منصور سرور
سينيئر رڪن
مهتاب اڪبر راشدي
جڏهن اسد امانت علي پنهنجي پرسوز آواز ۾ ڳائيندو هو ”سرخ گلابان دي موسم وچ، ڦُلان دي رنگ ڪالي“ ته دل تي ڄڻ ڌڪ لڳندو هو ڳاڙهي گلاب جورنگ ڦِري ڪارو ٿي وڃڻ واري تنبيهه، غم جي انتها وانگر سامهون اچي ٿي وڃي. ويندڙ سال جو هي آخري مهينو، پاڻ سان گڏ غم و حُزن جي موسم کڻي آيو آهي. مکڙين کِڙڻ جي موسم ۾ ٽارين تي ڪنڊا نڪري آيا آهن.
سنڌ درد جي وادي بڻجي، نئين سال کي کيڪاريندي، جن جي گهوٽ بڻجڻ جا ڏينهن هئا، سي ڳاڙها زخم سيني تي کائي لحد ۾ لهي ويا، جڏهن کنڀيا ويا، تڏهن به هنن جي گهر ڀاتين جون دانهون ڪنهن نه ٻڌيون ۽ جڏهن ويرانن ۾،رات جي پوئين پهر هنن جا لاش اڇلايا ويا، تڏهن نه حڪومت ۽ نه ئي رياست جي ڪنهن ذميوار ماڻهوء جي وات مان ڪو گفتو ئي ٻڌڻ ۾ آيو. ايئن ڄڻ ته اهي نه هن ملڪ جا باشندا هئا ۽ نه ئي سنڌ ڄاوا هئا.
اهي ڪير هئا؟ مان گهڻن کي ته ذاتي طور تي نه سڃاڻان، پر اها خبر اٿم ته هنن جو جنم سنڌ جي مٽيءَ جي خمير مان ٿيو هو. هنن جي نينهن جو ناتو به انهيءَ ڌرتيءَ سان ئي رهيو. هنن آخر اهڙو ڪهڙو جرم ڪيو هو، جنهن جي سزا صرف موت ئي ٿي سگهي پئي!
هن دور ۾، جڏهن انساني حقن جي چارٽر تي مملڪتِ خدا دادِ پاڪستان جون، اقوامِ متحده جي رُڪن هئڻ جي حيثيت سان صحيح ڪيل آهي، تڏهن تهذيب يافته ملڪ ۽ قوم هئڻ جي حيثيت سان، هن کي اخلاقي طرح سان ان جي پابندي ڪرڻ لازم آهي.
پوءِ اهو ڪهڙو سبب آهي جو انهن ڏکوئيندڙ موتن ۽ غير قانوني طرح سان بنا وارنٽ، نوجوانن کي کنڀي کڻي وڃڻ واري عمل تي حڪومت تحرڪ ۾ نه ٿي اچي. ان جو جواب ڳولهبو ته ٻه جواب ئي ٿي سگهن ٿا. هڪ اهو ته اهو سڀ ڪجهه حڪومت پاڻ ئي ڪري پئي. ۽ ٻيو اهو ته، حڪومت کان مٿي به ڪا حڪومت ِآهي جنهن کان ڪنهن به سبب جي ڪري، حڪمران پڇاڻو نه ٿا ڪري سگهن.
پهرئين ڏنل جواب لاءِ، جمع واري اسيمبلي اجلاس ۾ وزيرِ جيل خانه جات ۽ اينٽي ڪرپشن، تڪي توري اهو جواب ته ڏئي چڪو آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته حڪومت انهن معاملن ۾ ملوث آهي، پر جيڪي قوتون اهو ڪم ڪن پيون، تن کان (لڳي پيو) ته هو واقف ضرور آهي. پر انهن جو نالو ته پاڻ به ڪونه کنيائين.
پر گڏوگڏ اهو به چيائين ته رڳو مخالف پارٽيءَ وارن کي ئي ان ڳالهه جو درد ناهي پر اسان کي ان جي تڪليف آهي ۽ ”سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم“ عوام سان ٿيندڙ ان زيادتي جي باري ۾ وزيراعليٰ جي سامهون اهو مسئلو ضرور اٿاريو ويندو. اهو به چيائين ته اسان سنڌ جا سپوت آهيون، ان معاملي کي صحيح نموني سمجھون ٿا ۽ خواهه مخواهه جي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪئي وڃي.
سندس سڄي تقرير۾ مون کي سندس هي اعتراف ته سنڌ جو عوام ”مظلوم ۽ محڪوم“ آهي، سندس ان سچ جو مظهر لڳو، جيڪو غالبن سندس لاشعور ۾ موجود آهي.حڪمران پارٽيءَ جي معنيٰ خير خاموشي ۽ ان معاملي تي، وزير اطلاعات جي حڪومتي ترجمان جي حيثيت ۾ ڪوبه پاليسي بيان نه ڏيڻ، بلڪه تمام سمجھداريءَ سان ان سڄي معاملي کي نظرانداز ڪرڻ، ان ڳالهه جو مظهر آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ان سلسلي ۾ ڪوبه بيان جاري نه ٿي ڪرڻ چاهي، يا وري، هُو ان سڄي الميي کي ڪو الميو سمجھن ئي ڪونه ٿا.
سنڌ جي حقن جي هي دعويدار ۽ ٺيڪيدار حڪومت جي لاڳيتن ستن سالن جي دور حڪومت ۾ سنڌي عوام کي ”مظلوم ۽ محڪوم“ ڪرڻ جو ڪارنامو به سندن ئي کاتي ۾ اچي ٿو.
مصالحت، مصلحت ۽ مفاهمت جي پاليسيءَ ۽ جمهوريت کي بچائڻ لاءِ سنڌين جي حقن تي سوديبازي ڪرڻ به هاڻي ڪنهن کان ڳجھو نه رهيو آهي. جنهن پارٽيءَ سان پنج سال گڏ ويهي حڪومت ڪيائون۽ پنهنجي خراب حڪمراني جا هڙئي اڳيان پويان رڪارڊ ٽوڙيائون، انهن سڄڻن کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ، سندن ڪچا چٺا به پاڻ ئي پيا کولين. هڪ ٻئي جي افعالن ۽ ڪارنامن کان واقف به سڀئي آهن جو ”حمام“ ۾ سڀني جو حال ساڳيو آهي، پر ان سڄي ”شخصي“ سوديبازي ۾ سنڌ وڃي بگهڙن جي وات ۾ پئي آهي. نه تعليم، نه صحت، نه صنعت، نه زراعت، نه تجارت ۽ نه امن نه امان.
سنڌ جي سياست جو نه اَٿو نه مَٿو، پيپلزپارٽي پنهجي مقابلي ۾ ٻي ڪنهن سياسي قوت کي اُسرندو نه ڏسي ان اطمينان ۾ سنڌ جي ماڻهن جي استحصال تي سندرو ٻڌي بيٺي آهي ته هنن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪا موثر سياسي قوت سنڌ ۾ موجود ئي ناهي ته ڳڻتي ڇا جي؟
عمران خان به پنهنجي سنڌ ۾ سياست جي اچڻ جو هڪ ٽريلر ته ڏيکاريو آهي، پر ”پڪچر“ اڃا باقي آهي. في الحال ڪجهه چئي نٿو سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو، حڪومت پنهنجي بدعملي، ڪرپشن۽ غلط اندازن ۽ پاليسين جي ڪري ٿر جي صورتحال تي به اڃا پورو ضابطو نه آڻي سگهي آهي، وري هڪ شعر جي مصداق ته:
ڪچهه شهر دي لوگ وي ظالم سن
ڪچهه سانون مرڻ دا شوق وي سي
افعال بڇڙن ۾ وري هڪ تازو ترين فيصلو اهو به ڪيو ويو ته سترهين گريڊ جون پوسٽون جيڪي پبلڪ سروس ڪميشن جي معرفت ڀريون وينديون آهن. سي اُن جي دائري ڪار مان ڪڍي. جناب وزيراعليٰ صاحب جي صوابديد تي رکيون وينديون. ته جيئن چاهي، جنهن کي چاهي، هو صاحب سترهين گريڊ جي نوڪريءَ سان نوازي.
يعني ”ميرٽ“ جيڪو سنڌ ۾ هڪ جنسِ ناپيد مثل آهي. تنهن جي بچيل کُچيل ناموس جي جنازي ڪڍڻ جو پورو اهتمام ڪيو ويو آهي. ان حڪومتي فيصلي کي بشمول ايم ڪيو ايم، ڪافي ڌريون ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري چڪيون آهن، پر حڪومت پنهنجي ان بدنيتيءَ واري فيصلي ۽ عمل تي نه شرمنده آهي ۽ نه ئي ان کي ڪا پريشاني آهي ته سندن اڄ ڪيل فيصلن جا مستقبل تي جيڪي ناڪاري اثر پوڻا آهن تنهن کي حال ۽ مستقبل جو رخ ڪيئن ڏسندو.
سنڌ ۾ زراعت جو هونئن به ٻيڙو ٻڏل آهي، آبادگار ڪجهه به پوکي، حڪومت انهن جي محنت کي تحفظ ڏيڻ ۽ همت افزائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.وري سندن تازه ترين قدم، ڪمند جي قيمت مقرر ڪرڻ آهي. پنجاب ۾ ڪمند جي في مڻ قيمت 182 رپيا مقرر ٿي آهي ۽ اتي جو چيف منسٽر ڏنڊو کنيو ويٺو آهي ته آبادگارن جي محنت تي ڌاڙو نه لڳندو. ٻئي طرف سنڌ ۾، وري قيمت 152 رپيا مقرر ٿي، ڇو؟ ان ڪري ته جيڪڏهن اڻويهه، ويهه شگر ملون ڪنهن هڪ ئي شخص جون هجن ۽ اهو صوبي جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ به هجي ته اُتي آبادگارن سان اهڙي ئي ويڌن ٿيڻي آهي.
اسيمبليءَ ۾ حڪومتي پارٽيءَ جي ميمبرن به رڙيون ڪيون ۽ اجلاس مان واڪ آئوٽ به ڪيو، مخالف ڌر جي ميمبرن کي نه ڳالهائڻ ڏنون ويو نه قرار داد آڻڻ جي اجازت ملي. پر اهڙي فيصلي ڪرڻ وارن کي پنهنجا شخصي مفادات ته سمجهه ۾ اچن ٿا پر جيڪي وقتي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ته ٺيڪ آهي. پر شايد مستقبل تي نه کين ويساهه آهي ۽ نه ئي ڏور رس پاليسي ٺاهڻ ۾ سندن دلچسپي، اهي ئي آبادگار، پنهنجي پوکيءَ جو صحيح معاوضو نه ملندو ڏسي، جيڪڏهن ڪمند پوکڻ ئي بند ڪري ڇڏين ته انهن، اڻويهه، ويهه شگر ملين جو حشر ڇا ٿيندو؟ ڇا اُهي وري پنجاب مان،سندن منهن گهُرئي معاوضي تي ڪمند گهُرائيندا يا مليون بند رکندا؟
مطلب ته سنڌ هر طرح، هڪ بدترين، بدانتظاميءَ واري دور مان پئي گذري. امن امان جو ڏڪر، ميرٽ جو جنازو، تعليم جي تباهي ۽ انساني حقن جي لتاڙ، صحت جي شعبي جو خانو خراب. معتدي بيماريون ته پنهنجي جاءِ تي پر، ڪاري ڪامڻ سبب جهڙي نموني ماڻهو مرندا ٿا وڃن، اڃان اهي ڪهاڻيون ايڏي شد مد سان سامهون آيون ئي نه آهن.
سو صاحبو! سنڌ جو هيءُ دور، پنهنجن جي هٿان مرڻ جو دور آهي. حال، مستقبل لاءِ موت ۽ اونداههِ مثل آهي. انصاف جو حصول ڪنهن خواب مثل آهي. پوليس گردي، سڪهِ رائج الوقت آهي. نوڪريون پئسن تي، عزتن جو وڪرو، دين جو وڪرو، دين جي نالي ۾ ايمان جو وڪرو ۽ مفاهمت جي نالي ۾ سنڌ جي وسيلن جو وڪرو ۽ رياست جي سلامتيءَ جي نالي ۾ ڳڀرو جوانن جي لاشن جو وڪرو، اِها آهي اسان جي سنڌ امڙ، جنهن ۾ گلابن ٽڙڻ بند ڪري ڇڏيو آهي…..جتي گُلن جو رنگ ڪارو ٿي ويو آهي