موهن جي مٽي موهن جا ماڻهو

نظم
موهن جا ماڻهو
___________________________________________
هي موهن جي مٽي موهن جا ماڻهو وڻن ٿا مونکي نه ٻيو ڪو ڄاڻو
اسان پري کان پيارا ماڻهو محفل ميڙ ۾ اهي سڃاڻو...

اسان کي تن جو وڻي وجود دنيا ۾ هي اسان جا دودا
محبتن جا مهندار ماڻهو قربتن جون وڏيو ن آ کاڻيون...

ڌرتي ءَ جا هي دلير دلبر اکين ۾ جن جي جاءِ آهي
سڪ وطن سان جن کي جذبو اهي اسان لئه روح رهاڻيون...

سڀ کان پيارا نيهن نيارا ساڻيه جي سڀ سڪ ۾ سارا
اهي ئي اڙٻنگ ارڏا توڏا تنوار ۾ ميڙي سڀ کي آڻيون

سدائين پنهنجي ڪرت ۾ پورا وطن جي ويرن لئه هي کورا
کڻي ڪهاڙي هي هٿ ۾ هلندا گهر هلائينديون گهر ڌياڻيون

چنگ چپن تي بين بانسري شاه جي بيتن ۾ عمر گذاري
اهي سدان ئي سپت جاماڻهو پيار محبتون جن پراڻيون

رسول بخش دائودپوٽه
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top