برک ڏاهو ، عالم ۽ اديب ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    ڏکائتي خبر آهي ته برک ڏاهو ، عالم ۽ اديب
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
    لاڙڪاڻي ۾ ديهانت ڪري ويو


    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - سنڌ جي هڪ انقلابي شخصيت

    تحرير: سليمان وساڻ

    سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جو ڏاهو ڏات ڌڻي، عالم، اديب، ليکڪ، مفڪر جيڪو موهن جي دڙي جو ماڻهو Man from Mohen jo Daro جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ جي ان ارڏي شخصيت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي 3 مئي 1920ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ٻنڊي تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پڙهيو ته قمبر، ڪراچي ۽ ڪلڪتي ۾، پر نئون ديرو ۾ سندس وار وڇايل آهن.

    دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي شخصيت ۾ تاريخ جو ڏيک ڏيندا آهن. خاموش ڪتابن اندر ورقن ۾ لفظن سان ڀريل سچن يا ڪوڙن مثالن واري تاريخ نه پر زندگيءَ ۾ روزانو هلندڙ ڦرندڙ ڏسندڙ ٻڌندڙ ۽ ڳالهائيندڙ تاريخ، زندگيءَ جي سچين حقيقتن سان ٽٻٽار جرڪندڙ تاريخ، زندگي ۾ ڪي ڪي ماڻهو حاصلات، هار جيت يا سماجي قد ڪاٺ يا ماپ سان نه پر پنهنجي سونين سوچن ڏيئي جي پهرين لاءُ جيان چمڪندڙ، روشن ذهن ۽ اندر جي کير جهڙي اجري نڪور انساني اعتقاد سان پرکيا ۽ توريا ويندا آهن، سندن سڃاڻپ سماج ۾ موجود بدبودار ناسور خلاف بغاوت جا ٻول الاپيندي ٿيندي آهي، سندن واتان سچائيءَ جا گفتا تاريخ ٺهندڙ ورق بڻجي نروار ٿيندا ۽ پنهنجي روپ کي تاريخ جي آرسي بڻائيندا آهن، سندن معيار ۽ مقصد سماج جا نفعا ۽ نقصان نه پر عظيم ۽ اٽل ارادن ساڻ اڻ موٽ قدم هر وقت زمين تي کتل هوندا آهن. پهاڙ جيڏا اڏول مهان ماڻهو بدلجندڙ ريتن رسمن سان اڀار ڀريل نون لاڙن ۾ ڪين لڙهندا آهن، پر سندن جيل جيڏا حوصلا هر ڏاڍ جي طوفان اڳيان ديوار چين وانگر مضبوط مقابلن ۾ مصروف ۽ تاريخ کي پنهنجي گرد پيا ڦيرائيندا آهن. اهڙا اڙ ٻنگ ٻلواڻ جواڻ اونداهين دور ۽ دنيا ۾ اميدن جي دوش تي آسرن ڀريل اٿاهه سهڻين جڳ مڳ روشن صبح ۽ شامن جا راڳ الاپي پيغام ڏيندا رهن ٿا. هو پاڻ پنهنجا سپنا ۽ خوشيون وساري مسڪين ماروئڙن جي منهن تي مسڪراهٽن ۽ خوشين جي خوشبو جا طالب رهن ٿا. اهڙا ماڻهو پنهنجي وقت ۽ دور جا سرجڻهار، اوتار ۽ ديوتا هوندا آهن. جيڪي ناسور جو علاج ڪندا آهن. سماجڪ سڌار سرواڻ ٿيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي راج دروهي جي لقبن سان نوازيو ويندو آهي. اهڙن مرد مٿيرن جي جيون جوت گهڻو ڪري ڳنڀير، ڏک ڀري، ڀوائتي ۽ دل ڏاريندڙ هوندي آهي. اهڙن تاريخ ساز انسان کي ڳولهڻ مهل سنڌ ۾ سوڀو گيانچنداڻي ئي هر هڪ جي اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سندس نالو ئي هر هڪ زبان تي اڪري اچي ٿو. سوڀو نالو آهي سوڀ ماڻڻ جو، سچ ۽ حق چوڻ ٻڌڻ جو. شايد هن مهان ماڻهوءَ پنهنجي نالي جو ڀرم رکندي پنهنجي جوڀن جوانيءَ جا ڪيترائي سال، خوبصورت رنگ ڀريل ٿڌڙيون راتيون، لامحدود آسمان تي چمڪندڙ جهر مر جهر مر ستارن جي دنيا ۽ چوڏهين جي سوني چمڪندڙ چنڊ جي انڊلٺ جهڙي رنگين چانڊوڪي ڏسڻ، آزاد دنيا جي آزاد انسانن وانگر آزاديءَ سان ساهه کڻڻ، يارن دوستن ٻچڙن ۽ جيون ساٿي سان ٽهڪن ۽ مسڪراهٽن يا سندن روشن مستقبل لاءِ سوچڻ لوچڻ بدران پاڪستان جي مختلف جيلن جي چئن ديوارن، هٿڪڙين، زندان جي زنجيرن ۽ لاهور جي شاهي قلعي ۾ اڪيلو راڪاس ديو جهڙي ڏهڪاءَ ڀريل اونداهه ڪاري ٻوساٽ واري ماحول ۾ گذاريون. ڪنهن سان ڏک سور سلي ديوارن سان، هن پنهنجي ئي من ۾ سوال گهڙيا ۽ پاڻ کي ئي جواب ڏئي مطمئن ڪيو. سوڀي هوليون، ڏياريون، تهوار ۽ عيدون پنهجن عزيزن ۽ ڌرتي دوستن سان گلي ملي نه گذاريون پر جيلن جي ديوارن سان گهاريون.

    ڪامريڊ هندستان جي آزاديء واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ 1942 ع ۾ پهريون دفعو گرفتار پڻ ٿيو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي 1944ع ۾ باقاعدي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪئي. ان دوران ڪامريڊ سوڀي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عبالقادر کوکر جهڙن هاري اڳواڻن سان گڏجي هارين ۾ جاگيرداري نظام خلاف جاڳرتا پيدا ڪندو رهيو. ان جدوجهد ڪرڻ ڪري جاگيردارن جي ڀرجهلو حڪمرانن کيس 1966ع تائين ڪيترا ڀيرا جيلن ۾ بند ڪيو ۽ ڪيئي ڀيرا لاڙڪاڻي واري گهر ۾ کيس نظر بند به رکيو ويو.

    سنڌ منهنجي ڌرتي آهي، تنهن کي ڇڏي وڃڻ جو مان سوچي به نٿو سگهان.“ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جولاءِ 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان کي ڪالعدم قرار ڏئي، اُن جي سمورن اڳواڻن توڻي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به اُنهن مان هڪ هو. گهرو معاملن واري تڏهوڪي وزير مسٽر شهاب الدين ڪامريڊ سوڀي کي آڇ ڪئي ته: ”تون ڀارت وڃ، اسين توکي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ ڪامريڊ سوڀي ڌرتيءَ ڄائي (Son of the Soil) هئڻ جو ثبوت ڏيندي کيس چيو:

    ”تون پاڪستان ۾ پناهگير آهين، مان ته سنڌ ڄائو ۽ ڪيترين ئي پيڙهين کان هتي آباد آهيان. مان سنڌ ڪيئن ڇڏيندس؟ مان سنڌ نه ڇڏيندس.“

    هڪ ڪتاب ۾ ”ساروڻيون“ جي عنوان سان شامل مضمون ۾ سنڌ جو هيءُ سداچار سپوت لکي ٿو: ”منهنجي ڪاڻ سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنى آهن. اڄ به مان پنهنجي امڙ جي ٿڃ پي ٻاهتر ورهين جو جوان آهيان...مان ميدان ڇڏي ڀڄندس ڪونه.“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ پاران وقت جي حاڪمن کي اِن ريت کُتو جواب ڏيڻ سندس مَنَ جي هڪ اهڙي اُڌمي کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو هر اُن وطن پرست محب وطن جو نه فقط وَڙُ پر ايمانُ به هوندو آهي. علي احمد بروهي لکي ٿو: ”ڪامريڊ جيل کان سڌو ڀارت وڃڻ بدران ٻي هر قسم جي سزايابيءَ کي اکين تي رکيو...هُن پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ کي ڇڏي، لڏي وڃڻ کان بنهه نابري واري. حالانڪه ڄٽن جي ڏيهه ۾ سندس ڇا حشر ٿيڻو هو، تنهن جي کيس ڀليءَ ڀت خبر هئي.“

    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سوڀو صاحب اپريل 1948ع ۾ گرفتار ٿيو. هن موقعي تي تمام گهڻيون گرفتاريون ٿيون ۽ سمورا ٽريڊ يونين ليڊر ۽ ڪميونسٽ پارٽي ورڪر جيل ۾ هليا ويا، سوڀو صاحب وري لڳاتار چئن سالن بعد مارچ 1952ع ۾ فيڊرل ڪورٽ جي فيصلي عنوان سوڀو گيانچنداڻي... ڪرائون مطابق آزاد ٿيو، لڳاتار اذيت ۽ تڪليفن خراب کاڌو ملڻ سبب سوڀو صاحب بيمار ٿي پيو.

    سال 1953ع ۾ سنڌ صوبي اندر صوبائي اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون، ڪامريڊ سوڀو سنڌي عوامي محاذ پاران اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو. ان وقت لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ چار ضلعا هڪ هندو تڪ هيو. ان وقت سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف هاري ورڪرن ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ۽ جاڳرتا شروع ٿي چڪي هئي، وڏيرن جي مقابلن ۾ غريب مزدور ۽ هارين جا نمائندا به بيهڻ لڳا هيا، سنڌي عوامي محاذ پاران 24 کن اميدوار صوبائي اسيمبلين ۾ بيٺا جڏهن ته محترم جي ايم سيد گروپ جا اٽڪل 8 اميدوار بيٺا. ڪامريڊ سوڀي جي مقابلي ۾ هڪ گبر سيٺ سيرو مل ڪرپال داس ٻيراڻي وارو پير صاحب پاڳارو ۽ مسلم ليگ جي حمايت سان بيٺو هيو. ڪامريڊ سوڀي جا لاڙڪاڻي ۾ اليڪشن نگران مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ايڊووڪيٽ دوست محمد ابڙو وڪيل نبي بخش کوسو، غلام نبي کوسو هيا. جڏهن ته ڪراچي کان اڄ جا مشهور سرجن ڊاڪٽر هاشمي، ڊاڪٽر خواجه معين ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جا ترقي پسند شاگرد هيا اهي به سوڀي صاحب جي ورڪ ۾ هزارين رپيا ۽ سائيڪلون کڻي پهتا، سڄي سنڌ جي هاري ورڪرن محنت ڪئي پر اليڪشن ۾ داخل 18 هزار ووٽن مان سوڀو صاحب 6 هزار ووٽ کنيا ۽ اليڪشن سرمائيدار کٽي ويا.

    ڪميونسٽ پارٽي تي بندش پوڻ بعد وري جولائي 1954ع کان مارچ 1956ع تائين جيل ۾ رهيو. 1958ع ۾ صدر جنرل محمد ايوب خان واري مارشل لا لڳڻ بعد کيس گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ فيبروري 1959ع تائين رکيو. پوءِ شاهي قلعي لاهور جي اونداهي ڪال ڪوٺڙي ۾ مهمان رهيو، جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس آزاد ڪيو. جون 1959ع کان مارچ 1964ع تائين پنهنجي ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظر بند رهيو، جتي سرڪار هڪ اسڪول ماستر منگي کي پگهار ڏئي مٿس نظر داري لاءِ مقرر ڪيو، جڏهن هو نظر بند هيو تڏهن ان وقت جمال ابڙو صاحب ۽ تاج محمد ابڙو صاحب وٽس آيا ته ۽ گذارش ڪيائون ته هندستان ۽ چين جي وچ ۾ هلندڙ جنگ بابت وچٿرو بيان ڏيو ته اوهان کي آزادي ملي سگهي ٿي، ليڪن سوڀي صاحب کين جواب ڏيندي چيو ته ”اها بي ايماني ٿيندي اهڙي آزادي ڪو نه گهرجي“ پوءِ ان وقت جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ڪوششن سان کيس آزادي ملي. جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي ته سيپٽمبر 1956ع ۾ سوڀو صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 1967ع ۾ وري آزادي ملي. هن لاڙڪاڻي لا ڪاليج مان 1970ع ۾ وڪالت پاس ڪري محترم عبدالرزاق سومرو وڪيل سان وڪالت شروع ڪئي. سال 1972ع ۾ سنڌي ٻولي واري بل جي سلسلي ۾ هلچل هلي ۽ سوڀو صاحب کي لاڙڪاڻو بدر ڪيو ويو، هو مير غوث بخش خان بزنجو گورنر بلوچستان جو مهمان ٿيو.

    سڄي زندگي لکين ماڻهن لاءِ جاکوڙڻ کان پوءِ به سنڌ جو هڪ سچو ۽ اڏول انسان ڪامريڊ سوڀو ڪنهن نه ڪنهن مقام تي اڄ به اسان کي اڪيلو نظر اچي ٿو پر ان جي باوجود منجهس اها همت ۽ جرئت اڄ به موجود آهي. ڪامريڊ اهو به ٻڌائيندو آهي ته سندس لکڻ ڏانهن توجهه گهٽ رهيو آهي، پر سندس يادگيريون ڏاڍيون مضبوط آهن. ان ڪري اڄ به پنهنجين تقريرن توڙي گفتگو ۾ ڪامريڊ سنڌ جي تاريخ يا ڪميونزم تي ڳالهائيندو آهي ته ڄڻ کليل ڪتاب بڻجي پوندو آهي. ڪنهن پروگرام وغيره ۾ شرڪت لاءِ ڪامريڊ ٻين شهرن ڏانهن وڃي ٿو نه ته پيرسني سبب ڪامريڊ لاڙڪاڻي ۾ ئي رهي ٿو. هتي ادبي سنگت توڙي مختلف سياسي ۽ غير سياسي تنظيمن وارا کيس مختلف پروگرامن ۾ مک مهمان طور دعوت ڏيندا آهن. ڪامريڊ سياسي حوالي سان هڪ انقلابي اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ جن پارٽين ۾ شامل رهيا انهن ۾ ڪانگريس، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽي، شاگرد، مزدور ۽ هاري تحريڪ به شامل آهن.

    ڪامريڊ سوڀو سياست سان گڏ سماجي ۽ ادبي کيتر ۾ به گهڻو ڪم ڪيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:

    ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون)
    تاريخ جا وساريل ورق (ڪالم)
    تاريخ ڳالهائي ٿي
    وڏي وٿ هئام (ڪالم)
    تاريخ بولتي هي (اردو ۾)
    انقلاب ڪي موت (اردو ۾)
    سنڌ ڪي انقلابي رهنما (اردو ۾)

    سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ :

    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
    سنڌ ايڪويهين صديء جي ڏاڪي تي
    انٽرويوز
    تقريرون
    خاڪا ۽ مضمون شامل آهن. ان کانسواء ڪامريڊ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي.

    ڪامريڊ سڄي زندگي بلڪه آخري گهڙين تائين به متحرڪ رهيو، سنڌ جي وحدانيت جي ڳالهه ڪندو رهيو ۽ ڪوشش ڪيائين ته سنڌين کي يڪجا ڪجي. افسوس جو اڄ سوڀ جي علامت ڪامريڊ سوڀو اسان کان موڪلائي ويو ۽ لاڙڪاڻي ۾ ديهانت ڪري ويو. سنڌ صدين تائين سوڀي تي ناز ڪندي رهندي.
    ____

    حواله:

    ساهت ڏيهه جا سرجڻهار (ليکڪ : رضوان گل)
    پروفيسر نذير احمد سومرو جا آرٽيڪل
    محترم عبدالستار ڀٽي جا لکيل آرٽيڪل
    روزانه عوامي آواز ۾ جميل گاد جو آرٽيڪل
    محترم ابراهيم جويو صاحب جو لکيل آرٽيڪل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 ڊسمبر 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    تمام ڏک ڀري خبر
    سنڌ وري هڪ دفعو يتيم ٿي وئي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي .... موهن جي دڙي جو مهان ماڻهو ... جيڪو هاڻ اسان ۾ جسماني طرح ته ناهي رهيو پر سندس ڪردار ۽ تحريڪ سدا زندهه رهندي.

    هي 2012ع جي انهن ڏينهن جي تصوير آهي جڏهن ڪامريڊ بيمار هيو ۽ ڪراچي جي گلشن اقبال جي هڪ فليٽ ۾ پنهنجي پُٽ وٽ رهيل هو. مان ، هدايت بلوچ ۽ ذوالفقار بهڻ ويلنٽائن ڊي تي گل کڻي ڪامريڊ سان ملڻ وياسين. ڪيڏو خوش ٿي ويو هو ۽ ڀاڪر پائي مليو هو. ڪمزوري باوجود اسان سان گڏ ويٺو ۽ اسان سان گڏ چانهه پيتائين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    [​IMG]
    سوڀو گيان چنداڻي جو آخري ديدار
     
  5. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڌڻيءَ در دعا آهي ته سنڌ کي الاهي ساترا سوڀا عطا فرمائي ته جيئن سامراج کي سنڌ ڏانهن ميري اک کڻڻ جي جرات نه ٿئي .... هي ڏاهو شخص هميشه پنهنجي وت ۽ ست آهر سنڌ ۽ صرف سنڌ جي پوک پوکيندو رهيو ....
    سلام سوڀا سائين سلام ....

    او سنڌ جا ڏاها شخص! تون مرڻ کانپوءِ به مئو ناهين، تون ته سنڌ جي رڳن ۾ خون ٿي شامل ٿي ويو آهين ... امر ٿي ويو آهين، هميشه جڏهن سنڌ جي ڏکن جي ڳالهه ٿيندي ۽ غلاميءَ کان مٿي چڙهڻ جي ڳالهه ٿيندي ته سوڀي جو نالو سرفهرست هوندو ....
    سلام سوڀا سائين سلام

    هي اهو شخص آهي جنهن سنڌ کي پنهنجي حقيقي ماءُ جيئان پيار ڪيو ۽ ڪيترن ئي تڪليفن جي باوجود به سنڌ کي الوداع چئي وڄي هندستان نه وسايو ... چيائين ته پٽ به پنهنجي ماءُ کي اڪيلو ڇڏيندا آهن ڇا ... آءُ ته پنهنجي جيجل ماءُ جي هنج ۾ پنهنجو جسد رکرائي گد گد ٿيندس ...
    سلام سوڀا سائين سلام

    اسين سڀ حب الوطن سنڌي تنهنجا قرضي رهنداسون ۽ هميشه توکي پنهنجو ساٿي سمجهندي تنهنجي کيتر مان گل چونڊيندا رهنداسون ....
    سلام سوڀا سائين سلام ....

    حب الوطن، صوفي، محبتي، جاکوڙي ۽ علمي داناءُ شخص سوڀو جيتوڻيڪ اسان ۾ هاڻ طبعي موجود ناهي پر سندس نالو ۽ ڪم اسان وٽ هميشه زنده رهندو ...

    سلام سوڀا سائين سلام .... سلام سوڀا سائين سلام
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. مهوش شيخ

    مهوش شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2014
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
    افسوس ٿيو
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جو سوڀو

    انور پيرزادو



    سنڌ جو سوڀو بين الاقوامي دنيا جو اهم عالم ۽ دانشور آهي جنهن جو فڪر مشرق ۽ مغرب جي فيلسوفياڻي سنگم مان نِسري ننڍي کنڊ جي سرزمين ۾ پيوست ٿي ويو آهي، سندس فڪر جي سَلي جي آبياري جيئن ته سنڌوءِ جي جَرَ ڪئي آهي، ان ڪري سنڌ، سوڀي جي فڪري خوابن ۽ حقيقتن جي پهرين اوليت آهي.

    سوڀو مون کي ڄڻ ته ڀٽائيءَ جو هي بيت لڳندو آهي:

    سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين،

    فرق اهو آهي ته سنڌ جي سُڪار لاءِ ڀٽائي الله کي ٻاڏائي ٿو ۽ سوڀو انسان کي- پر هي فرق به تڌهن مٽجو وڃي جڏهن ڀٽائيءَ جو هي بيت پڙهجي ٿو:

    سو هِي، سو هُو، سو اجل، سو الله،
    سو پرين، سو پساههُ، سو ويري، سو واهُرو.

    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان چاليهن سالن جي رفاقت جي باوجود هن جي فڪر جي وُسعتن کي گهٽ ۾ گهٽ مان ته ڇُهي نه سگهيو آهيان، ان ڪري اهڙي ڪا به دعويٰ ڪري نه ٿو سگهان ته مون کي ان موضوع تي ڪا مهارت حاصل آهي، جنهن جو نالو ”سوڀو“ هجي،

    سوڀو علم جو اهو ڀنڊار آهي، جنهن جو مطالعو عالمن جي ڪا ٽيم ئي ڪري سگهي ٿي ۽ ان لاءِ سنڌ ۽ هند جي يونيورسٽين کي ”چيئر“ قائم ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۾ اهو ڪم سنڌ جي گورنر ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي ڪرڻ گهرجي، سنڌ سرڪار جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن توڙي نجي ادبي تنظيمن کي پڻ ان سلسي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سوڀي جي world Dream ۽ Sindh Dream جو مطالعو سنڌ جي فڪري تاريخ جو اهم باب آهي جنهن کي رڪارڊ ڪيو وڃي،

    ضروت ان ڳالهه جي آهي ته سوڀي کي ڊاڪيومينٽ ڪيو وڃي، هن جو آڊيو وڊيو لائيف پروفائيل ٺاهڻ لاءِ هن سان طويل انٽرويو ڪجن ۽ هن جي پيدائش کان وٺي ٽياسي ورهين جي عمر تائين هن جي زندگيءَ کي پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ محفوظ ڪري ڇڏڻ گهرجي. هي علم جي اها ممي فڪيشن Mummification ٿيندي جنهن کي سنڌ جا ايندڙ نسل صدين تائين پڙهي ۽ پُرجهي سگهندا.

    سوڀي اڄ تائين جيڪو لکيو آهي سو ڇپجي نه سگهيو آهي، هن جي آتم ڪهاڻي جون ويهارو کن سندس آواز ۾ انگريزي ۾ رڪارڊ ٿيل ڪئسٽون آهن، جيڪي اڃا پني تي لاٿيون نه ويون آهن، سوڀي جي بالشيوزم، هن جي سنڌي مزاج ۾ اوتيل ويدانت ۽ صوفي مت، هن جي دهريت، سنڌي هندو ثقافت، سنڌي ڪميونسٽ ڪلچر، سنڌي قومپرستي، سنڌ جي پورهيت سياست، سنڌ جي پاڻيءَ جو اِشو، مهين جو دڙو، سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، سنڌي وڏيرڪو ڪلچر، ننڍي کنڊ جو ورهاڱو، هندستان ۽ پاڪستان جي پيدائش ۽ سنڌ جي اڌ صدي واري ڀوڳنا ڪجهه اهڙا موضوع آهن جن تي سوڀي جو موقف انوکو، تخيل ۽ عبرت ۾ وجهندڙ آهي،

    سوڀي جو سياسي ۽ سماجي تجزيو پنهنجن همعصرن کان ان ڪري به مختلف ۽ تخليقي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو مظلوم انسانيت جو وڪيل آهي ۽ ماڻهوءَ جي درد کي دل ۾ محسوس ڪندو آهي، وري خوددار ۽ اڏول ڄڻ گئليلو هجي جيڪو چوندو هجي ته ”ڀلي ته انجيل پاڪ ۾ ڄاڻايل نه هجي، پر مون حساب لڳائي ڏٺو آهي ته ڌرتي گول آهي.“

    ڪميونسٽ پارٽيءَ جهڙي سختگير تنظيم ۾ ڪم ڪندي سوڀو انهن بهادر انقلابين وانگي هو، جن سڀن کان اڳ ۾ اسٽالن جي ظلمن جي مخالفت ڪئي هئي. ياد رهي ته اسٽالن ان وقت ڪميونسٽ دنيا جو طاقتور بادشاهه هو. سويت پارٽي جو سيڪريٽري جنرل هئڻ ڪري ڄڻ عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جي طريقت جو مرشد. ان ڪري پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائيندڙ ڪنهن به ماڻهو کي همٿ نه ٿيندي هئي ته هن جي مخالفت ڪري.

    سوڀي جو ڪميونسٽ ڊريم (Communist Dream Of Sobho) اڃا پورو نه ٿيو آهي پر ان لاءِ جاکوڙ به اڃا انت کي ناهي پهتي. هو ان تي اڏول ٿي بيٺو آهي ۽ شاهي قلعي جي ٽارچر کان وٺي اقتدار جي لالچن تائين وارا جملي حربا هن کي پنهنجي سوچ کان هٽائي نٿا سگهن. سندس خواب واري نظرئي جي عملي نفاذ جون صورتون تبديل ٿي سگهن ٿيون، پر سوڀي جيڪو وتائي وارو اڳ هنيو آهي، وقت ان کي شايد غلط ثابت ڪري نه سگهي.

    سوڀو پنهنجي اندر ۾ گيان پُرش ۽ صوفي مزاج جو سنڌي ماڻهو آهي، هن جي ڪردار جي عظمت جو اهو وڏو راز آهي، سادگيءَ سان رهي، نه شراب پئي، نه سگريٽ پئي. نه ڪلبن ۾ عورتن سان ڊانس ڪري. 1960ع ڌاري جڏهن مون ڪامريڊ کي پهريون ڀيرو سندس پنهنجي ڳوٺ ٻنڊيءَ (لڳ مهين جو دڙو، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو) ۾ ڏٺو هو ته ان وقت هو دادو ڪئنال جي ساڄي ڪڙ تي بيٺل هڪ گهاٽي وڻ هيٺان بنا رلهي وڇايل کٽ تي ويٺو هو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ ٿلهو ڪتاب پڙهي رهيو هو، هن کي هلڪي سرمائي يا نيري رنگ جي قميض پاتل هئي جنهن جي ڪالرن ۽ بريءَ تي ڊبل سلائي ٿيل هئي، هر ک جي مختصر شلوار پيرن ۾ پٺاڻڪو گهيتلو.

    چاليهن سالن کان پوءِ اڄ به ڪو سياح سنڌ جي هن علمي ميوزيم کي ڏسڻ ويندو ته کيس ساڳيو هُليو ڏسڻ ۾ ايندو.

    جيڪڏهن صوفي اصطلاح استعمال ڪجي ته چئي سگهجي ٿو ته سوڀو فنا کاڌل الهه لوڪ انسان آهي، اهو انسان جيڪو مڪمل (Perfect Man) ٿئي ٿو جيڪو سيلف ليس آهي، جيڪو پاڻ لاءِ گهٽ ۽ ٻين لاءِ گهڻو سوچي ۽ ڪري ٿو. پاڻ پڏائڻ ۽ وڏ ماڻهائپ کان کيس بُڇان ايندي آهي، ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي مطالعي ۽ علم تي به ناز ناهي ڪندو،” مان“ مان نه ڪندو، عقل ۽ فهم جي ڳالهه ڪندو، فضيلت جا منجهس ڀنڊار آهن، مون سوڀي جي واتان چاليهن سالن ۾ هڪ به ڪچي گار نه ٻڌي آهي، هو علم ۽ عقل وارو اعليٰ انسان آهي ۽ ٻوليءَ جو ڪاريگر، جهڙو سنڌي ۾ تهڙو اردو ۾ پر انگريزيءَ ۾ اڃان به اڳرو، هو جڏهن بُڇان جهڙن ڪردارن جو ذڪر ڪندو آهي ته هن جي لفظن ۾ ڪراهت ۽ نفرت، ڪاوڙ ۽ ڪڙاڻ ضرور هوندي آهي پر لفظ اگهاڙا نه هوندا آهن، هو ڪاوڙ ۾ به عقل جو دامن نه ڇڏيندو آهي، البته هن وٽ لفظن جون بڙڇيون به آهن ته ڀالا پڻ.

    هڪ ڪچهريءَ ۾ ڳالهه نڪتي ته سنڌي نوجوانن ۾ پڙهڻ جو شوق ماٺو ٿي رهيو آهي. ان تي سوڀي چيو:”اوهان سنڌي مسلمانن جو پيغمبر ۽ عظيم شاعر جيڪڏهن ”امِي“ ٿي سگهي ٿو ته پوءِ اوهان کي پڙهڻ ۽ مطالعي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي!“.

    هو هميشه نوجوانن کي ڪتابن پڙهڻ جي صلاح ڏيندو هو ۽ پنهنجي ذاتي لئبريري مان ناياب ڪتاب ڪڍي کين ڏيندو هو، جيڪي کيس وري موٽي ڪو نه ملندا هئا ۽ پوءِ اهڙي نقصان تي ملول به ٿيندو هو.

    سوڀو زميندار خاندان سان تعلق رکي ٿو، هن جو وڏو ڀاءُ پنهنجي تر جو وڏو زميندار رهيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن مصروفيت سبب هو سوڀي کي چوندو هو ته وڃي انَ جي بٽئي ڪري اچ. سوڀو ٻنيءَ مان حاصل ٿيل اَنَ جي زميندار ۽ هاريءَ وچ ۾ اهڙي ورهاست ڪري ايندو هو جنهن تي سندس وڏو ڀاءُ ناراض به ٿي پوندو هو ۽ وري پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي اهڙو ڪم نه چوندو هو. هوڪيترن مامرن ۾ پنهنجي زميندار ڀاءُ کي صلاح مشورا به ڏيندو هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس زميندر ڀاءُ سنڌ جي روايتي وڏيري جيان ڪڏهن به ظالم ۽ ڏاڍ کان ڪم نه ورتو ۽ اڃا به پنهنجن ڪيترن هاري خاندانن جي مدد ڪئي ۽ انهن جي زندگيءَ ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو.

    پر جڏهن ڪامريڊ سوڀي عملي طور ڪميونسٽ پارٽي ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو تڏهن ڪي ڪي ماڻهو ڪامريڊ کي ”وڏيرو“ چئي طعنو ڏيندا هئا. منهنجي دل ڪامريڊ امام علي نازش کان ان ڏينهن کٽي ٿي هئي جنهن ڏينهن هن مون کان پڇيو هو ته. ”همارا بڊيرا ڪامريڊ ڪيسا ٿا؟“ مان جڏهن به ڪراچيءَ کان ڳوٺ ويندو هوس ۽ موٽي ڪراچي ايندو هوس ته ڪامريڊ نازش مون کان اهو سوال (طنزيا) پڇندو هو ۽ اندر ۾ اها ڳالهه مون کان برداشت نه ٿيندي هئي ڇاڪاڻ ته ڪميونزم جو ڏس سڀ کان پهريائين مون کي ڪامريڊ سوڀي کان مليو هو، ان ڪري مان سوچيندو هوس ته :

    منهن جنهن جي مون، ڏٺو مُنهن ميهار جو،

    اَٿم ساهه سنئون، سو ڪيئن گهڙو گهوريان.(ڀٽائي)

    سوڀي کان پوءِ ڄام ساقي هو جنهن ڪميونزم لاءِ عملي جدوجهد جو درس ڏنو هو، جڏهن ٻئي ڄڻا ٻاهر ٿيا ته پوءِ ڪميونسٽ اتهاس جي ٻوٽي جي ڄڻ آبياري بند ٿي ويئي.

    بهرحال، مون سوڀي جي واتان پنهنجي ڪنهن به ڪامريڊ لاءِ اهڙو ڪو به ريمارڪ ڪڏهن به ڪين ٻڌو، جڏهن به ڳالهه نڪرندي هئي ته سوڀو گهڻو ڪري نظرياتي نقطن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو هو، ڪن پنهنجن پراڻن ساٿين سان اختلاف به رکندو هو، پر ڪنهن تي جلهه ڪڏهن به نه ڪندو هو.

    هن وقت سوڀي جا سياسي مخالف به ان ڳالهه تي اتفاق ڪندا، ننڍي کنڊ جي ڪميونسٽ حلقن ۾ ورلي ڪو ڪامريڊ ايترو پڙهيل ڪڙهيل هوندو جيترو ڪامريڊ سوڀو آهي، سندس 83 هين جنم ڏينهن تي آشا آهي ته شل اسان جون حياتيون به کيس ملن ته جيئن هو پنهنجي علم جي پالوٽ سان انسانن جي اندر کي اجاريندو رهي.

    (نوٽ: مرحوم انور پيرزادي هيءُ مضمون ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ جي 83هين سالگرهه جي موقعي تي لکيو هو)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    موهن جي دڙي جو ماڻهو : سوڀو گيانچنداڻي

    علي احمد بروهي

    سوڀو ۽ آءٌ هم عمر آهيون. البت سوڀو اٻهر ڪري ڇهه مهينا کن مون کان اڳڀرو اچي سهڙيو. تڪڙ الاجي ڇا لاءِ ٿي ڪيائين شايد وتائي وارو اڳ ٿي ورتائين. پاڻ سال 1920ع ۾ جي مئي مهيني جي ٽين تاريخ جنم ورتائي آءٌ سندس ڪڍ يارهين مهيني جي يارهين تاريخ تي اچي سهڙيس. فرق مختصر ۽ فقط نالي ماتر هو. هو گرميءَ جي موسم ۾ ڄائو ۽ آءٌ سرديءَ ۾. پنهنجي پنهنجي پسند آهي. ڪنهن کي واڱڻ وائي ته ڪنهن کي بصر بادي..!

    ٻيئي ٺيٺ ڳوٺاڻا آهيون. آءٌ اٻاڙوه جي ڳوٺڙي کنڀڙا ۾ ۽ سوڀو موهن جي دڙي واري ٻهراڙي ۾ ڄائو. سندس ڳوٺ جو نالو ”ٻنڊي“ آهي. جو اولهندي ناري جي ڪپر تي داوآبو لڳ هڪ واهڻ آهي، ٻنڊي ڳوٺ ڇا کان مشهور آهي؟ خبر نه آهي پر هيءُ ڄاڻ اٿم ته هن جيتامڙي پتڪڙي واهڻ، سوڀي کي جنم ڏيئي، سنڌ کي هڪ قدآور شخصيت سان نوازيو آهي، جنهن پنهنجي سموري جواني عوام جي حقن آزادي، سڀيتا بلڪه اسان جي ڪري. سواءِ ساڳئي صوبي ۽ ساڳئي سال ۾ پيد اٿيڻ جي، باقي پاڻ ۾ ڪا نسبت آهي ئي ڪانه. سوڀو پيڙهائتو زميندارڪو نينگر ۽ آءٌ هڪ سپاهيءَ جو ٻار! سوڀو سهڻو چنڊ جھڙو! ۽ آءٌ چنڊ گرهڻ! سوڀو سلڇڻو ۽ لاکيڻو لال، ۽ آءٌ خير ڪهڙو ويٺو پنهنجي جنم پتري ڪڍي پاڻ کي لويان ۽ لڪ لايان. غرض ته سوڀو هر لحاظ کان مون کان اُتم ۽ اوجل آهي. ڏٺو وڃي ته سندس ڀيٽ ۾ آءٌ ٻانهو به نه سونهان!

    سوڀي ابتدائي تعليم ”بگي“ ڳوٺ جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ پرائي جتان پنجو درجو پاس ڪري قمبر جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو. 1934ع ڌاري اسڪول جي هيڊ ماستر روچيرام شاهاڻي رٽائر ڪيو ۽ سندس جاءِ تي علي ڳڙهه جو ”چرياڻ“ ماستر ابوالحسن بدلي ٿي آيو. هن هيڊ ماستر جي چريائيءَ وارين حرڪتن ڪري ڪيترن ڇوڪرن نالا ڪڍرائي ٻين اسڪولن ڏانهن رخ رکيو ۽ سوڀو به انهن ۾ هڪ هو.

    سوڀي کي ترت ئي ڪراچيءَ جي اين. جي. وي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جنهن اسڪول جو هيڊ ماستر ڪرمچند هنڱوراڻي، سوڀي جي وڏڙن جو گھڻگھرو دوست ۽ نهايت قابل ۽ تجربيڪار استاد هو. 1937ع ۾ سوڀي بمبئيءَ يونيورسٽيءَ کان مئٽرڪ پاس ڪري پوءِ ڪاليجي تعليم ”ڊي. جي. سنڌ ڪاليج“ ۾ انٽر تائين سياست ۽ علم ادب جي شعبي ۾ تعليم مڪمل ڪيائين. هي اهو زمانو هيو جڏهن نوجوانن کي سياست ۾ بهرو وٺن جو بيحد چاهه هوندو هو. تڏهن سياست اڃا گندي مڇي ڪانهن ٿي هئي. هن دؤر ۾ مهاتما گانڌي، پنڊت نهرو، سباش چندرا بوس ۽ رابندرناٿ ٽئگور جھڙا ديسي اڳواڻ شاگردن جي ذهنن تي هاوي هئا.

    گانڌي ۽ نهرو جون آتم ڪٿائون ۽ ٽئگور جا گيت سنڌيءَ ۾ترجمو ٿي سندر ساهت وسيلي نوجوانن تائين پهچايا ٿي ويا. غرص ته هڪ قسم جي نئين دنيا جنم وٺي رهي هئي. روس واري انقلاب جي علم ادب، شاگرد جي دلين ۾ الڳ ڌماچوڪڙي ٿي مچائي. سوامي وويڪانند ۽ راجا رام تيرٿ راءِ ”هندومت“ کي سوشلزم سان سنگت شايد هن ڪارڻ ٿي رکي جيئن اقتصادي حالتن سان ڪنهن حد تائين سمجھوتو ممڪن ٿي سگھي.

    انهيءَ دؤر ۾ شاعر مشرق رابندر ناٿ ٽئگور جي ڪتاب ”گھر ۽ ٻار“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو شايع ٿيو، جنهن ۾ نئشلزم ۽ سوشلزم ٻنهي نظرين کي چئلينج ڪيو ويو هيو. هن ڪتاب جو سوڀي تي خاصو اثر ٿيو. ارادو ڪيائين ته ڇو نه ”شانتي نڪيتن“ وڃي علم پرائي اچان وڏڙن کي مڃائڻ هڪ مسئلو هو. پر خوش قمستيءَ سان سوڀي کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ وري کير ۾کنڊ، جو سندس داخلا واري درخواست به منظور ٿي آئي.

    1939ع ڌاري سوڀو، پهرين ڀيري، وطن جا وڻ ڇڏي ”شانتي نڪتين“ ڏانهن پانڌيئڙو ٿيو. هي ادارو مڙني تعليمي درسگاهن کان نرالو هو، جتي نه ڪلاس ورتا ويندا هئا. نه امتحان ۽ نه وري هوم ورڪ هوندو هو. قديم گرو ڪل طرز تي پڙهائي ٿيندي هئي. هڙئي شاگرد ٻاهران آيل هئا. ماهيانه في ستر روپيا هئي. باقي رقم کاڌي خوراڪ ۽ رهائش بلي ورتي ويندي هئي. هت تعليم وڻ هيٺ ڇٻر تي ڏني ويندي هئي. علم سان گڏ راڳ ۽ ناچ جي پڻ سکيا ڏني ويندي هئي. مينهوڳيءَ ۾ پڙهائي ورانڊن اندر ٿيندي هئي. ورنه لکڻ پڙهڻ جو سمورو وهنوار کليل ميدان تي وڻن جي ڇانوري هيٺ ٿيندو رهندو هو.

    شاگرد پٽ تي پلٿي ماري ويهندا هئا ۽ استاد صندلي يا منجيءَ تي براجمان ٿي ڀاشن ڏيندا هئا. شاگردن جو تعداد پنج سو کن هو. جن ۾ سؤ کن ڇوڪريون پڻ شامل هيون. شانتي نڪتين، ڪلڪتي کان ستانوي ميل مفاصلي تي، هڪ خوبصورت ماٿريءَ ۾ واقع آهي. هي سرزمين آڳاٽي وقتن ۾ ڀير ڀونئن يعنيٰ سورهين جي سرزمين نالي سان مشهور هئي. هن درسگاهه جو پايو هندستان جي جڳ مشهور مهاڪوي ۽ راج رشي ”رويندر ناٿ ٽئگور“ وڌو هيو. ٽئگور بنگال جي چوٽيءَ وارو خاندان هو، جنهن گھراڻي ڀارت جي ثقافت کي چار چنڊ لائي ڇڏيا آهن. پوءِ ناٽڪ رنگ هجي، ناچ يا موسيقي هجي. رابندر ناٿ ٽئگور کي سندس مشهور ڪويتا ”گيتا نجلي“ تي 1913ع ۾ نوبيل پرائيز مليو جنهن سلسلي ۾ مليل انعامي رقم سان زمين خريد ڪري آشرم جو بنياد قائم ڪيائين.

    سوڀي لاءِ شانتي نڪيتن ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ هڪ انوکو تجربو هو ڇاڪاڻ ته هن ماڳ جي دنيائي نوعيت جي هئي. هت شاگردن جو پاڻ ۾ ورتاءُ ڀائرن ڀينرن جھڙو ۽ استاد سان ”گرچيلي“ جي ادب هياءَ وارو ناتو هو. هر هڪ جو لباس سادو ۽ فهميدو هو ۽ پيرن ۾ چمپل يا چاکريون. کاڌو ويشنو يعني ڀاڄيون ۽ ڦل هوندو هو. هڪ ٻئي سان پريم ۽ پريت جي ڏي وٺ ٿيندڙ هئي. هر رخ ۾ نمسڪار ۽ پرڻام جو پڙلاءُ پيو ٻڌڻ ۾ ايندو هو.

    گرديو ٽئگور جي قدمن ۾ ويهي علم پرائڻ سان گڏ، سوڀي جي، ٻين به ڪيترين مشهور هستين سان هتي ملاقات ٿي. جيئن نند لال بوس، جو نام ڪٺيو فنڪار هو، ڪرشنا ڪرپلاڻي، جو پوءِ ”وشو ڀارتيءَ“ جو نامور ايڊيٽر ٿيو. ”انيل چندا“ جو اڳتي هلي ڀارت جو نائب پرڏيهي وزير بڻيو. خاص طور يورپ جا ٻه ليکڪ، هڪ رومن رونالڊ، ”جين ڪرسٽوفي“ ڪتاب جو خالق ۽ ٻيو ”ٿامس مان“ جي نالي تي ڳالهه ياد آئي مون سندس ڪتاب ”جادوءَ جو جبل“ پڙهڻ پڄاڻان، انفارميشن واري زماني ۾ قرض کڻي سندس قدم بوسيءَ لاءِ ”زيروچ“ روانو ٿيس. پهچڻ بعد پتو پيو ته چار ڪلاڪ اڳ گذري ويو هو. آءٌ ڳوڙها ڳاڙيندي موٽي ماڳ پهتس!

    هڪ ڏينهن مون کي مخاطب ٿي چيائين ته تنهنجي ديس جا ماڻهو ڊاڪو خوني آهن. آءٌ هڪو ٻڪو ٿي کيس وائڙن جيان ڏسڻ لڳس. چيائين ته اوهان جي ماڻهن اسان جي هڪ وڏي ودوان کي هروڀرو ناحق قتل ڪري ڇڏيو. ”آءٌ سمجھي ويس ته سندس اشارو پروفيسر مجمودار ڏانهن هو، جو تاريخدان ۽ آرگڪيلاجيءَ جو ڄاڻو هو. سنڌ ۾ قديمي آثارن جي ڳولا ۽ کوٽائيءَ جو سهرو خاص طور ٻن بنگالي ماهرن جو سر آهي هڪ رکلداس بئنر جي جنهن موهن جي دڙي جي کوٽائي شروع ڪئي ۽ ٻيو مجمودار جنهن کي جھڪر جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران قتل ڪيو ويو. ڊاڪن کي خوش فهمي ٿي هئي ته هو ڪنهن خزاني لاءِ کوٽائي ڪري رهيا هئا، مون کي وائڙو ڏسي گرديو مرڪي چيو ته ”سنڌ وارا پاڻ صدين کان ستايل پئي رهيا آهن. کين جڳائي ته پاڻ جھڙن ٻين ڏکويل ماڻهن جي حمايت ڪن ۽ ساڻن همدردي ڪن.“

    هي چاليهن ايڪتاليهن وارو زمانو هو. جڏهن هندستان جي نوجوانن پنهنجو سياسي ۽ ثقافتي ورثو سمجھڻ، سهيڙڻ ۽ سنڀالڻ شروع ڪيو هو. مسلمان نوجوانن پنهنجو محاذ الڳ لوئس ولسن مسلم هاسٽل ۾ کوليو هو. جنهن گروپ جي ذهني ۽ ديني تربيت حمزو قريشي، امداد علي بخاري، شيخ ساز علي، قاضي فيض محمد، هاليپوٽا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا نالا سرفهرست آهن. سواءِ هڪ ٻن نوجوانن جي باقي مسلمانن شاگردن جي اڪثريت قاضي صاحب واري گس ۾ سرگرم رهي. باقي هندو نوجوانن جو لڏو، حشو ڪيولراماڻيءَ جي زير سهاري انقلابي تحريڪن ۾ بهرو وٽندو رهيو. ڪي ڪارل مارڪس جي ڪڍ لڳا، ڪي ايم. اين. راءِ جا معتقد هئا ته ڪن وري ”ڀڳت سنگھه“ جي نقش قدم تي هلندي دهشتگردي شروع ڪري ڏني. جنهن جو اڳواڻ ”پرچو ود يار ٿي“ هو جو لاڙڪاڻي جو خيرو ديرو جو رهاڪو هو، هن دؤر جا ٻيا ڀرندڙ نوجوان اڳواڻ هئا ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، موهن پنجابي، اتم وغيره. حشو ڪيولراماڻيءَ سان سوڀي جي ڄاڻ سڄاڻ.

    1938ع ڌاري ٿي. اڌ صدي اڳ واري واردات سوڀي ايئن ٿي بيان ڪئي ڄڻ ڏهاڪو ڏينهن اڳ کيس ڏٺو هئائين چي ”حشو ڊي. جي سنڌ ڪاليج واري پورچ هيٺان شاگردن جي مجمعي کي خطاب ڪري رهيو هو. شڪل جو موچارو، قد جو لاٺيرو سڌو گز جڙو، جسم تي سفيد کدڙ جا ڪپڙا پهريل، نهايت مٺڙي الاپ ۾ پنهنجي راءِ جو ظهار ڪري رهيو هو. وڏي ڳالهه ته منجھس خود اعتمادي ڏاڍي هئي ۽ سندس ماهنڊي تي مايوسي بنهه ڪانه هئي جا پوءِ پڇاڙي واري زندگيءَ ۾ سندس سر تي سدائين سوار رهي.

    حشو سوڀي کان ٻه سال کن سينئر هو. جئن ته هو 1918ع ڌاري ڀريا ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ مختيارڪار هو، جو انهيءَ دؤر ۾ هڪ وڏو عهدو ليکيو ويندو هو. سرنديءَ واري گھراڻي جي ٻار هئڻ ڪري کيس تعليم ڀرپور حاصل ٿي. شايد هي پهريون شاگرد هو جو سري لنڪا (سيلون) کان مئٽرڪ پاس ڪري آيو هو. مئٽرڪ کان پوءِ حشو انڊين سول سروس جي امتحان لاءِ لنڊن اسهيو. جتي سندس ملاقات ڪرشن مينن سان ٿي. جو شاگردن جي ليبر پارٽيءَ جو صدر هيو. آڪسفورڊ ۾ ٻه سال پڙهائي پچاڻان حشو واپس وطن موٽي آيو ۽ اچڻ شرط شاگردن جي تحريڪ ۾ جنبي ويو. 1942ع جي آگسٽ اٺين تاريخ کان ڪانگريس پاران ”انڊيا ڇڏي وڃو“ (ڪُئٽ انڊيا) واري تحريڪ شروع ڪئي وئي. ٻي مهاڀاري لڙائي به پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي، ملڪ توڻي ماڻهو ڳڙٻڙ گھوٽالي جو شڪار هئا. هڙتال، لاٺي چارج، مظاهرا، جلسا جلوس ۽ ”هلو هلو جبل ڏانهن. ڪاهيو ڪاهيو جبل ڏانهن“ روزمره جو نِيم ٿي چڪا هئا، ڪانگريس، مهاسڀائي ۽ مسلم ليگ هر هڪ جي ڏاڙهي پٽ پنهنجي ليکي هئي ته انقلابي شاگردن جي وٺ پڪڙ الڳ چوٽ تي هئي. شاگرد اڳواڻ ڪڍ وارنٽ جاري ڪيا ويا ۽ لاچار ٿي مڙني کي انڊر گرائونڊ وڃڻو پيو. جن ۾ سوڀو به هڪ هو. کيس مهيني کن اندر ئي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو. هي اهو يادگار ڏينهن هو جڏهن پجراپور ۾ بم ڦاٽن جو واقعو ٿيو هو. جنهن ڌماڪي سنڌ سرڪار کي ڏڪڻي ڏيئي ڇڏي هئي.

    سوڀو سينٽر جيل ۾ ڏهاڪو کن مهينا لاڳيتو قيدي ٿي رهيو. تي سندس باندي هئڻ دوران هيمون ڪلاڻيءَ کي ڦاهي ڏني ويئي هئي. ٻارنهن مهينا پوءِ کيس حيدرآباد سنڌ جيل ڏانهن بدلي ڪيو ويو، جتي سندس ملاقات نارائڻداس رتن مل ملڪاڻي سان ٿي جو نهايت چيدي قسم جو سنڌي لکندو هيو. ساڻس گڏ سنڌ جا ٻيا به ناميارا اڳواڻ قيدي هئا. جيئن ته، جير امداس دولترام، هريداس لالجي، نارائڻ داس بيچر ۽ محمد امين کوسو وغيره جيل ۾ مطالع لاءِ وديارٿين طرفان هڪ علمي مرڪز کوليو ويو‏. جنهن جو روح روان گلاب ڀاڳواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، عينشي وديارٿي ۽ نارائڻ واڌواڻي هئا، جيل جو تجربو هنن نوجوانن لاءِ هڪ عجيب تربيت هئي. جنهن کان هنن گھڻو لاڀ حاصل ڪيو!

    1944ع جولاءِ ڌاري سوڀو جيل کان آزاد ڪيو ويو. بجاءِ ان جي جو گھر وڃي پنهنجي اباڻي زمينداريءَ جي ڪار ڪرت کي لڳي يا وري وڪالت لاءِ تياري ڪري، سوڀي سماجي ڀلائي وارن تحريڪن ۾ بهرو وٺڻ لاءِ سندرو ٻڌو. ان دؤر ۾ مزدرون ۽ ڪمين ڪاسبن جي حقن لاءِ ڪسان مزدرو پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي سرگرم هيون. هن پارٽيءَ جي اڳواڻن ۾ عبدالقادر ميوا خان، قادر بخش نظاماڻي، قاضي مجتبيٰ ۽ جمالي الدين بخاريءَ جا نالا سرفهرست هئا. عام مزدورن جو برک مهندار هيو. نارائڻداس بيچر. سوڀو به ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حيثيت ۾ ٽريڊ يونين تحريڪ ۾ جاکوڙ ڪري پاڻ موکيو.

    سنڌ ۾ سياسي سجاڳي آڻڻ لاءِ هن دؤر جي نوجوانن ليکڪن ۽ شاعر علم ادب جي ميدان ۾ ڏاڍو پاڻ پتوڙيو ۽ واهه جو پاڻ موکيو. نظم توڻي نثر ۾ عوامي دلين تائين پنهنجي ڌڙڪن پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيائون. هن گروپ جا سرڪردا هئا گوبند مالهي، موهن پنجابي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي وغيره. گوبند مالهيءَ ”نئين دنيا“ ۽ برڪت علي آزاد ڪتابڙن ذريعي سنڌ جي سياسي تحريڪن جون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. پرهه ڦٽي، آڳاٽو ادب ۽ ”اڻ وسرندر ڪهاڻين“ جا سلسلا شايع ٿيڻ لڳا. هن کان اڳ سنڌي ادب جي ٽوٽل موڙي هوندي هئي چند ڪتاب جئن ٻالڪن جي ٻاري، گل ڦل، پاپ ۽ پنج جون ڪهاڻيون. جن ليکڪن جا ڪتاب عوام ۾ مشهور هوندا هئا سي هئا هڪ مرزا قليچ بيگ ۽ ٻيو آسانند مامتوراءِ ۽ بس!

    سنڌ ۾ سياسي تحريڪ جو صحيح معنيٰ ۾ سنگ بنياد رکيو ڪميونسٽ پارٽيءَ هن کان اڳ به سنڌ ۾ سياست برابر هئي پر ٺيٺ وڏيرڪي. دوکو دولاب ۽ پئسي جي راند. ڪجھه وڏيرا ۽ سيٺيون اليڪشن جي موسم ۾ اٿي کڙا ٿيندا هئا ۽ پوءِ پيرن جا ڏن ڀري کائن پنهنجي حق ۾ اعلان ڪرائي يا ووٽ خريد ڪري اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي اچي اسيمبليءَ ۾ سهڙندا هئا. پوءِ ٻي اليڪشن جي سيزن تائين پيا جاوا ڪندا هئا ۽ پارٽيءَ جو مقصد ۽ منشور هيو. ورڪرن کي نه فقط ذهني طور تي سکيا ڏني ٿي وئي پر کين پبلڪ سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ۽ عوام ۾ تقرير ڪرڻ جي تربيت به ڏني ويندي هئي. پارٽيءَ جا ورڪر صبح جو مرڪز کان هدايتون حاصل ڪري ورڪ تي نڪرندا هئا ۽ پوياڙيءَ تائين کين مٿي کنهڻ جي فرصت نه هوندي هئي. ڪن خاص ڏينهن تي هو ترقي پسند رسالا ۽ اخبارون وڪڻندا رهندا هئا جن ۾ نئين دنيا، هاري تحريڪ جي هفتيوار اخبار، صداقت سرفهرست هونديون هيون. اخبارون ۽ رسالا وڪڻن هر ڪنهن لاءِ وڏو امتحان هوندو هو ته هو ڪيتري قدر سرگرم ۽ محنتي هئا. سوڀو انهن مڙني امتحانن کان گذرندي هڪ اهڙي سياست جو سنڌ ۾ بنياد رکڻ ٿي چاهيو جا دوکي فريب نعره بازي تعصب ۽ گروهه بنديءَ کان صاف ۽ پاڪ هجي.

    1943ع ۾ حشو ڪراچي جيل مان ٻه سال سزا ڪاٽڻ بعد آزاد ٿيو. کيس نسيم تلوي (ايڊيٽر بلوچستان جديد) سان گڏ ڪارٽون شايع ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا ياب ڪيو ويو هو. ڪارٽون ۾ هندستان جي نقشي مٿان هڪ هٿياربند فوجي پيش قدمي ڪندي ڏيکاريل هو سرخي ۾ ڄاڻايل هو ته سامراج اچي ويو. ڪارٽون وارو مرڪزي خيال حشوءَ جو هو ۽ باقي ڇاپڻ جي ذميواري نسيم تلويءَ تي مڙهي ويئي. جڏهن حشوءَ جيل کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ته سوڀي گيانچنداڻيءَ سان همراهه ٿي سنڌ جي دوروي تي اسهيو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ پهچي ٻيئي نوجوانن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهيا. سنڌي نوجوانن لاءِ هي پهريون ڀيرو هو جو سندن اهڙن حقيقت پسند اڳواڻن سان شناسائي ٿي هئي. جي هن ڌرتيءَ تي انسانيت جي نظام قائم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري چڪا هئا.

    1946ع فيبروريءَ جي سترنهين تاريخ بحري فوج (Royal Indian Navy) جي هڙتال ٿي جا پنهنجي قسم جي هڪ انوکي اسٽرائيڪ هئي، بلڪل انگريزن خلاف بغاوت هئي ڇاڪاڻ ته فوج ۾ هڙتال لاءِ گنجائش ئي ڪانه هوندي آهي. هڙتال جو مرڪز ته بمبئي ۾ هيو پر جئن ته نيويءَ جا ٻه وڏا جنگي جهاز ان وقت ڪراچي بندر تي لنگر انداز هئا. ان ڪري جهازن جي عملي هٿيار بند هڙتال ڪئي. کين هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو جنهن جي انحرافي ڪرڻ تي مٿن فائرنگ ڪئي وئي ۽ خلاصين پڻ جوابي گولي بازي ڪئي جنهن ۾ ڪيئي جانيون هلاڪ ٿيون. خلاصين جي همدرديءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان عيد گاهه ميدان تي پبلڪ جلسي جو انتظام ڪيو ويو هو. پوليس طرفان لاٺي چارج ۽ فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ اٺ ماڻهو مئا ۽ سؤ کن هندو مسلم ۽ سک شهري زخمي ٿيا. هن هڙتال سوڀي کي عوامي تحريڪ جو برک ليڊر بڻائي ڇڏيو.

    سوڀي کي سندس ساٿين جھڙوڪ پروفيسر آصف جاهه ڪارواني، اي. ڪي اوتار ڪشن ۽ منور حسن سميت گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو پر هفتي کن جي گرفتاريءَ کان پوءِ ڪيس واپس ورتا ويا ته پوري ڪراچيءَ ۾ باهه ٻري ويندي. اڳيئي ڪراچيءَ جا شهري هوش کان نڪري چڪا هئا. عورتن ڪوٺن تان بيهي پوليس تي مرچ ۽ ڪوسو پاڻي ٿي اڇلايو. اسڪولي ڇوڪرن سروٽا ۽ پٿر هڻي پوليس کي زخمي ٿي ڪيو. هجوم ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري چڪو هو.

    جڏهن هندستان وارو ورهاڱو عمل ۾ آيو ته سوڀو ساٿين سميت جيل ۾ باندي هو. ڪميونسٽ پارٽيءَ پنهنجي ميمبرن کي انتخاب جي آزادي ڏني ته هو پنهنجي مرضيءَ مطابق ڀارت وڃي رهن يا پاڪستان کي پنهنجو ديس تسليم ڪن. سوڀو پاڪستان جي حق ۾ هيو، ان ڪري هت رهجي ويو ۽ سندس ٻيا ساٿي لڏي پلاڻي ڀارت روانا ٿي ويا. ڪجھه وقت کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي سرڪار طرفان بندش لاڳو ڪئي ويئي ۽ ورڪر جيل ۾ ۽ دفتر سيل مهر ڪيو ويو. جمال الدين بخاري مرحوم جو ڪراچيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سربراهه هو، تنهن کي قاضي فضل الله ”هوم منسٽر“ جيل کان آزاد ڪرائي لاڙڪاڻي وٺي ويو ۽ کيس ات رهائي ڇڏيائين. ڪجھه وقت کان پوءِ بخاري صاحب سياست کان رٽائر ٿي، دنيا داريءَ ۾ جنبي ويو. سوڀي نه پارٽي بدلائي ۽ نه سوشلزم سان بي وفائي ڪيائين. باوجود ۽ بند وارين سختين جي هو ”جوئي آهي سوئي“ رهيو.3636

    (نوٽ: هي ليک علي احمد بروهيءَ جي ڪتاب ”لاهوتي لڏي ويا“ تان کنيو ويو آهي)
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اديب، ليکڪ، سياستدان حب الوطن، صوفي،
    محبتي، جاکوڙي ۽ علمي داناءُ
    سوڀو گيانچنداڻي
    جي ورسيءَ تي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي
    ___

    [​IMG]

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو