حضرت موسي عليهه السلام مصر ڏانهن ويندي وات ڀلجي ويا، هر پاسي رات جي ڪاراڻ هئي، مينهن جي ڦڙ ڦڙ به وسي رهي هئي، ايتري ۾ پري کان هڪ ٻرندڙ ۽ روشن باهه نظر آئي، تڏهن پنهنجي گهرواري بي بي سڳوريءَ کي فرمايائون ته توهان اتي ترسو ۽ آءُ ٽانڊو کڻي ۽ واٽ جو به پڇي اچان ته، مصر ڪهڙي واٽ وڃي ٿي. پاڻ بي بي سڳوريءَ جن کي رڻ ۾ ڇڏي، پاڻ جڏهن اتي پهتا ته ڏٺائون، سبحان الله طورسينا ڏونگر. الله جي نُورَ سان چمڪي رهيو آهي ۽ آواز مبارڪ سنوڻ آيو ته اي موسي عليهه السلام مان تنهنجو پالڻهار آهيان، پوءِ پنهنجا جوتا لاهي اچ، ڇاڪاڻ ته تون هڪ پاڪ ماٿريءَ ۾ پهتو آهين، اهو ڪجهه چڱيءَ طرح ٻڌ. جيڪو تو ڏانهن وحي ڪيو وڃي ٿو، تحقيق آءُ ئي (الله ) آهيان. ڪجهه دير کان پوءِ کين هڪ ساروڻي آئي ته، مار بي بي صفورا جن کي، رڻ پٽ ۾ ته هيڪلو ڇڏي آيو آهيان! هن ڪاريءَ رات ۾ بيگناهه وقت، سندس الائي ڪهڙو حال هوندو؟! تڏهن کين رب العالمين جو حڪم ٿيو ته اي موسي انهيءَ پٿر تي لٺ مبارڪ هڻو.! لٺ هڻڻ سان پٿر ڦاٽي پيو ۽ ان مان هڪ ٻيو سهڻو پٿر نڪتو، تان ته موسي کي ٽئين پٿر ۾ هڪ جيت نظر آيو جنهن جي وات ۾ سائو ۽ خوشبودار پَنُ هو ۽ هو رب العالمين جي هن ريت تسبيح ڪري رهيو هو. پاڪ آهي اهو پالڻهار جيڪو مونکي هن ٽئين پٿر ۾ ڏسي رهيو آهي ۽ منهنجي تسبيح ٻڌي رهيو آهي ۽ منهنجي رهڻ وارو ماڳ معلوم اٿس ۽ منهنجي سدائين سار لهندو رهي ٿو ۽ مون کي وساريو ڪڏهن به ڪو نه اٿس. انهيءَ جيت کي ٽئين پٿر ۾ رب العالمين جو رزق ڏيڻ ۽ جيتڙي جي تسبيح ٻڌي حضرت موسي عليهه السلام جن جي دل مبارڪ کي آٿت ٿي. نوٽ؛ الله ماڻهوءَ جي ساروڻي ۽ اندر جو پسڻ به ٻڌي ٿو جيڪو ماڻهون عام طور زبان سان نه چوندو آهي.