• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اجرڪ ،دلير صحافي ، وزير اعلي سنڌ ،شهيد ۽ گلم جو توبچي

سنڌ جا معتبر حافي حضرات هاڻي سي ايم هائوس مان وزير اعلي سنڌ جي هٿان
هڪ لائين ۾ بيهي ” ٽوپي اجرڪ ڏيهاڙي “ اجرڪ وصول ڪري ڦوٽو ڪڍرايا ،
هاڻي انهن صحافي حضراتن جا جلد فيس بوڪ تي ڦوٽو لڳندا نظر ايندا ته ” ثقافت ڏيهاڙي “ تي فلاڻي ٽارزن صحافي کي وزير اعلي اجرڪ پارائيندي !
* انهن سمورن صحافين مان هڪ ئي واحد سنڌ صحافيء جناب ذوالفقار واهوچو
وزير اعلي سنڌ کان سوال ڪيو ته ؛
هيء جيڪي ڪجھ ڏينهن اڳ۾ ڪجھ نوجوانن جا چچريل لاش مليا هئا ، انهيء قتل ۾ ڪير ملوث هيا ، تواهنا انهن لاء ڇا ڪيو آهي تنهن تي وزير اعلي سنڌ جواب ڏنو ته ،
اها توهان کي خبر آهي !!
انهيء صحافي دوست وزير اعلي کي چيو ته
توهان ٻڌايو ته اهي ڪير آهن ئي ڇو اهي قانون کان مٿانهان قتل ٿيا آهن ؟
ته وڏي وزير مسڪرائيندي وراڻيو ته اڄ ” اجرڪ ، ٽوپي “ ڏينهن آهي توهان کي اجرڪ پارايون ٿا ته
انهيء تي صحافي دوست ذوالفقار واهوچو ؛ وڏي وزير کي جرئت سان چيو ته
سائين اهو اجرڪ ته مان پاڻ بازار مان پڻ خريد ڪري پائي سگھان ٿو “ ۽
انهيء واحد ” سنڌ دوست صحافيء ذوالفقار واهوچو “ وڏي وزير کان اجرڪ وصول نه ڪيو .
جنهن کان پوء سي ايم هائوس ۾ بنھ خاموشي ٿي وئي ، شهيدن جو خون ڄڻ اتي موجود سڀني سنڌين کي سنگھي ويو ته
اچانڪ هڪ غلم جو توپجي مجيد عباسي پنهنجي سرڪاري ٽائوٽ صحافت ۾ وزير اعلي کي چيو ته سائين اسان جي ماين جي لاء ڪاٽن جا ڪي ثقافتي ڪپڙا به ڏيو ته جيئن اهي به سنڌ جي ثقافت ۾ شامل ٿي وڃن
ان کانپوء هڪ اتي ٻئي سنڌ دوست صحافي ذوالفقار تنيو به پنهنجو اجرڪ وزير اعلي کي واپس ڪري ڇڏيو
جنهن جي انهيء دليريء واري سنڌ دوست قدم جي واکاڻ ڪندي ، انهن ”صحافي دوستن “ کي اسين دلي طور ، شهيدن جي خون سان وفا تي کين سلام پيش ڪريون ٿا
 
Back
Top