منصور سرور
سينيئر رڪن
سرويچ ساريو
سنڌ ۾ نومبر جي مهيني ۽ هلندڙ هفتي دوران ڪيترائي هڪ ٻئي پٺيان جيءُ جهوريندڙ سانحا پيش ٿيندا رهيا آهن، جن سراسري طور پوري سنڌي سماج تي ڪوبه هاڪاري اثر نه ڇڏيو آهي. درندگيءَ ۽ سفاڪيءَ سان ڪيل جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل کان وٺي قومپرست سياسي ڪارڪنن جي سندن ڳوٺن ڏانهن اماڻيل چچريل لاشن جي هڪ پوري قطار تائين، سنڌ ڏانهن هن ملڪ جون مالڪ قوتون هڪ اهڙو نياپو موڪلي رهيون آهن، جنهن جو حاصل مطلب اهو ئي نڪري سگهي ٿو ته:”تشدد امن واري رستي تي نه وٺي هلندو آهي“
جيتوڻيڪ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي سياسي واٽ سان هزارين اختلاف رکي سگهجن ٿا، سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ جي واڌ ۾ سندس پارٽيءَ جو ڪردار نظر انداز ڪرڻ جهڙو نه آهي، پوءِ به جهڙي نموني مخصوص سياسي مفادن جي حاصلات لاءِ سندس بي رحماڻو قتل ڪيو ويو آهي، ان کي نندڻ هر سنڌيءَ پاڻ مٿان هڪ قرض سمجهيو. هو مڊل ڪلاس طبقي سان تعلق رکندي پاڻ مذهبي اڳواڻ هوندي به سنڌ جي روادار قومي سياست سان سلهاڙجي هلي رهيو هو، ممڪن آ، سندس اهو عمل سنڌ ۾ ڪهڙي به مضبوط سياسي قوت نه ڏسندڙ ڌرين لاءِ انتهائي ڳرو ثابت ٿيو هجي، جنهن جي قيمت کيس جان جي نذراني سان ادا ڪرڻي پئي. بنگال ۽ بلوچستان جي سيڪيولر قومي تحريڪن کي هٿيار ۽ مذهبي جنونيت جي ديوَ سان ڪچلڻ جون عادي ڌريون، سنڌي سماج کي مذهبي ۽ جنوني سماج بڻائڻ لاءِ پنهنجا هزار حُربا هلائڻ باوجود اڃا پنهنجا من پسند نتيجا نه ماڻي سگهيون آهن، ۽ ان راهه ۾ سنڌي ماڻهن ۾ ڪنهن قدر پنهنجي هاڪاري جاءِ جوڙيندڙ مذهبي اڳواڻ َ به انهن لاءِ قبولڻ جوڳا ناهن؛ ڇاڪاڻ ته کين ملندڙ عوامي موٽ پنهنجي اصل آقائن جي هر منشا پوري نه ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي.
ملڪ ٺهڻ کان پوءِ جهڙي نموني سنڌ ون يونٽ، ايم آر ڊي واري تحريڪ دوران پاڻ ملهايو؛ يا ڪالا باغ ڊيم خلاف نواز شريف جي گذريل دور ۾ سگهاري ۽ پُرامن جمهوري جدوجهدون هلايون. سنڌين جون جمهوريت جي بحالي، آئيني برابري ۽ بنيادي انساني حقن جي آزاديءَ لاءِ ڪيل اهي ڪامياب جدوجهدون، ڳچ وقت گذرڻ باوجود سنڌين جي ويري قوتن لاءِ اڄ به ڀوائتن خوابن مثل آهن ۽ مختلف حيلن ۽ حڪمت عملين سان هو سنڌين جي سياسي سگهه کي ته عارضي طور مرڻينگ ڪري چڪا آهن، پوءِ به هو سنڌين جي امڪاني ٻڌيءَ کان ايڏو ته ڊڄن ٿا جو کين سندن ڀروسي وارو سنڌي به ڪنهن مضبوط پوزيشن ۾ قبول ناهي؛ ۽ قومي سياست ته ٺهيو، پر اسٽيٽس ڪو جون حامي پڻ وفاقي سياست ڪندڙ پارٽين يا مذهبي پارٽين ۾ موجود اهم سنڌي اڳواڻن کي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.
ملڪ کي ايٽمي قوت بخشيندڙ ۽ دشمن ملڪ وٽ قيد بڻيل 90 هزار فوجي آزادي ڪرائيندڙ سنڌين، پٺاڻن ۽ بلوچن کي ڪاٺ ۾ وجهڻ وارو ۽ مٿن”ملڪي مفادن“ جي نالي ۾ جنگيون مڙهي نسل ڪشي ڪرڻ وارو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو رڳو ڦاهيءَ تي ان ڪري چڙهي وڃي ٿو، جو سندس مٽي مُهين جي ان خمير مان ڳوهيل هئي، جيڪا اوکيءَ ويل پنهنجن ماڻهن سان دغا ڪرڻ جي ريت کان، صدين کان آجي هئي؛ ۽ ملڪ جي خائف قوتن کي خطرو اهو ئي هو ته :”رت ڪهڙي به وقت دانگيءَ تي وري سگهي ٿو“.
ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم بينطير ڀٽو، ”لاهور ۽ لاڙڪاڻي“ ۾ زمين آسمان جيڏو فرق محسوس ڪندي به،”لاڙڪاڻي“ وارن جون سموريون جائز خواهشون پاسي تي رکي، ”لاهور“ وارن جي هر مرضيءَ آڏو پاڻ جهڪايو، پوءِ به اها سرعام سر شام گولين ۽ بمن جو بک بڻجي وڃي ٿي، سندس ڏوهه هن ملڪ پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ وارو پهريون ٺهراءُ منظور ڪرائيندڙ قوم مان هجڻ ۽ ان قوم جي دلين جي ”راڻي“ هجڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هو.
گڏيل هندستان ۾ 1937ع وارن چونڊن دوران سنڌ ۾ ”مسلمانن جي جماعت“ رڳو هڪ سيٽ حاصل ڪرڻ جي اهليت رکندڙ هئي، ان جماعت کي مسجد منزل گاهه معاملي کي اٿاري، تڏهوڪي سنڌ دوست سُچيت حڪمران الله بخش سومري سان مهاڏو اٽڪائي، کيس اقتدار جي ڪرسيءَ تان گهر ڀيڙو ڪرائي، ڏسندي ئي ڏسندي، مسلم ليگ کي صوبي جي سڀ کان مقبول پارٽي بڻائڻ ۽ پاڪستان جي حاصلات واري مقصد کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 1940 ع واري ٺهراءَ جي حمايت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ کان وٺي سنڌ اسيمبليءَ مان نئين ٺهندڙ ملڪ جي حمايت ۽ حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ تائين، مسلسل جاکوڙي ڪردار رهندڙ ، جي ايم سيد، پنهنجي ڄمار جو ڳچ عرصو، نئين ٺهيل ملڪ ۾ قيد ۽ بند ۾ رهڻ تي ان لاءِ ئي مجبور ڪيو وڃي ٿو، جو سندس شخصيت ۾ اهي سڀ خوبيون سمايل هيون، جيڪي ڪنهن به وقت عوام کي ، نئين ٺهيل ملڪ تي ، اڪثريت کي طاقت سان دٻائي، قبضو ڪري ويٺل اقليت سان ٽڪراءَ ۾ آڻي پئي سگهيون، تنهن ڪري هو ملڪ جي بانيڪارن مان هجڻ باوجود ملڪ لاءِ ”سيڪيورٽي رِسڪ “ بڻجي، پنهنجي حياتيءَ جي آخري هڏڪي به قيديءَ جي حيثيت ۾ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو هو.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شهيد فاضل راهو، شهيد نذير عباسي، مير مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، شهيد بشير قريشي ۽ هاڻي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، به ان لاءِ ئي وقت کان اڳ پنهنجا سر گهورڻ تي مجبور ڪيا ويا جو سندن وڏي ۾ وڏو ڏوهه اهو ئي هو ته هو نه رڳو ”سنڌي“ هئا، پر وٽن اڳواڻي ڪرڻ ۽ عوام کي متحرڪ ڪري هڪ قوت ۾ تبديل ڪرڻ جا سمورا گُڻ هئا، جيڪي ڪنهن به وقت ملڪي آئيني فريم ورڪ ۾ رهندي به پنهنجن ماڻهن جي انساني، آئيني ۽ برابريءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ هن ملڪ جي اڪثريتي عوام جي حقن تي راتاهو هڻي، جاوا ڪندڙ ڌرين لاءِ للڪار بڻجي سگهن ها.
سنڌ، نه بلوچستان آهي، نه بنگال؛ ۽ نه وري سنڌين جو مزاج ئي ڪڏهن بلوچن ۽ بنگالين جهڙو رهيو آهي ؛ ۽ سنڌين جي اڪثريت جو سهڪار ملڪ جي پوري تاريخ ۾ وفاقي سياست جي حامي، اسٽيٽس ڪو جي مهندار قوتن سان رهندو آيو آهي؛ سنڌين جي پ پ سان ”غير مشروط“ محبت، ان جو وڏي ۾ وڏو مضبوط دليل ۽ مثال آهي ؛ ۽ پ پ کان ڪٽيل سنڌي وڏيرا ۽ ووٽر به ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي ڇانوَ هيٺ رهندا آيا آهن؛ پوءِ به ملڪ جي مالڪ قوتن جو ورتاءُ، سنڌين سان ناواجبي رهندو آيو آهي. ملڪ ٺهڻ سان ئي سنڌ جو خودمختيار وجود هليو ويو، سنڌي هندو ڌرتيءَ ڌِڪاڻا ٿي پاڙئون پٽجي ويا، ڪراچيءَ کي ملڪ جي راڄڌاني بڻائي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو؛ سنڌي هندن جون ڇڏيل اُملهه ملڪيتون، محلن جهڙا گهرَ، شهرن اندر پاڙن جا پاڙا ڪُوڙن ڪليمن ذريعي کسجي ويا؛ سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري ۽ دفتري ٻوليءَ وارو رتبو ملياميٽ ٿي ويو؛ ون يونٽ مڙهي سنڌ جو وجود ميساريو ويو ۽ ون يونٽ وارو پورو دور سنڌين لاءِ شيخ اياز چواڻي ”سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو“ واري صورتحال وانگر رهيو ؛ جنهن به پنهنجي وطن، قوم، عوام ۽ ٻوليءَ جي ڳالهه ڪئي، اهو غدار ليکيو ويو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مَچ جيل ۾ سَڙِي سَڙِي صحت وڃائي ويٺو، جي ايم سيد زندگيءَ جو چوٿون حصو نظربنديءَ ۾ گذاريو، رسول بخش پليجو يارنهن سال ڪاٺَ ۾ رهيو، ڪامريڊ غلام محمد لغاري به ملڪي تاريخ جو ڊگهو عرصو قيد ۽ بند جون عقوبتون ڀوڳيندو رهيو؛ ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ جا فرشتن جهڙي معصوم فطرت رکندڙ شاعر ، اديب ۽ دانشورَ ، شيخ اياز، ابن حيات پنهور، رشيد ڀٽي ، طارق اشرف، بدر ابڙو، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا قومي قلم ڌڻي ڪال ڪوٺڙين ۾ رهيا؛ موري، ميهڙ، دادوءَ، ڪَڪَڙ َ، خيرپور ناٿن شاهه، پنهل چانڊيي، ٽوڙهي ڦاٽڪ ، ڪراچي ۽ حيدرآباد وغيرهه جهڙن ٻين سنڌ جي اڻ-ڳڻ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ برپا ٿيل محشر جي ميدانن جو ذڪر به وسارڻ جوڳو هرگز به ناهي؛ ته ان سڄي معاملي ۾ ملڪ جي مالڪ قوتن جون ”ڪارگذاريون“ سوچيندي به ڄڻ آنڊا وات ۾ اچي وڃن ٿا.
سنڌين سان رڳو ايترا ”ڀالَ“ ڀلايل هجن ها ته به چڱو؛ سنڌ جي سياست کي ڪرپٽ ڪرڻ، سياسي پارٽين ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرائڻ، ڪوڙا سُورما پيدا ڪرائي حقيقي سياسي جدوجهدن کي تباهه ڪرڻ سان گڏوگڏ معاشي ڦُرلٽ، سماجي ڀڃ ڊاهه ڪرائڻ، سنڌ ۾ قومي ۽ طبقاتي جمهوري سوچ جا سِلا اسرندي ئي ساڙي، ذات پرستيءَ ۽ قبائليت ۽ مذهبي جنونيت کي وڌائڻ جهڙن منصوبن تي به پوري سچائيءَ سان ڪم ڪيو ويو آهي.
بلوچستان کان پوءِ سنڌ ۾ به چچريل لاشن موڪلڻ جو وڌيل سلسلو، حقيقت ۾ ملڪ جي مالڪ قوتن پاران سنڌي سماج کي وڌيڪ انتهاپسنديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪيرائڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ رياست جون اهڙيون ڪارروايون، ملڪي سلامتيءَ لاءِ هرگز به فائديمند نه ٿيون ٿي سگهن، انهيءَ ڪري رياست کي پنهنجي ان حڪمت عمليءَ جو مستقل ملڪي مفادن جي روشنيءَ ۾ نئين سِر جائزو وٺڻ گهرجي.
سنڌ ۾ تاءَ واري پيدا ٿيل تازي صورتحال تي سنڌ حڪومت پاران ڪجهه نه ڪڇڻ پڻ ٻرنديءَ تي تيل هارڻ برابر آهي. اهو سنڌ حڪومت جو فرض آهي ته اها انهن ادارن وٽ آواز اُٿاري، جيڪي سنڌ جي نوجوان سياسي ڪارڪنن جا چچريل لاش مسلسل موڪلي رهيا آهن ؛ سنڌ جو وڏو وزير جنهن وٽ صوبي جي گهرو وزارت جو قلمدان به آهي، ان سڄي معاملي کان جهڙي نموني اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، دراصل سندس اها مجرماڻي ماٺ ، سندس پارٽيءَ جون پاڙون سنڌي عوام جي پاتال مان پٽي رهي آهي، ۽ پنهنجن ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهندڙ پارٽي، پنهنجي سياسي سگهه کي پاڻ ئي ماري ٿي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان گڏ مسلم ليگ (ن) توڙي تحريڪ انصاف جي ان سڄي معاملي ۾ اڻ-حدي لاپرواهي سنڌين کان ڳجهي نه پئي رهي، ۽ انهن، ملڪ جي پاپولر پوليٽڪس جي اسٽيڪ هولڊر ڌرين جو گڏيل جوابداراڻو رَويو، تاريخ مان ڪجهه نه سکڻ وارو رَويو آهي، جنهن جا اوس اڳرا نتيجا نڪرڻا آهن.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هاڻوڪي برقي دور ۾ ”گوريلا ويڙهه“ جو ڍونگ رچائيندڙ ڌرين کي به سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته هن دور ۾ هٿيارَ، سياسي مقصدن جي حاصلات جو حل ناهن؛ پرامن جمهوري جدوجهد ذريعي سياسي سگهه ۽ طاقت جي تخليق سان ئي مقصدن جي رسائيءَ ۾ اڳ ڀرائي ٿئي ٿي، سرد جنگ واري زماني ۾ دهشتَ جي واٽ، ڪنهن به جدوجهد جي ابتدا نه پر انتها هوندي آهي. ايٽمي قوت رکندڙ طاقتن سان مقابلو، ڪِريڪرن سان نه، سياسي ڏاهپ ۽ مضبوط تنظيم ڪاريءَ سان ممڪن آهي، جديد آٽوميٽڪ هٿيارن جي گوليءَ جي اڏام ۽ اثر، پٿر ۽ ڀتر جي اڏام کان هزارين ڀيرا اوچي ۽ اثرائتي آهي؛ ”ويڙهه“ ڪهڙي به هجي، ڪهڙي به نوعيت جي هجي، ڪهڙي به ميدان تي وڙهجي، پر اها ”ويڙهه“ وڙهڻ کان اڳ، پنهنجي ۽ پنهنجي مخالف جي طاقت جي ڪٿ ڪرڻ لازمي هوندو آهي، مقصد، منزل تي پهچڻ هجي ته واٽَ، پنهنجي وس ۽ وت آهر وٺڻ گهرجي، وکون پنهنجي سگهه جي بنياد تي کڻڻ گهرجن، سياسي تربيت، تياري ۽ تنظيم ڪاريءَ کان سواءِ سکڻيون ٻٽاڪون، هوا ۾ لٺيون هڻڻ برابر آهن. ۽ ڪجهه جاين تي ساڳي وقت ڪريڪر ڌماڪا ڪرڻ، ڪا گوريلا ويڙهه نه، پر بي وقوفي آهي؛ گوريلا روڊن تي ناهن ايندا، جلسن جي اڳواڻي ناهن ڪندا، ريليون ناهن ڪڍندا، يونيورسٽين ۾ ناهن پڙهندا، گوريلا ته اڻڄاتل هوندا آهن، گم هوندا آهن، محفوط ٺڪاڻن ۾ رهندا آهن ۽ مخالف جي رسائيءَ جي سمورن ذريعن کان پري هوندا آهن. اوهين ڪهڙا ”گوريلا“ آهيو؟، جيڪي هڪ هڪ ٿي ختم ٿيندا پيا وڃون ۽ پورو سنڌي سماج هڪ ڪامياب نشاني تي آڻي چڪا آهيو؟ ، اهو سڀ ڪجهه لاشعوري پيو ٿي، يا اوهان کي سنڌي-دشمن قوتن ڪنهن خاص ٽاسڪ سان لڳائي ڇڏيو آهي؟، سنڌي ماڻهو جواب طلبي ٿو.
سنڌ کي بلوچستان واري صورتحال ڏانهن ڌڪجڻ کان بچائڻ لاءِ قومي سياسي ڌارا سان سلهاڙيل پارٽين ، دانشورن ، اديبن ، وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائٽيءَ جو فرض آهي ته اُهي انساني حقن لاءِ پتوڙيندڙ ادارن سان لهه وچڙ ۾اچن، کين ميڊيا جون رپورٽون موڪلين ته جيئن اهو سنگين مسئلو عالمي فورمن تي کڄي سگهي، ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ جي صوبائي ۽ وفاقي پارٽين تي پڻ ڀرپور دٻاءُ وڌائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن هن بدترين دهشتگرديءَ کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪي، سنڌي سماج کي، ستيا ناس ٿيڻ کان اڳ بچائي سگهجي ٿو؛ ۽ ڪنهن به ڌر جي سياسي اڳواڻ يا ڪارڪن جي قتل خلاف گڏيل سگهه ٺاهڻ ۽ ان جو سگهارو پرامن جمهوري طريقن ذريعي اظهار ڪرڻ سان پنهنجي قوم کي وڌيڪ ٿيندڙ جاني نقصانن کان بچائي سگهي ٿو.