هزارين سال پراڻي سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌي جوانن جون قربانيون!! وحيد رزاق مستوئي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي اسان جي ثقافت آهي جنهن جي شاهدي اسان کي موهن جي دڙي جي قديمي آثارن مان ملي ٿي موهن جو دڙو جيڪو 7 هزار سال پراڻو ورثو آهي جنهن جا اسين وارث سنڌي آهيون اسين خوش نصيب آهيون جو اسين سنڌي آهيون اسان کي فخر آهي ته اسين 7 هزار سال پراڻي تهذيب جا وارث آهيون تاريخ شاهد آهي ته اسان جي سنڌ 7 هزار سال پراڻي تهذيب آهي ۽ ان دور جا ماڻهو ڪيڏا نه امن پسند هئا ان سان گڏ هو واپار به ڪندا هئا ۽ انتهائي محنتي هوشيار هئا جن ٺِڪر جا ٿانوَ، ٺِڪر جا رانديڪا، هار سِينگار جو سامان ۽ مَل مَل جو ڪپڙو جيڪو بيل گاڏي جي چڪري مان ايجاد ڪيو ان دور ۾ سنڌ جون باريڪ ململيون بابلِ مصر ۽ مغربي ملڪن ۾ سنڌو نالي سان مشهور هيون ان دور جا ماڻهو ايترا ته هوشيار هيا جن پاڻي جي نيڪال لاءِ ناليون ٺاهيون، پڪي ۽ مضبوط ترين سِر مان گهر اڏيا ۽ وڏا وڏا حوض تيار ڪيا تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهي سِرون ايتريون ته مضبوط هيون جو انگريزن جي دور ۾ هڪ انگريز ريل جي پٽري وڇائڻ لاءِ اهي سرون استعمال ڪيون جڏهن ان دور جا انجنيئر آيا ۽ هنن کوجنا ڪئي تڏهن انهن کي خبر پئي ته هي سِرون جيڪي ڪي عام نه آهن پر هي سِرون 7 هزار سال پراڻي تهذيب آهن. اسان کي فخر ڪرڻ گھرجي ته اسين ان سنڌ ڌرتي جا وارث آهيون جنهن اسان کي هنر ڏنو جنهن اسان کي امن ۽ ڀائيچاري سان هلڻ جو درس ڏنو، سنڌ ڌرتي اها ڌرتي آهي جنهن تي ڪيترن ئي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هي ڌرتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار جي آهي هي ڌرتي سچل سرمست جي آهي هي ڌرتي قلندر لعل شهباز جي ڌرتي آهي هي ڌرتي شاهه عنايت صوفي جي آهي هي ڌرتي هي ڪا عام ڌرتي ناهي هي ڌرتي اها آهي جن تي ڪيترن ئي بري نظر سان ڏٺو ۽ سنڌ ڌرتي تي زبردستي حڪمراني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تاريخ ثابت ڪيو آ ته انگريزن جڏهن حڪمراني ڪري سنڌ مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرايا تڏهن سورهيه بادشاهه جهڙن دليرن بهادرن ڪفن يا وطن جو نعرو لڳايو، جڏهن ڌارين سنڌ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن هوشو جهڙن بهادرن ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو بلند ڪري سنڌ جي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ انهن پنهنجا جان جا نظرانا ڏنا پر سنڌ ڌرتي تي ڌارين جي حڪمراني قبول نه ڪئي ۽ انهن سنڌ ڌرتي لاءِ شهادت جو جام پيتو تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به سنڌ مٿان ڪو ڏکيو وقت آيو آهي ته دودي سومري جهڙي دلير سنڌ ڌرتي لاءِ جنگ جوٽي ۽ سنڌ ڌرتي جو ڳاٽ اونچو رکيو جن به سنڌ ڌرتي جيجل امڙ کي بُري نظر سان ڏٺو آهي انهن کي شڪست کان سواءِ ڪجھه به حاصل ناهي ٿيو سنڌ ڌرتي اها ڌرتي آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ شهادت جو جام پيئڻو پئي ٿو هي ڌرتي خدا جي نعمتن سان مالامال آهي جنهن ۾ الاهي سارو گيس نڪري ٿو، جنهن ۾ کوڙ سارو تيل نڪري ٿو، جنهن ۾ ڪوئلو پيدا ٿئي ٿو، خدا جي نعمتن سان مالامال هي سنڌڙي جيڪا زرعي پيداوار ۾ به تمام سٺي آهي هن ڌرتي جي ڪا ڪنڊ خالي ناهي جتي ڪا سر سبز نظارو نه ملي سگهندو هجي هن ڌرتي تي الاهي سارا قدرتي وسيلا آهن سنڌو درياءُ جيڪو صدين کان خدا جي طرف کان ڏنل سنڌڙي کي سهڻو تحفو آهي اسان کي فخر آهي ته اسين ان سنڌ ڌرتي جا وارث آهيون جتي ٿر جهڙا سهڻا نظارا المنظر جهڙا خوبصورت منظر، ڪشمور کان ڪينجهر تائين، ڪاڇي کان لاڙ اتر جهڙا خوبصورت منظر ڏسڻ وٽان ملن ٿا اسان جي سنڌ ڌرتي جنت الفردوس آهي ان ڪري جو سنڌ ڌرتي خدا جي نعمتن سان مالا مال آهي اسين ان ڌرتي جا وارث آهيون جنهن وقت جي ظالمن جي شڪست لاءِ بختاور جهڙين بهادر نياڻين کي جنم ڏنو جنهن پنهنجي حق انصاف ۽ ظلم خلاف هٿ ۾ هٿيار کڻي جدوجهد ڪئي، هي ڌرتي اها ڌرتي آهي جنهن بهادر دلير نياڻي غزاله بتول صديقي جهڙي نياڻي کي جنم ڏنو هي اها ڌرتي آهي جنهن بشير خان قريشي جهڙا ابو جهاد پيدا ڪيا، هي اها ڌرتي آهي جنهن سنڌ جي قومي باغي شاعر راشد مورائي جهڙا نامور شخص پيدا ڪيا، هي اها ڌرتي جنهن سائين جي ايم سيد جهڙي شخصيت پيدا ڪئي، توهان ڏسو ته اڄ به سنڌ جا دشمن سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن ڪڏهن ذوالفقارآباد ته ڪڏهن ٻٽي مڪاني نظام ذريعي ته وري ڪڏهن مهاجر صوبن جا مطالبا ڪري ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر انهن کي خبر ناهي ته اڄ به سورهيه بادشاهه، هيمون، دودي سومري جهڙا بهادر دلير ۽ بختاور، شهيد غزاله بتول، مظفر ڀٽي، بشير خان قريشي، مقصود خان قريشي، سلمان وڌو، سرويچ پيرزادو، فهيم ڀٽو، وحيد لاشاري سميت ٻيا ڪيترائي شهيد دلير پٽ ۽ نياڻيون سنڌ ڌرتي لاءِ جان ڏيڻ جي لاءِ اڄ به زندهه آهن اهي اسان اوهان جي روپ ۾ اڄ به موجود آهن انهن کي شايد خبر ناهي اسين سنڌي دلير بهادر آهيون پنهنجي سنڌ ڌرتي امڙ لاءِ سِر جا سودا ڪري نڪري پوندا آهيون اسين سنڌي صدين کان امن پسندي ۽ صوفي ازم جا قائل رهيا آهيون اسان جي رڳ رڳ ۾ پيار محبت آهي هي ڌرتي اها ڌرتي آ جنهن جي لاءِ حضرت علي سائين جن فرمايو ته مونکي شهيد ٿيڻ کان اڳ هڪ ڀيرو سنڌ ڌرتي گھمڻ جي خواهش آهي هي ڌرتي اها ڌرتي آهي جنهن جي لاءِ پاڻ سڳورن فرمايو ته مونکي سنڌ ڌرتي کان ٿڌڙي هير جي خوشبو ايندي آهي ان مهمان نوازي اسان سنڌين جي پراڻي روايت آهي اڄ تائين اسان جي مهمان نوازي سموري دنيا ۾ مشهور آهي اسين سنڌي قربدار آهيون اسين سنڌي محبتي آهيون اسين سنڌي پيار امن پسند آهيون تاريخ گواهه آهي جڏهن به ڪنهن سنڌ تي بري نظر سان ڏٺو آهي ۽ سنڌين کي للڪاريو ته ان کي سنڌين مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي جيئن ڪراچي ۾ مهاجر صوبي جا نعرا لڳا ۽ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تڏهن لکين سنڌين ڪراچي ۾ گڏجي پرامن نموني دنيا کي پيغام ڏنو ته اسين سنڌي صوفي ازم جا پوئلڳ آهيون اسان صدين کان پيار امن جو پيغام بلند ڪيو آهي، اسين پيار امن ۽ محبت جا پوئلڳ آهيون اسين صوفي ازم جا قائل آهيون جيڪڏهن سنڌ ڌرتي کي بري نظر سان ڏسندئو ته هي دودا هي جوڌا سنڌ ڌرتي لاءِ آواز بلند ڪندا اسان سنڌي غيرتمند آهيون اسان سنڌي ڪنهن جي معيار نه سهندا آهيون هي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي اسان جي ثقافت آهي اجرڪ سنڌي ٽوپي سنڌين جي سونهن آهي هي ٽوپي اجرڪ سنڌين جي عزت آهي اسين سنڌي وڏا خوشنصيب آهيون جو اسان وٽ پنهنجي تهذيب، ثقافت، ادب، ٻولي، ڪلچر آهي پر جنهن وٽ پنهنجي تهذيب، ثقافت، ادب، ٻولي ۽ ڪلچر نه آهي تن ڪجھه وقت اڳ سنڌي ٽوپي اجرڪ تي تنقيد ڪئي اها تڏهن ڪئي جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جڏهن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهرينو هو ۽ جڏهن پرڏيهه دوري تي نڪرندو هو تڏهن به سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهريندا هئا تڏهن ڪجھه عناصرن اعتراض واريا ۽ سنڌي ٽوپي کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ سنڌ امڙ جو مذاق اڏايو ۽ سنڌين کي للڪاريو شايد انهن کي اها خبر نه هئي ته اسين سنڌي غيرتمند آهيون اسين پنهنجي ڌرتي امڙ جي عزت تي وار برداشت نه ڪنداسين ۽ سڀ سنڌي هڪ ٿي سنڌ امڙ جي عزت تي ٿيل وار خاطر آواز بلند ڪري سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏينهن ملهائي ڪروڙين سنڌين گڏ ٿي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهري گلي گلي رستن روڊن ۽ هر شهر هر ڳوٺ کان ڳاڙهن اجرڪن ۽ هيرن سان جڙيل سنڌي ٽوپي پهريل سنڌي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڀڙڪي اٿيا ۽ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ان ڏينهن تي ڪروڙين سنڌي جن ۾ ٻارڙا توڙي مرد ۽ عورتن ايڪي جو مظاهرو ڪري سنڌ ڌرتي سان وچن ورجايو ته اي جيجل تو مٿان جيڪڏهن ڪو آڱر کڻندو ۽ تنهنجي عزت سان مذاق ڪندو ته اسين سنڌي جوڌا ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين ان ڏينهن وچن ورجايو ويو ته اسين سنڌ ڌرتي امڙ سان ٿيل مذاق هرگز برداشت نه ڪنداسين ڏس هي دودا هي سورهيه هي جوڌا دلير بهادر نياڻيون تنهنجي عزت مٿان ٿيل وار خلاف آواز بلند ڪري رهيون آهن ڪجھ ڏينهن کان سنڌ دشمن عناصرن سنڌ ڌرتي امن واري ڌرتي کي بدامني جي باھ ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندي سنڌ ڌرتي جي جوڌن جا چچريل لاش ڏئي امن تباھ ڪرڻ پئي چاهيو پر انهن کي اها خبر نه هئي ته سنڌي دلير آهن اهي انهن جي هرڪتن کان ڪڏهن به پٺتي نه هٽندا انهن کي اها خبر نه رهي ته سنڌي جوانن جو اڃا به حوصلو بلند ٿيندو پر پوئتي نه ويندو انهن کي اها خبر نه رهي ته اهڙي رويي تي سنڌي اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيندا اسين خوش نصيب آهيون جو اسين سنڌي ڌرتي امڙ جا ڄاوا جوڌا آهيون اسين 7 هزار سال پراڻي تهذيب موهن جو دڙو جا وارث آهيون سنڌي ٽوپي اجرڪ اسان جي ثقافت آهي سنڌي ٽوپي اجرڪ سنڌين جي شان آ مان آ سنڌين جي عزت آ ۽ اسين صوفي ازم جا پوئلڳ آهيون اسين سنڌي قربدار آهيون اسين صدين کان محبتي آهيون اسان جو ڪلچر هميشه زندهه رهيو آهي اسان جو ڪلچر ملاکڙا، ميلا، ۽ ڏاند گاڏين جو گوئيون، اسان جو ڪلچر قرب واريون ڪچهريون مچ ڪچهريون اسان جو ادب اسان جي مهمان نوازي سموري دنيا ۾ مشهور آهي هي ڌرتي هي ڌرتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار جي آهي هي ڌرتي سچل سرمست جي آهي هي ڌرتي قلندر لعل شهباز جي ڌرتي آهي هي ڌرتي شاهه عنايت صوفي جي آهي جيڪڏهن ڪو اسان سنڌين جي عزت کي للڪاريندو ته اسين ڪروڙين غيرتمند سنڌي پنهنجي ڌرتي امڙ خاطر آواز بلند ڪنداسين Moronews288@gmail.com