• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مَارُئي سَکَر سَيئِي ڏِينهَن، جَي مُون گَهاريَا بَندَ ۾

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1533718_10205047463764484_5245147801014415581_n.jpg


سَکَر سَيئِي ڏِينهَن، جَي مُون گَهاريَا بَندَ ۾
وَسَايَمِ وَڏَڦُڙَا، مَٿَي مَاڙِيُنِ مِينهَن
وَاجَهاڻِيَسِ وِصَالَ کَي، ٿِيَسِ تَهوَارُون تِيئَن
نِيَرَ مُنهِنجَي نِينهَن، اُجَارَي اَڇَو ڪَيَو


سُرُ مَارُئي


سَکَر = خوشحالي پر هتي معنى ٿيندي چڱا، قيمتي، اهميت وارا
گَهاريَا = ڪاٽيا
بَندَ = قيد، جيل، ڪوٽ
وَاجَهاڻيَس = واجهايم، نهاريم
وصَالَ = ميلاپ، ملاقات
تَهوَارُون = تهبارون، ڇيهون ڇيهون، ذراذرا
نيَرُ = زنجير، قيد ڪڙا
نينهُن = عشق، محبت

بيت جو پس منظر



~ اُهي ڏينهن نهايت اهميت وارا ۽ قيمتي هئا جيڪي مون قيد ۾ گهاريا.

~ محلن ۽ ماڙين اندر اکين مان وڏ ڦڙي جيان برسات پئي وسندي هئي.

~ جيئن جيئن ميلاپ لاءِ ٿي واجهايم تيئن تيئن اندر ۾ ٽُٽَندي، ڀَڄَندي ۽ ڀُرَندي رهيس.

~ پر منهنجي عزم ۽ حوصلي عمر جي قيد ڪڙن ۽ زنجيرن کي ٽوڙي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو.

سمجهاڻي

سُک، آرام ۽ فرحتون ماڻهونءَ کي ڪمزور ۽ بزدل بڻائن ٿيون جڏهن ته ڏک، پيڙائون، اذيتون ۽ ڀوڳنائون دلير ۽ بهادر بڻائي ڇڏين ٿيون. قيد، بند، جيل ۽ کوليون تربيت گاه ٿين ٿا. دنيا جو بهترين ادب به جيلن ۾ رهڻ وارن تخليق ڪيو.

ڀٽائيءَ جي سورمي مارئي ظالم بادشاه عمر سومري جي ڪوٽ ۾ قيدياڻي ٿي پنهنجي عزت ۽ عصمت جو سودو نه ڪيو. عمر جا ڪوٽ کيس قيد ته ڪري سگهيا پر سندس عزم ۽ حوصلي کي جهڪائي نه سگهيا. مارئيءَ عمر جي شان شوڪت ۽ ڌن دولت کي ٿڏي ڇڏيو. عمر جي ڪوٽ ۾ قيد مارئيءَ سندس ڏاڍ ۽ جبر جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري ثابت ڪيو سنڌ جي عورت بهادر سورمي آهي. جنهن تي نه رڳو ٿر پر سڄي سنڌ کي فخر آهي.

سو اچو ته ڀٽائيءَ جي سورمي مارئيءَ جي عزم ۽ حوصلي کي سلام ڪيون ۽ مارئيءَ کي آئيڊيل بڻائي هر جبر ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top