عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
آصف زرداريءَ جو پيارو دوست ملڪ رياض الطاف حسين کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ٻه يونيورسٽيون الطاف حسين جي نالي ۾ ٺاهيندو.
خبر ناهي ته زرداري ڪهڙي ڪم لاءِ الطاف جي ايڏي خوشامد پيو ڪري. هڪ دهشتگرد کي حيدرآباد ۾ ان يونيورسٽيءَ لاءِ اربين رپين جي زمين پڻ ڏني وئي آهي.
حيدرآباد واري يونيورسٽي ڄاڻي واڻي هڪ اهڙي علائقي ۽ اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ رکي وئي آهي جتي سنڌي نوجوانن جو وڃڻ ۽ داخلا وٺڻ ممڪن ڪون هوندو.
ڪراچيءَ ۾ 35 يونيورسٽيون آهن، جن ۾ 25 پرائيويٽ آهن. باقي سموري سنڏ ۾ صرف 10 يونيورسٽيون آهن جن مان 2 پرائيويٽ يونيورسٽيون غير سنڌين جون آهن. جڏهن ته حيدرآباد ۾ الطاف حسين جي نالي تي يونيورسٽي کلڻ کانپوءِ ڪراچيءَ کان ٻاهر غير سنڌين جون 3 يونيورسٽيون هونديون ۽ سنڌي ماڻهو آسماني فرشتن جي اسيئڙي ۾ ئي رهجي ويندا.
2013 ۾ مون حيدرآباد يونيورسٽيءَ جي نالي تي هڪ خيراتي پرائيويٽ يونيورسٽيءَ جي مهم هلائي جتي 50 سيڪڙو عريب شاگردن کي مفت تعليم ڏني ويندي، پر لڳي ٿو ته سنڌي ماڻهو اڃان تعليم جي واڌاري واري مُوڏ ۾ نه آهن.