محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اڄ نه رڳو سنڌ پر ساري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي، ساليانو ثقافتي ڏينهن ملهائي رهيا آهن ۽ هو پنهنجي شاهوڪار ثقافتي ورثي تي هڪ ڀيرو وري فخر ڪري رهيا آهن جنهن جو کين پورو پورو حق حاصل آهي پر ساڳي وقت هو پنهنجي ايندڙ نسل کي اها به آگاهي ڏئي رهيا آهن ته سنڌي ثقافت دنيا جي شاهوڪار ثقافتن مان هڪ آهي جنهن تي هو فخر ڪرڻ جا حقدارآهن.
هونئن به پنج هزار ورهيه اڳ جڏهن دنيا جهالت ۾ ٻڏل هئي ته ان وقت به سنڌي ثقافت پنهنجي عروج تي هوندي هئي ۽ ظاهر آهي ته ڪابه ثقافت هڪ ڏينهن ۾ پنهنجي عروج تي هرگز ڪونه پهچندي آهي، اهڙي ريت سنڌي ثقافت جون پاڙون 20 يا 25 صديون پراڻيون آهن.
مون کي سٺ واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري جا، اهي ڏينهن اڄ به ياد آهن جڏهن هندوستان کان آيل ڪجھه نادان دوست اسان کي اهو اجايو مهڻو ڏيندا هئا ته هنن ئي اسان کي رهڻ ڪهڻ سيکاريو آهي.
نه رڳو ايترو پر هنن پنهنجي ڪوڙي دعوى کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ تاريخ سان ايڏي ته وڏي هٿ چراند يا ويساهه گھاتي ڪئي جو ان کي تاريخ جو ڪوس ڪوٺجي ته وڌاءَ ڪونه ٿيندو. هنن دنيا جي قديم تهذيب موهن جي دڙي واري ثقافت سان پنهنجو رشتو ڳنڍڻ بدران محمد بن قاسم جي دور تائين، تاريخ کي پنهنجو ڪيو ۽ ان کانپوءِ هنن ملڪ جي ثقافت ۽ ثقافت کي سعودي عرب سان کڻي ڳنڍيو.
جيڪي تاريخ ۽ ثقافت جا ڄاڻون آهن تن کي اها چڱي ريت خبر آهي ته تاريخ توڙي ثقافت منتقل ٿيڻ جوڳيون (نان ٽرانسفربل) حقيقتون هونديون آهن يعني جيڪڏهن سنڌ ڌرتي آهي ته ان جي ثقافت رڳو سنڌ ڌرتيءَ سان ئي وابستا هوندي ۽ نه ئي ڪنهن پريَ واري ملڪ جھڙوڪ سعودي عرب سان. اهڙيون سڀ حرڪتون ملڪ جي پهرين ۽ اڻ چونڊيل وزيراعظم لياقت علي خان جي دور ۾ ڄاڻي واڻي ڪيون ويون ته جيئن لڏپلاڻ ڪري ايندڙ، ڌرتيءَ جي سپوتن تي برتري ثابت ڪري سگھن جيڪا نهايت ئي خطرناڪ ۽ قبوليت نه جوڳي شرارت هئي.
سنڌ جو ثقافتي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي جنهن دوران شاهوڪار سنڌي ثقافت سان چاهه رکندڙ هر هڪ شخص، جيجل سنڌ سان پنهنجي اڻ مٽ محبت جو وچن دهرائي رهيو آهي.
اهابه حقيقت آهي ته زندهه قومون پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت ڪنديون آهن ۽ انهن جي ڦهلاءَ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪنديون آهن پر غاصب قومون يا ٽولا سڀ کان اڳ، مخالفن جي تهذيب ۽ تمدن کان علاوهه انهن جي ادبي خزاني تي به وار ڪندا آهن ۽ دنيا کي اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڌرتي ڌڻي ته جاهل، ڄٽ ۽ غير تهذيب يافتا هئا ۽ اسان ئي اچي انهن کي رهڻ ڪهڻ سيکاريو آهي نه ته هو جانورن وانگيان زندگي بسر ڪندا هئا. بدقسمتيءَ سان گھٽ يا وڌ اهڙي ڪار، سنڌ جي ماڻهن سان ڪئي وئي جن وٽ صدين کان پراڻي شاهوڪار تهذيب ۽ تمدن آهي. اهڙن واقعن جا شاهد، اسان جهڙا ڪيترا سنڌي اڄ به موجود آهن جڏهن ته ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ٽٽڻ کان اڳ، اسان کي اردو اخبارون ۾ اهڙيون خبرون توڙي مضمون عام طور پڙهڻ لاءِ ملندا هئا. انهيءَ کان علاوهه، پبلڪ جاين جهڙوڪ ريلوي اسٽيشنن، بس اسٽاپن، ٽرينن ۽ بسن اندر وغيره تي ٿوري گھڻي ڳالهه تي اسان کي ڌارين جا اهڙا مهڻا اڪثر ٻڌڻ ۾ به ايندا هئا ته هنن ئي اسان کي اٿڻ ويهڻ ۽ تهذيب سيکاري آهي نه ته اسان هت واڻين جا غلام هئاسين ۽ غلامن واري زندگي بسر ڪنداهئاسين.
ٻيو ته ٺهيو پر جڏهن دنيا جهالت ۾ هئي ته ان وقت به سنڌ جا ماڻهو تهذيب يافتا هئا ۽ دنيا سندس اعلى قابليت تي رشڪ ڪندي هئي، اسان جي اڳيان موهن جي دڙي جو مثال آهي جنهن جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب کي دنيا جي سڀ کان پراڻي تهذيب ٻين الاقوامي طور مڃيو ويو آهي، جنهن تي اسان جيترو به فخر ڪريون سو گھٽ آهي پر ساڳئي وقت اها ڳالهه به مڃڻي پوندي ته تهذيبن کي ڪمال ۽ زوال به هوندو آهي ۽ اسان کي پنهنجي اعلى ورثي تي پاڻ کي هر وقت سکڻو پڏائڻ نه گھرجي پر اهڙيون ڪوششون به ڪرڻ گھرجن جو پنهنجي شاندار ثقافتي ورثي کي اڳيان رکندي، اسان هر ميدان ۾ پنهنجن صلاحيتن کي به مڃرايون ۽ دنيا کي ڏيکاريون ته پنج هزار سال پراڻي تهذيب رکندڙ ماڻهن اڄ به پنهنجون شاندار روايتون نه رڳو برقرار رکيون آهن پر انهن تي عمل پيرا ٿيندي پنهنجن صلاحيتن جي بنياد تي پاڻ کي مڃرائڻ جي به اهليت رکن ٿا.
سوال آهي ته هت اهي سڀ ڳالهيون ڪرڻ ۽ ساري دنيا ۾ سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي آخر ضرورت ڇو پيش آئي؟ بهرحال، تاريخي رڪارڊ کي درست ڪرڻ لاءِ هت اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته اردو ٽي وي چينل جي اينڪر پرسن ۽ سندن اردو اخبار رپورٽر، سنڌي ٽوپي پائڻ تي نفرت جو اظهار ڪندي ان تي تنقيد ڪئي هئي جنهن باهه تي پيٽرول هارڻ جو ڪم ڪيو ۽ ڪروڙن سنڌين جي دلين کي رنجايو. هونئن ته اهڙا ميڊيا جا ادارا ڌرتي ڌڻين سان لاتعلقيءَ وارو پنهنجو سلسلو، ورهاڱي (آگسٽ 1947) کان جاري رکندا اچن ۽ موقعو ملڻ تي وار ڪرڻ ۾ به ڪو عار نه ٿا محسوس ڪن پر وقت گذرڻ سان سنڌي تهذيب خلاف نفرت سندن دلين کان مڪمل طورختم ڪانه ٿي سگھي آهي ۽ اهڙي دونهين اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اهڙن ماڻهن جي دلين ۾ دُکي رهي آهي.
مون کي ڪجھه وقت اڳ، اردو اخبار ۾، هڪ وڪيل جو ڪالم پڙهي افسوس ٿيو جنهن ۾ ڪالم نگار، پرڏيهي شخصيتن کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي پيش ڪرڻ تي به اعتراض ڪيو هو. اهڙن موقعن تي محترم پير حسام الدين راشدي مرحوم جا ثقافت جي باري ۾ لفظ ورجائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عام ماڻهوءَ کي سچ جي خبر پئي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ سال 1972ڌاري سرڪاري پاڪستان ٽيليويزن چينل تي ثقافت جي باري ۾ بحث جو هڪ پروگرام ٽيليڪاسٽ ٿيندو هو جنهن ۾ پير حسام الدين شاهه راشدي مرحوم ۽ اردو جو مشهور اديب جميل الدين عالي به شريڪ ٿيندا هئا (ياد رهي ته عالي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ڪراچيءَ کان، سال 1970 دوران چونڊ به وڙهيو هو پر هارايائين). جميل الدين عاليءَ جو چوڻ هو ته هو (مهاجر) پاڻ سان جيڪا تهذيب کڻي آيا آهن سا ئي پاڪستان جي اصل تهذيب آهي جڏهن ته پير حسام الدين راشديءَ مرحوم جو چوڻ هو ته ڪا به تهذيب 20 ـ 25 ورهين ۾ ڪانه ٺهندي آهي.
هاڻ اچو ته ٿورو انهيءَ ڳالهه جو جائزو وٺون ته پاڪستان ۾ جيڪي علائقا شامل آهن تن جي تهذيب ئي پاڪستان جي تهذيب آهي جهڙوڪ سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۽ اڳ اوڀر پاڪستان (هاڻ بنگلاديش)، پر افسوس ته پاڪستان ۾ شامل علائقن جي تهذيبن کي ته نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويو جڏهن ته هندوستان جنهن سان اهي دوست هونئن ته نفرت ڪندا ر هيا آهن، تنهن جي تهذيب کي گلي لڳايائون. مثال شيرواني وغيره جيڪو لباس هندستان جا سربراهه پائن ٿا ۽ اڳوڻو وزيراعظم آنجھاڻي پنڊت جواهر لعل نهرو به پائيندو هو، ڇا تنهن لاءِ چئجي سگهجي ٿو ته هو پاڪستاني لباس پائيندو هو؟
درحقيقت، ورهاڱي کانپوءِ ڦتنو ان وقت پيدا ٿيو جڏهن هندوستان کان لڏپلاڻ ڪري ايندڙن جي هڪ ٽولي، اسلام جي نالي ۾ ٺهيل دنيا جي پهرين ملڪ گڏيل پاڪستان اندر قران جي ٻولي يعني عربي کي قومي ٻولي بڻائڻ کان انڪار ڪيو ۽ زوري زبردستي پنهنجي ٻولي اردو مڙهي ڇڏيائون جڏهن ته اها رڳو لڏپلاڻ ڪري آيل 3 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي مس هئي، اهڙي ريت شيرواني کي قومي ٻولي لباس بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جو اسلامي يا هن علائقي (جت پاڪستان ٺهيل آهي) جي تهذيب سان پري جو به ڪوبه واسطو ڪونه هو. اهي سڀ ڪوششون هڪ خاص ٻولي ڳالهائيندڙن ٽولي پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ ڪيون هيون.
دوري تي آيل پرڏيهي شخصيتن کي اجرڪ ۽ ٽوپي سوکڙيءَ طور ڏني ويندي آهي، جيڪو درحقيقت پاڪستان جي تهذيب کي هٿي ڏيارڻ جي برابر آهي، هن وقت اسان جا سربراهه ۽ ٻيون اعلى شخصيتون سرڪاري دورن دوران انگريزي سوٽ پائن ٿا، ڇا اهو پاڪستاني لباس آهي؟سنڌ جي عوام کي، هڪ خاص گروپ طرفان سنڌي ثقافت تي اعتراض جو ٻڌي افسوس ٿئي ٿو.
اسان جي ملڪ جي اها وڏي بدقسمتي آهي ته سڀ ڪجھه وڃائڻ کان گهڻو پوءِ احساس ڪندا آهيون ته ڏوهه اسان جو ئي هو، جيئن اڄڪلهه ٽي وي پروگرامن کان ظاهر آهي ۽ تازو اهڙا پروگرام، پاڪستان جي نوي هزار فوجين طرفان ڊاڪا ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري ڏينهن ملهائڻ (16 ڊسمبر 1971) دوران ٽيليڪاسٽ ڪيا ويا جن ۾ مڃيو ويو ته سارو ڏوهه اسان (اولهه پاڪستان وارن) جو آهي. بهرحال، اهو ساڳيو ٽي وي گروپ ان وقت به اردو اخبارون جو مالڪ هو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي، سندن مکيه ڪم، قومي حق گھرندڙ اوڀر پاڪستان (هاڻ بنگلاديش)، سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه جي عوام کي ملڪ دشمن، اسلام دشمن، نطرئي پاڪستان جا دشمن وغيره ثابت ڪرڻ ۾ رُڌل رهيو ۽ هاڻ پڇتاءَ جون تريون مهٽي رهيا آهن پر پوءِ به رهيل پاڪستان ۾ قومي مسئلن کي اهميت ڏيڻ تي راضي ڪونهن.
سنڌ جي تهذيب 5 هزار سال پراڻي هئڻ جي باوجود به پاڪستان جي تهذيب جو حصو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ، پاڪستان ۾ شامل آهي جنهن جي ساري دنيا ۾ مشهوري، پاڪستان جي تهذيب کي هٿي ڏيارڻ جي برابر آهي پر افسوس ته اسان جي حڪمرانن توڙي ڪامورن کي اها ڳالهه سمجھه ۾ ئي ڪونه ٿي اچي. مون پي.آءِ.اي جي ڪنٽري مئنيجر جي حيثيت ۾ ڪابل (افغانستان) جي پوسٽنگ دوران پاڪستان ٽوئرزم ڊولپمنٽ ڪارپوريشن جا مشهوريءَ وارا پوسٽر گھرايا ته مونکي موهن جي دڙي کان سواءِ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت وغيرهه جي عڪاسي ڪندڙ ڪو به پوسٽر ڪونه موڪليو ويو، هڪ کان علاوهه رهيل سڀ پوسٽر پنجاب سان واسطو رکندڙ ۽ اتان جي صوبائي سياحت کاتي جا تيار ڪيل هئا جڏهن ته سنڌ جي سياحت کاتي جي ڪارڪردگي انهيءَ سلسلي ۾ ٻُڙي رهي آهي. اهو هو اسان جي سرڪاري ادارن جو رويو!
اسان کي گهرجي ته پاڪستان جي چئني صوبن جي ثقافت کي هٿي ڏيون ڇاڪاڻ ته اهڙن سرڪاري ادارن جي به سخت ڪن مهٽ ڪرڻي پوندي ته پاڪستان رڳو پنجاب تائين محدود ناهي، سڀني کي پنهنجا پنهنجا حق ڏيو جنهن ۾ سڀني جو فائدو آهي.
ڪجهه ورهيه اڳ، سنڌ سرڪار، اجرڪ کي اسڪول يونيفارم جو حصو بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان تي اهڙي ريت عمل نه ٿي سگھيو جهڙي ريت سنڌ اسيمبليءَ طرفان سال 1972 ۾ قانون پاس ڪرڻ جي باوجود لازمي هوندي به سڀني شاگردن کي عملي طور سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي.
هر سال ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو فائدو اهو ٿيو آهي جوسنڌي تهذيب سڄي دنيا ۾ مقبول ٿي رهي آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ملهائجندڙ انهيءَ سالياني ڏينهن سبب، دنيا جي مکيه شهرن ۾ سنڌي ثقافت جي نماءَ جا ميڙاڪا ٿيا جن ۾ مڪاني ماڻهن به ڏاڍي دلچسپي ورتي، انهيءَ سلسلي ۾ مونکي پنهنجو تجربو به آهي ته دنيا جي ڪجهه ملڪن جن ۾ برطانيا (لنڊن)، بنگلاديش (ڊاڪا)، فلپائين (منيلا)، سنگاپور، ٿائلينڊ (بئنڪاڪ)، ڪينيا (نيروبي)، سري لنڪا (ڪولمبو)، آمريڪا (مختلف شهر)، ڪيناڊا وغيرهه ۾ سنڌي ٽوپي پائي ۽ اجرڪ اوڍي ويندو هوس ته مڪاني ماڻهو سنڌي ڊريس ۾ گھڻي دلچسپي وٺندا هئا ۽ ڪيترا ته مون سان گڏ فوٽو به ڪڍائيندا هئا.
اچو ته اسان پنهنجي پنج هزار ورهين واري تهذيب تي فخر ڪريون ڇاڪاڻ ته اسان جي تهذيب کي ساري دنيا، سڀ کان پراڻي تهذيب مڃي ٿي پر ساڳي وقت اها به ڪوشش ڪريون ته پنهنجي تهذيب کي عام ڪرڻ لاءِ پنهنجن ٻارن جي به ان ۾ دلچسپي پيدا ڪريون ۽ ٻين صوبن سان واسطو رکندڙ مهمانن توڙي دوستن کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپيون سوکڙيءَ طور ڏيون.
جيڪي دوست پرڏيهه وڃن ٿا تن کي به گھرجي ته هو پاڻ سان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا کڻي وڃن ۽ ات دوستن کي ڏين. ڪجھه وقت اڳ، منهنجو هڪ فرزند خرم خان سيال جيڪو ماسٽر آف پبلڪه هيلٿ ڪرڻ لاءِ بريڪ يونيورسٽيءَ (جنهن جو واشنگٽن يونيورسٽي سان الحاق آهي)۾ پڙهڻ لاءِ بنگلاديش ويو ته پاڻ سان ڪيترائي اجرڪ کڻي ويو جن کي بنگالين ڏاڍو پسند ڪيو. مان پاڻ به سندس گريجوئيشن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڊاڪا ويس جت واشنگٽن يونيورسٽيءَ جا اهلڪار به آيل هئا ته اتي سنڌي ٽوپي پاتم ۽ اجرڪ اوڙهيم جڏهن ته ان تقريب ۾ ڪيترا آفريڪي شاگرد پنهنجا پنهنجا لباس پائي آيا هئا جن سڀني کي پسند ڪيو ويو.
بهرحال، سنڌي ثقافت کي عام ڪرڻ لاءِ اسان کان جيترو به ٿي سگھي سو ڪريون ڇاڪاڻ ته سنڌي ثقافت نه رڳو شاهوڪار آهي پر اها ساري دنيا ۾ پيار، محبت، امن ۽ ڀائيڇاري کي عام ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي.سچ ته سنڌي ثقافت جو ڏينهن، سڄي دنيا ۾ امن، آشتي،عدم تشدد ۽عالمي ڀائيچاري جي ڏينهن طور ملهائي سگھجي ٿو جنهن لاءِ منهنجي رٿ آهي ته سنڌ جا ڪجھه ادارا، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کي اهڙي تجويز لکت ۾ موڪلن. جيڪڏهن 21 فيبروريءَ کي بنگالين جي جدوجهد جي پوئواريءَ ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن مهايو وڃي ٿو ته پوءِ ڊسمبر جي پهرين آچر کي دنيا جي ثقافتن جو ڏينهن ڇو نه ٿو ملهائي سگھجي؟ ـ روزاني سوڀ 6 ڊسمبر 2014 ـ