کَرِڪَڻَا لَاهَي، سُکُ نَه سُتَا ڪَڏَهِين اَوسِيئَڙَو آهَي، کَاهَوڙِيُنِ کَي پَنڌَ جَو سُرُ کَاهَوڙِي کَرِڪَڻَا = کلتر، جتيون کَاهَوڙيُن = جبل جهاڳيندڙ، ڏٿ ڏوريندڙ، ڳولائو، انقلابي، انقلابي نظريي سان هٿياربند رهنما ۽ ڪارڪن بيت جو پس منظر ~ حق ۽ سچ جا ڳولائو پَيرن مان جُتيون لاهي ڪڏهن سُک جي ننڊ سُتا ناهن. ~ کين سدائين انتظار، اوسيئڙو، جستجو ۽ تلاش رهي ٿي، پنهنجي منزل تي رسڻ جي. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت بظاهر ته انهن جوڳين، سامين، سنياسين ۽ کاهوڙين بابت آهي جيڪي دنيا ترڪ ڪري حق جي ڳولا ۾ رات توڙي ڏينهن رلندا ۽ ڀٽڪندا ٿا وتن.کين دنيا جي سُک، آرام ۽ آسائشين جي پرواهه ناهي. بک، اڃ ۽ اڻهوند سندن ثمر آهي. ڀٽائي دراصل انهن ماڻهن جو ذڪر ٿو ڪري جن جو رشتو ۽ ڳانڍاپو پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان آهي.جن ماڻهن پنهنجي سڄي زندگي امن، انصاف، ڀائيچاري، رواداري ۽ ڌرتيءَ جي آزادي ۽ آجپي کي ارپي ڇڏي آهي. جن ماڻهن هن حق ۽ سچ جي راهه ۾ پاڻ پتوڙيو، تڪليفون، اذيتون، ايذاءَ، ٽارچر، قيد ۽ بند جون سختيون برداشت ڪيون پر وقت جي ظالم حڪمرانن آڏو پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو. غلاميءَ کان آزاديءَ تائين هي ويڙهه اڃان به ختم ناهي ٿي. سو اچو ته اسان به انهن مهان ماڻهن جي هن واٽ تي هلڻ جا هيراڪ ٿيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل