منهنجو ڪمپيوٽر / ونڊو 7 الٽيميٽ / 2007 / اسٽارٽ ٿيڻ تي اوچتو مسئلو ڏيکاري رهيو آهي ـ شروع ۾ اسٽارٽنگ ونڊو وٽ بيهي رهي ٿو ۽ پوءَ اسٽارٽنگ ونڊو جو مسئلو ڄاڻائي آٽوميٽڪ ريپيئر ڪري ٿو ۽ ان ۾ ناڪاميابيءَ تي هڪ آپشن، اسٽارٽ نارمل ونڊو اچي ٿو، ان کي ڪلڪ ڪرڻ سان ڪمپيوٽر نارمل اسٽارٽ ٿي وڃي ٿو ـ مطلب ته ڪمپيوٽر سيٽ جي اسٽارٽ ٿيڻ جومسئلو آهي، ڪو دوست ان جو حل ٻڌائي ته سندس مهرباني ٿيندي ـ
ان جا ڪئي سبب ٿي سگهن ٿا.. جن ۾ هارڊ ڊسڪ جو خراب هجڻ يا بيڊ سيڪٽر هجڻ... BCD يعني بوٽ ڪنفگريشن ڊيٽا جو ڊيميج ٿيڻ... بوٽ پارٽيشن جو ڪرپٽ ٿيڻ... دراصل جڏهن ونڊوز 7 انسٽال ڪبي آهي ته اها 100 MiB جو هارڊ ڊسڪ ۾ هڪ پارٽيشن ٺاهيندي آهي.. جيڪو ان پراپر شٽ ڊائون، اچانڪ بجلي جي وڃڻ يا هارڊ ڊسڪ جي فيل ٿيڻ کي درست ڪرڻ لاءِ ڪجهه فائلن جو استعمال ڪندو آهي جنهن ۾ چيڪ ڊسڪ جهڙا پروگرام هلائڻ وغيره شامل هوندو آهي.. ان جو حل ته اهو آهي ته سسٽم جي چيڪ ڊسڪ هلايو وڃي يا.. وري ونڊوز کي ٻيهر درست طريقي سان انسٽال ڪيو وڃي.. ۽ جي ٻيهر انسٽاليشن کان پوءِ به مسئلو برقرار رهي ته Easy Recovery Essentials کي استعمال ڪري ڏسجي...
سائين ذيشان رشيد صاحب.......ڄاڻ ڏيڻ لاءِ مهرباني ـ اوهان درست چيو ته اوچتو بجلي وڃڻ سبب اهو مسئلو پيدا ٿيندو آهي پر في الحال ڪمپيوٽر ته پاڻهي ڄاڻي ٺيڪ هلي پيوـ