انساني شعور ۽ آزادي جي سبقن سان ڀريل ڪربلا وارو واقعو هميشه حق ۽ باطل جي سڃاڻپ جو اعلي اهڃاڻ رهيو آهي. ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام مختصر ساٿي هوندي به وقت جي طاغوت سان توحيد جي بقا ۽ دين جي زندگي لاءِ اها جنگ لڙي. جنهن حسيني ٽولي کي قيامت تائين لاءِ امر بڻائي ڇڏيو. امام حسين عليه السلام پنهنجي نانا امام الانبياء سيد المرسلين، وجهه تخليق ڪائنات، حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه و آله وسلم ۽ پنهنجي بابا امير المومنين حضرت علي عليه السلام کان اهو سبق پرايو هئو ته اگر دين محمدي تي ڏکيو وقت اچي، سنتن جي جڳهه تي بدعتون گهيرو ڪري وڃن ته اتي هڪ نيڪ ۽ صالح مومن ۽ مسلمان جي ذميواري آهي ته پنهنجي جان، مال ۽ اولاد قربان ڪري به ديني تقدس ۽ شعائر الهي جي حفاظت ڪري. ۽ واقعا امام ائين ئي ڪيو. هلندڙ جنگ ۾ ۽ تيرن جي برسات ۾ به وقت تي نماز ادا ڪري اهو ٻڌايو ته دين اسلام ۾ خدا جي بندگي جو ڇا مقام ۽ مرتبو آهي. پنهنجي پيارن جون قربانيون ڏيڻ کان پوءِ به زبان تي شڪر جا جملا ادا ڪري عبديت جي معراج واري منزل کي بيان ڪيو. ها عزيزو جنهن امام حسين خدا جي دين لاءِ پنهنجو هڙ لٽايو. خدا به مومنن جي دلين ۾ ان امام لاءِ اهڙي محبت قرار ڏني جيڪا قيامت تائين سندس عاشقن جي جيئڻ جو سهارو رهندي. ان محبت جو اعلي مثال ڏسڻ لاءِ اچو چهلم جي ڏينهن ۾ ڪربلا جو رخ ڪريون ڏسون ته ماڻهن جي امام سان ڪيتري محبت آهي. هاڻي مان چهلم جي ڏينهن ۾ ڪربلا جو اکين ڏٺو احوال پيش ڪري رهيو آهيان. رستي ۾ ننڍڙيون ٻارڙيون نياز کڻي مومنن ڏانهن واجهائيندي مون کي ٽي سال مسلسل 2011،12 ۽ 2013 ۾ چهلم تي مولا حسين عليه السلام جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو آهي. ۽ ٽئي سال نجف اشرف کان ڪربلا معلي 85 ڪلوميٽر پيادل سفر ڪيو آهي. ڪربلا ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان هڪ چونڪ تي ويهي ساهي پٽيندي چهلم جا ڏينهن قريب ايندي ئي پوري عراق جا مومن يا ڪجهه ٻاهرين ملڪن جا مومن اچي رستن تي پيادل سفر ڪرڻ وارن جي کاڌ خوراڪ طعام و قيام لاءِ ڪئمپون لڳائيندا آهن. تقريبا وڌ ۾ وڌ هر اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي نياز ننگر جو اهتمام آهي. نجف کان ڪربل ويندي رستي ۾ مومنن اصرار ڪيو ته اسان وٽ نياز کائي پو اڳتي وڃو. اتي وڇايل دسترخوان ۽ مومنن جي مهمان نوازي جو هڪ دلڪش منظر ۽ هر سئو قدم تي قهوهه چانهه جو انتظام آهي. ٿوري ٿوري فاصلي کان پوءِ ڪرسيون پيل آهن ته جيڪڏهن ڪو زوار سفر ۾ ٿڪجي پوي ته ويهي رهي. ٿوري ٿوري فاصلي تي قالين وڇايل آهن ته جيئن مسافر ويهي يا سمهي آرام ڪن. مختلف جاين تي ٿڪجي پيل يا پيرن ۾ ڇالا پيل مسافرن لاءِ ميڊيڪل ڪئمپس جو اهتمام آهي. پيادل زيارت لاءِ جيڪي نجف کان ڪربلا ويندا آهن. اهي معمولا صبح جو نماز پڙهي ناشتو ڪري ۽ سج ٿورو مٿي اچڻ مهل سفر شروع ڪندا آهن ۽ مغرب جي نماز وقت جتي پهچندا آهن اتي ئي آرام ڪرڻ لاءِ رات رهي پوندا آهن تقريبا هر 100 قدم تي رهائش جو به انتظام آهي. ان ڪري جو ماڻهو تمام گهڻا هوندا آهن. انهن جي گم ٿيڻ جو خدشو هوندو آهي تنهن ڪري نجف کان ڪربلا تائين پيادل سفر ڪندڙن لاءِ الڳ رستو ٺاهيو ويو آهي ۽ بجلي جي ٿنڀن تي نمبر لڳايا ويا آهن پوءِ سفر ڪندڙ نڪرڻ مهل ٻين ساٿين سان طئي ڪندا آهن ته فلاڻي نمبر ٿنڀي وٽ ساهي پٽيندا سين ۽ ملندا سين. نجف کان ڪربلا تائين تقريباً ساڍا چوڏهن سئو ٿنڀا آهن. ننڍا ٻار، نوجوان توڙي پوڙها مرد ۽ عورتون چوويهه ڪلاڪ زوارن جي خدمت لاءِ موجود هوندا آهن. منٿون ڪري چانهه پيارڻ، ماني کارائڻ ۽ ترسائڻ انهن جو معمول هوندو آهي. رستي ۾ هر ماڻهو فداڪار نظر ايندو آهي. ماني کارائڻ، چانهه پيارڻ ۽ فروٽ کارائڻ کان علاوهه جنهن جي جيتري سگهه هوندي آهي ايتري خدمت ڪندو آهي ايتري تائين جو موچي مفت ۾ چپل ڳنڍي ڏيندا آهن. جوتا پالش ڪندا آهن. رستي ۾ خدمت لاءِ ڪئمپون هڻي ماڻهن کي مشينن وسيلي زور ڏنا ويندا آهن انهن جي مالش ڪئي ويندي آهي. مفت ۾ ٽيليفون ڪرايا ويندا آهن. ايتري تائين جو ٽشو پيپر به مفت ۾ تقسيم ڪيا ويندا آهن. بي بي سي، سي اين اين، فاڪس نيوز ۽ انگلش ميڊيا جي رپورٽس ۾ 2011 ۾ هڪ ڪروڙ ستر لک ماڻهن چهلم تي امام حسين عليه السلام جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو. 2012 ۾ اهو تعداد هڪ ڪروڙ 90 لک رهيو. جڏهن ته 2013 ۾ ماڻهو ٻه ڪروڙ کان وڌي ويا. هاڻي چهلم جا ڏينهن هلي رهيا آهن انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هن ڀيري تمام گهڻي مقدار ۾ ماڻهو شريڪ ٿي رهيا آهن ۽ نه ٿو چئي سگهجي ته اهو تعداد ٽي ڪروڙ تائين پهچندو يا ان کان به وڌيڪ هوندو. البته ماڻهو ڪيترا به شريڪ ٿين پر مولا حسين عليه السلام جا عاشق سڄي دنيا مان اچي انهن جي اهڙي خدمت ڪندا آهن جنهن جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال نه ملي سگهي. منهنجو ننڍڙو فرزند محمد حجت ۽ سندس ماسات مهديه بتول ڪربلا ويندي اهو سڀ منهنجي مولا جي ان وصيت جو اثر آهي جيڪا شهادت کان اڳ ڪربلا جي زمين خريد ڪرڻ وقت بني اسد کي ڪئي هيائون ته بني اسد وارو هي زمين وقف آهي ۽ منهنجي زيارت لاءِ جيڪو زوار اچي ان کي ٽن ڏينهن تائين ماني به کارائجو پاڻي به پيارجو. مان چوان اي منهنجا سيد ۽ سردار تنهنجي عظمت تان قربان پاڻ ته پياسا رهي دين تان قربان ٿي ويو پنهنجي محبن ۽ عاشقن جي پياس به اوهان کان برداشت نه ٿي ٿئي منهنجا مولا اڄ تنهنجا عاشق ٽن ڏينهن جي جڳهه تي مهينن جا مهينا زوارن جي اهڙي خدمت ڪن ٿا جو اوهان جي پياس کي ياد ڪري جو انهن جي اکين جا بند ٽٽي ٿا پون. السلام علي الحسين وعلى علي بن الحسين و على اولاد الحسين و على اصحاب الحسين.