روزي کان محروم ٿيندا ٿا وڃن، ڌارين ان تي به قبضو ڪري ڇڏيو. خوشحال ڪراچي سنڌي ماڻهن لاءِ اڄ رڳو موت جو پيغام آهي. پناهگيرن کي ڀاڪر پائي ڀليڪار ڪندڙ اڄ مٿي کي هٿ ڏيو کنگھيو، بک وگھي مريو وڃن.
    تاريخ ۾ هئين ٿيندو آهي ته جارحيت ڪندڙ يا پناهگير ٿي ويندڙ فرد گروهه قدم جو حصو بڻجي ويندا آهن جيئن احمد شاهه ابدالي جي دور پٺاڻ جيڪي هاڻ سنڌي قوم جو حصو بڻجي ويا جيئن مير، ٽالپر ڪلهوڙن جي دور ۾ هي آيا نلسن بلوچ هئا سنڌي قوم جو اڻ ٽٽ حصو بڻجي ويا. پر بدقسمتي سان ڀارت مان آيل ماڻهو سنڌي قوم ۾ ضم ٿيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ انهن نه رڳو ضم ٿيڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي پر هٿرادو طرح سان ان عمل کي روڪيو ويو آهي. جنهن ڪري عملي طرح سان 62 سال گذرڻ کان پوءِ به سنڌي ۽ هندستان مان آيل پناهگيرن ۾ هڪجهڙائي، ويجهڙائپ، نه ٿي سگهي آهي اُن جو ڪارڻ هڪ نسلي فڪر آهي جنهن سازش تحت اهو سڀ ڪجهه ڪيو. اسين ذڪر پئي ڪيوسين ته وسيلن جي ڦرلٽ ڪيئن ٿي ٿئي. مُشرف جي دور ۾ نئين نظام تحت اٺن سالن کان ۽ پوءِ هاڻ پ پ دور ۾ به هڪ تنظيم ايم ڪيو ايم سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ هلائي رهي آهي. مشرف سرڪار ڪراچي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ 29 ارب رپيا خصوصي پئڪيج ڏنو جيڪو ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ڪيو ويو. مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڪراچي 2400 چوويهه سئو ميل (اسڪوائر) تي ڦهليل آهي. گڏاپ ٽائون جيڪو نج ٻهراڙي تي مشتمل علائقو آهي تنهن جي پکيڙ 1100 يارنهن سئو اسڪوائر ميل آهي بن قاسم ٽائون به گهڻي حد تائين ٻهراڙي جي علائقن تي مشتمل آهي جنهن جي پکيڙ 700 ست سئو اسڪوائر ميل آهي. 600 اسڪوائر ميل ڪراچي جو نج شهر آهي اوهان کي حيرت ٿيندي ته 29 ارب رپيا ۽ هاڻوڪا مليل پئسا صرف 600 ملين تي خرچ ڪيا ويا جتي ڌرتي ڌڻي 5 سيڪڙو به نه آهن. جتي اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي جيڪي سائوٿ ايشيا مان لڏپلاڻ ڪري آيا هڪڙا 47 ۾ ته ٻيا وري ڪالهه تائين مونابائو ٽرين ذريعي آيل ماڻهن جي بستين کي فائدو ڏنو ويو آهي. تقريباً 350 ڳوٺ گڏاپ جا بجلي کان محروم آهن. 600 ڳوٺن ۾ گئس ناهي. جڏهن ته بجلي ۽ گئس جون لائينون گڏاپ مان گذري شهرن تائين رسن ٿيون. واٽر سيوريج بورڊ سڄي ڪراچي جي لاءِ آهي پاڻي ۽ سيوريج جو نظام اُن جي هٿ ۾ آهي حيرت جهڙي ڳالهه هي آهي ته گڏاپ جي ڳوٺن کي هڪ به ڪنيڪشن ناهي مليو. اٺ سال گذري وڃڻ کانپوءِ به هو محروم آهن. گڏاپ ٽائون جا سمورا وسيلا پاڻي پيئڻ لاءِ کوهه کوٽيا وڃن ٿا ۽ اُهو ئي انهن جو واحد ذريعو آهي زندگي جو. جڏهن ته اهو ڪم واٽر بورڊ جو آهي گڏاپ ٽائون جي نين آبادين غير سنڌي وسندين، جيڪي هاڻ جُڙي راس ٿيون آهن. (1) تيسر ٽائون (2) خدا کي بستي (3) سورجاڻي هائوسنگ اسڪيم (4) لياري ايڪسپريس وي جا متاثر. وارين بستين جي سئو سيڪڙو ڌاريا آباد آهن انهن کي سموريون بنيادي سهولتون مليل آهن. گڏاپ ٽائون هن مهل 10 لک ماڻهن جي آبادي تي مشتمل آهي پر صحت ۽ تعليم کان به محروم آهن. سمورو نظام سٽي حڪومت وٽ آهي. ڪراچي جي ٻهراڙي صحت جي سهولتن کان مڪمل محروم آهي. دوائون اڻ لڀ آهن. ڊاڪٽر موجود ناهن. هاڻ سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ڇا صرف 600 اسڪوائر ميلن تي رهندڙ ماڻهن ئي ڪراچي جو عوام آهي ڇا پليون، انڊر پاس ئي عوام لاءِ بنيادي سهولتون هجن ٿيون. ڪراچي شهري علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ پارڪ ٺاهيا ويا آهن. روڊن کي ويڪرو ڪيو پيو وڃي، هڪ طرف شهر جي غير سنڌي آبادين کي تحفظ ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ته ٻئي طرف ملڪ ڳوٺ صدين کان آباد ماڻهن کي پارڪ، تعليم، صحت جون سهولتون ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر انهن جي کيڏڻ واري فٽبال گرائونڊ کي به زبردستي پُل ۾ تبديل ڪيو ويو. والار ڪئي پئي وڃي. ترقي ۽ خوشحالي جي نالي ۾ هڪڙي نسل جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏنيون پيون وڃن جڏهن ته ڌرتي ڌڻي جن کي لطيف ڳايو، جتان لطيف پنڌ ڪري گذريو، اُهي ماڻهو انگ اگهاڙا، بيمارين ۾ وڪوڙيل، جن کي جناح، عباسي ۽ سول اسپتال ۾ به سورن سان کادو ملندو هوندو اهڙا ڪلور تاريخ ۾ قومن سان ڄاڻي واڻي ڪيا ويندا آهن. سڄي دنيا کي ٻڌايو پيو وڃي ته سٽي حڪومت زبردست ڪم ڪيو آهي. ڪراچي ۾ اصلوڪا ماڻهو ڌرتي ڌڻي 5 ملين کان وڌيڪ ماڻهو جبر جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن.
    شهر جي پُلين تي ڪنهن به قومي هيري جو نالو ناهي رکيو ويو. وسيلن کان محروم سنڌي قوم کي نفرتن جي بٺيءَ ۾ اڇلايو پيو وڃي. ڪياماڙي ٽائون جا سنڌي ماڻهو ته پاڻي پئسن تي وٺي پيئندا آهن. روڊن رستن تي بيهي پاڻي جي ٽئنڪرن کان پاڻي جي خيرات گهرندا آهن ٻڌايو وڃي ته 30 ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ ڪنهن هڙپ ڪئي. ڪراچي وفاق کي 68 سيڪڙو بجيٽ روينيو ڏيندڙ آخر صرف ڌرتي ڌڻي سهولتن کان محروم ڇو جيڪي ماڻهو زباني چون ٿا ته اسين غريب پورهيت ڏتڙيل ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته پوءِ ٻڌايو وڃي ته 5 ملين مقامي سنڌي ماڻهو پاڻي، بجلي، گئس، تعليم، صحت ۽ روزگار کان محروم ڇو آهن. موجوده نالي ماتر جمهوري سرڪار جا چپ ڇو سبيل آهن جن جي قائد وچن ڪيو هو ته غاصب حڪمرانن جي دور جي عوام دشمن نظام کي ختم ڪيو، ڳوٺ ليز ڪبا، کين بنيادي سهولتون ڏبيون.
    اڄ جي ڳالهه هي آهي ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي سنڌين جو ماڳ آهي عارضي طرح سان سازش تحت اقليت ۾ اچي ويا آهيون منظم ٿيڻ جي ضرورت آهي، قومي ٻڌي ۽ جدوجهد لاءِ مُتحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌ سڄڻن کي ظاهري طرح سان ننڍين پر انتهائي بنيادي قسم جي شين تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي جي اصلي روپ کي نروار ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن مقامي سنڌي حاڪم هجن سمورا وسيلا پاڻ وٽ هجن.
    محترم علي حسن چانڊيو صاحب مضمون عوامي آواز ،ڪراچي،سنڌ
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڌرتي ڌڻين سان ويڌن ڇو؟

    ادا نثار ابڙا محترم علي حسن جو هي مضمون هتي ونڊ ڪري تو هڪ زبردست نيڪي جو ڪم ڪيو آهي، اسان ڌرتي ڌڻين سان ويڌن اڄ جي ڪانهي ، جڏهن کان هن سنڌ نگري تي ڌارين ، عربن کان وٺي ارغونن تائين يلغار ڪئي آهي تڏهن کان وٺي اڄ تائين اسان سنڌي ريڊ انڊين وانگر ڪڏهن هِن پار ته ڪڏهن هُن پار، اسان سنڌي ڇڙو ڇڙ، ڪڏهن به ايڪي سان هڪ آواز ، همقدم ٿي ڪونه وريا آهيون، جڏهن به سنڌي هڪ آواز ۽ همقدم ٿي اُٿيا، ته اهي سارا غاصب باقي ڪونه بچندا، اسين مايوس ڪونه آهيون ڌرتي ڌڻين جي آئندي کان۔
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ڌرتي ڌڻين سان ويڌن ڇو؟

    بلڪل سائين اوهان صحيح ٿا فرمايو۔۔۔۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڌرتي ڌڻين سان ويڌن ڇو؟

    رب العالمين کان دعا آهي ته اهڙو ڏينهن آڻي جو اسين سنڌي هڪ مٺ ٿي سنڌ جي واڳ پنهنجن هٿن ۾ وٺي آزادي ۽ خوشحالي جا خواب پورا ڪيون۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو