• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو ڳوٺ ٿريچاڻي تعلقو پنوعاقل ضلع سکر

Abduljabbar

سينيئر رڪن
منهنجو ڳوٺ

ٿريچاڻي تعلقو پنو عاقل ضلع سکر


ڳوٺ ٿريچاڻي شهر پيارو آ
سانگي ٽيشڻ لڳ شهر نيارو آ

جت درگاهه ميان عبدالعزيز جي
آه نشاني امروٽي تاج محمود جي
تحريڪ خلافت جو رهبر ناميارو آ

اندر پور* هجي يا سانگي ڪوٽائي
هوت ڪلهوڙو ۽ مهاڻن جي مياڻي
گهوٽ ڀٽائي جو هت اوتارو آ

شيخ، چنا, سومرا ۽ سيد , انصاري
شال رهن آباد سدا سڀ رهواسي
پيراڻو تنهن ۾ سگهڙ سياڻو آ

ڀرسان ڳوٺ ڪٽن جو مشهور وڏو
جت فاطمه لال هئي نالو آه سٺو
هر هنڌ جنهن جو صوفياڻو نعرو آ

ڪهڙي تعريف لکان ”انجم“ هِن جي
آ مهر اسان تي رب، عالمن ۽ حافظن جي
هت ڄائو شاعر ”جوهر“ نالي وارو آ


  • اندر پور کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ قاسم پور سڏيو ٿو وڃي.
عبدالجبار ”انجم“ شيخ
 
ڳوٺ ٿريچاڻي شهر پيارو آ
سانگي ٽيشڻ لڳ شهر نيارو آ


تمام سٺو .. اوهان پنهنجي ڳوٺ کي سهڻي انداز سان پيش ڪيو
 
ڇا هي ليک واقعي به تعارف واري سيڪشن ۾ هجڻ گهرجي...؟
مون پهريان ان کي شاعري سيڪشن ۾ ڇڏي ڏنو هو ... پر پوء دوستن چيو ته ڳوٺ متعلق تعارف آهي ... هاڻ اوهان پنهنجو ويٽو پاور استعمال ڪندي فيصلو ڪيو.
 
ڇا هي ليک واقعي به تعارف واري سيڪشن ۾ هجڻ گهرجي...؟

يا ته هن جي مٿين لفظن کي تعارف واري سيڪشن ۾ موڪليو
مان اهو ته مڃان ٿو اهو شاعري آهي پر، هن چاچي پنهنجي تعارف جي انداز ۾ پيش ڪيو آهي هن ڪري مون اوهان کي اهو چيو آهي
 
هن موضوع کي درس سيڪشن “سنڌ جون وسنديون” ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.. جنهن جي ڊيسڪريپشن ۾ لکيل آهي..(هن سيڪشن ۾ رڪن پنهنجي ماڳ جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ سنڌ گهمڻ دوران متاثر ڪندڙ ماڳن ۽ وسندين جو تفصيل پڻ ونڊي سگهن ٿا...)
 
هن موضوع کي درس سيڪشن “سنڌ جون وسنديون” ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.. جنهن جي ڊيسڪريپشن ۾ لکيل آهي..(هن سيڪشن ۾ رڪن پنهنجي ماڳ جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ سنڌ گهمڻ دوران متاثر ڪندڙ ماڳن ۽ وسندين جو تفصيل پڻ ونڊي سگهن ٿا...)



مهرباني.................................................پر
 
Back
Top