• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاه عبدالطيف رحمه الله سنڌ جو وڏو قوم پرست

شاه عبداللطيف رحمه الله
_________________________
شاه صاحب هڪ صوفي درويش هيو جنهن جو نينهن ۽ رغبت الله سان اهڙي رهي آ جو ڪنهن جي به اهڙي نه رهي آ ۽ هڪ صوفي جنهن ۾ خدا جي خدائي ۽ ان جي ڳولها لاءِ هر لفظ هر اکر پيو اوتجي پوري قرآن جي شرح کڻي چئجي .....
منهنجي خيال ۾ شاه صاحب هڪ دنيا ۾ قوم پرستي جو بنياد وجهندڙ هيو ۽ وڏي ۾ وڏو قوم پرست هيو جنهن جي دور ۾ فارسي جو اوج هيو پر پاڻ ڪو به فارسي ۾ شعر نه چيو ۽ نه سنڌي ٻولي کان سواءِ ڪنهن ٻي ٻولي ۾ هڪ به شعر نه چيو ...واه شاه تنهنجي سنڌي ٻولي سان ملهائڻ ۽ محبت جيڪا ڪو به نه ٿو ڪري سگهي ۽ سڀ جا سڀ سر شاعري جا جن جو ڪردار سنڌ جي مٽي منجهان ۽ انهن کي تمثيل تور استعمال ڪري واحد جي وڏائي بيان ڪئي اٿس .....
ڪي چند لفظ عربي جو هو بهو ڪٿي ڪٿي شاعري ۾ ملن ٿا جنهن منجها صرف قرآن سان عقيدت ۽ سمجهاڻي مطلب آهي ۽ هن دنيا ۾ ڪو به اهڙو شاعر نه آهي جنهن انهن ڪردارن کي اهڙو ته بيان ڪيو آ ڄن پاڻ اتان اهو منطر پئي ڏٺو واه منظر ڪشي ۾ به هن مهان ڏاهي شاعر جو ڪو به ڀيٽ نه ٿو ڪري سگهي ...اهڙا ساده ۽ بيڪار لفظن کي به اهڙي انداز ۾ بيان ڪيو اٿس جو اهي اگر لفظ ٻاهر ڪنهن کي چئجن ته شايد مٺيان لڳي پر شاعري ۾ پڙهندي دل بار بار گهرندي ته اهي لفظ اچارجن....واه منهنجي مرشد لطيف ....جنهن سنڌي شاعري ۾ نج سنڌي لاڙا ڏنا ۽ ان وقت جي پارسي کي به پاسي ڪري هڪ لفظ به نه ٻوليو جيتوڻيڪ مثنوي مولانا روم جي فارسي ۾ هئي پر پاڻ ان جو تت وٺندي وري به سلوڻي سنڌي کي مان مڃتا ڏيندي هن سنڌين تي ٿورا ڪيا جيڪي اسان رهندي دنيا تائين هن جو احسان نه وساري سگهنداسين .........
شآه صاحب هڪ شاعر هڪ مفڪر فلاسافر ،هڪ صوفي هڪ بزرگ هڪ داناءُ هڪ ماهر هڪ محبتي ماڻهو هڪ سنڌ پرست هڪ قوم پرست هڪ سچو مسلمان سچو سنڌ سان سلهاڙيل دشمن سنڌ کي وائکو ڪندڙ هڪ اديب
هڪ اهنسان جو درس ڏيندڙ محبتون وکيريندڙ هيو جنهن جهڙو هن دنيا ۾ نه ڪو ٿي سگهي ٿو نه ٿيندو

اول الله عليم اعلي ا عالم جو ڌڻي
قادر پنهنجي قدرت سان قائم آهي قديم...
جهڙا شعر ڏيئي بدتن کان بري ٿيو ۽ الله جي وحدت تي هڪ هڪاڻي ٿي بيٺو ۽ شرڪ کان بيزار هيو واه شاه صاحب تنهنجو علم جنهن کي ڪو به ماڻهو اڄ تائين پهچي نه سگهيو نه پهچي سگهندو .......سنڌ جا سڀ ڪردار هن پنهنجي سهڻي شاعري ۾ سمايا........
سنڌ هن سهڻي پياري محبتي بزرگ کي ياد رکندي تا قيامت

رسول بخش داوئدپوٽه
 
Back
Top