رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سنڌ جي درد ڪٿا ۽ تهذيب جو ڏينهن
_____________________________
ڪافي
هڪ اک منهنجي مرڪي ٿي هڪ اک منهنجي آلي آ
روح رڙي رانڀاٽ ڪري اندر خالي خالي آ
هي ڏينهن سڀاڳو پيارو پيارو
تهذيب تمدن وارو نيارو
تنهن ۾ مون وٽ سوڳ آهي ساه هي مونکان سوالي آ
ڳڀرو ڳاڙها جوان ڪسي ويا
دردن جا ڪي دوڌ ڏيئي ويا
جيرو جگر هي جلندو رهندو نسبت هي ءَ نرالي آ
او دشمن سنڌ جا ويري ڪيري
ديس وندن تي اک تون ميري
انسانيت جا ليڪا لنگهي ويو انسانيت زوالي آ
خالد هت محمود نه ٻيو ڪو
پيدا ٿيندو ڪين هتي ڪو
پيارو يار و نينهن نيارو سنڌ جنهن کان اڄ خالي آ