بيمار روين جي ور چڙهيل سنڌي سماج ( عبرت جو اڃوڪو ايڊيٽوريل )شڪارپور لڳ ڳوٺ سڪندر ڪمالاڻي جتوئيءَ ۾ موبائل فون تي ڳالهائڻ تان ڪارنهن الزام هيٺ چئن عورتن سميت ست ڄڻا قتل ڪيا ويا آهن. اخباري خبرن پٽاندر ڳوٺ سڪندر ڪمالاڻي جتوئي ۾ زينت جتوئي موبائل فون تي ڳالهائي رهي هئي ته اُن جي مڙس شاهد عرف شاهو جتوئي پنهنجي زال کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي ماري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ هُن پنهنجي ڀاڄائي حليمه جتوئيءَ کي پڻ قتل ڪرڻ کان پوءِ ٻين ٻن عورتن کي پڻ ڳوٺ جي گهٽيءَ ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو. قتل ٿي ويل چئن عورتن کي سواءِ غسل ۽ ڪفن جي ڳجهه ڳوهه ۾ دفنايو ويو. جنهن کان پوءِ الزام هيٺ آيل گلڻ ڪمالاڻي جتوئيءَ تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ ڄڻو آزاد ڪمالاڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويو ۽ گلڻ ۽ باغ جتوئي زخمي ٿي پيا. گلڻ جتوئي اسپتال ۾ دم ڏنو، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ بخو ڪمالاڻي کي قتل ڪيو ويو. هيءُ واقعو سنڌ ۾ روزاني ٿيندڙ قتل ۽ غارتگريءَ جي واقعن کان وڌيڪ شديد ۽ نقصان ٿيندڙ آهي، جنهن ۾ ست انساني جانيون هڪ معمولي ڳالهه تان وڃائجي ويون آهن. انهيءَ سڄي واقعي جو بنياد شڪ تي آهي. سڪندر ڪمالاڻيءَ جي پنهنجي زال زينت جتوئيءَ کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي ماري ڇڏيو، اُن کي اهو لڳو ته سندس گهرواري ڪنهن ٻئي مرد سان ڳالهائي رهي هئي. اسان اهو ڏٺو آهي ته عام طرح سنڌ ۾ عورتن کي اهڙيءَ ريت سواءِ ڪنهن سبب جي قتل ڪيو ويندو آهي ۽ اسان اِهو به ڏٺو آهي ته اڄ ڏينهن تائين ڪارو ڪاري جي معاملي تي قانوني طرح کلي ڇوٽ پڻ ڏنل آهي. يعني جوابدار اهڙي ڪنهن به وحشياڻي واقعي ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه عرصي اندر آزاد ٿي ويندو آهي. مناسب قانونسازيءَ جي عدم موجودگيءَ جي ڪري اهڙن واقعن ۾ ڏينهون وڌ اضافو ٿيندو رهي ٿو. هيل تائين انساني حقن توڻي عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ڌرين پاران اها تقاضا ٿيندي رهي آهي ته ڪارو ڪاريءَ هيٺ ڪيل هڪ قتل يا ڪنهن ٻٽي قتل لاءِ اها ئي سزا تجويز ڪئي وڃي جيڪا ٻي هر ڪنهن قتل جي لاءِ مقرر ڪيل آهي. اها ئي انصاف جي تقاضا آهي ۽ اهڙي انتظام وسيلي اهڙن واقعن کي وڏيءَ حد تائين روڪي سگهجي ٿو. هي مسئلو رڳو شاهو جتوئيءَ جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ اچي پنهنجي گهرواريءَ زينت کي مارڻ تائين ئي محدود نه آهي پر اهو اسان جي سماج جو هڪ ”ٽيسٽ ڪيس آهي، جنهن مان اها ڳالهه چڱيءَ ريت سمجهي سگهجي ٿي ته اسان جو سماج ذهني طرح پنهنجي روين ۽ هلتڪاريءَ ۾ ڪهڙي نهج تي بيٺل آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسان جو سنڌي سماج صدين جي پسماندگيءَ جو شڪار آهي، جتي تبديليءَ جي عمل جي رفتار بنهه آهستي رهي آهي. سنڌي ماڻهو روايتي جاگيرداراڻن روين ۽ روِشن جي ور چڙهيل آهي. اهوئي سبب آهي جو اهڙا واقعا پيش ايندا رهن ٿا. جڏهن ته ٻي پاسي رياست پڻ پنهنجي طور تي ڪڏهن به اهڙو انتظام نه ڪيو آهي، جنهن جي وسيلي ماڻهو صدين پراڻي فرسوده ريتن ۽ رواجن ۽ بيمار روين مان ٻاهر نڪري ڪنهن صحتمند مائيدار ۽ مثبت لاڙن ۽ رجحانن ڏانهن وک کڻن. سرڪار ماڻهن کي جيئن جو تيئن واري حالت ۾، رڳو ئي رڳو حالتن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. ماڻهن لاءِ نه ته مناسب تعليم جو بندوبست آهي نه ئي انهن تائين ڪي اهڙا اپاءَ پهتا آهن، جن جي وسيلي اُهي پنهنجي زندگيءَ ۾ بنيادي تبديلي آڻي سگهن. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ننڍڙن ننڍڙ مسئلن تان ڏهه ڏهه ماڻهو هڪ ئي وقت نه ماريندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ ۽ اُنهن کي سمجهائڻ جي تمام گهڻي گهرج آهي. اهڙو ڪم رياست پنهنجي انتظامڪاريءَ وسيلي بهتر نموني سرانجام ڏئي سگهي ٿي. ماڻهو واقعي به پوئتي پيل آهن، انهن کي اها خبر ناهي ته اُهي ڇا ڪرڻ وڃي رهيا آهن ۽ نه ئي اُهي اهو ڄاڻن ٿا ته سندن هڪڙي نقصانڪار قدم کان پوءِ ٻين نقصانڪار قدمن جو هڪ اڻ کٽُ ۽ ڊگهو سلسلو هلي نڪرندو آهي. هن وقت جيڪا ڇڪتاڻ اُڀري آهي، انهيءَ جو دنگ به الائي ڪٿي وڃي ٿيندو. اسان اهو ڏٺو آهي ته معمولي کان معمولي مسئلن تان وڏي کان وڏا ۽ غير معمولي نقصان سامهون ايندا رهندا آهن. هن معاملي ۾ پڻ اهو لڳي رهيو آهي ته ڌريون هڪ ٻئي خلاف وڌيڪ اڳرايون ڪنديون. سوال هيءُ آهي ته انهن کي ڪير سمجهائيندو. ڇاڪاڻ ته اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪن ڌرين جي وچ ۾ ڪو اهڙو تڪرار شروع ٿيندو آهي ته اُنهيءَ سڄي معاملي کي برادرين جا چڱا مڙس معاملي کي ٺارڻ ۽ ٽارڻ بدران پنهنجي معاشي ۽ منافعي بخش مفادن لاءِ استعمال ڪندا آهن. اسان جو هن معاملي ۾ ڇڪتاڻ ۾ آيل ڌرين کي اهوئي چوڻ آهي ته انهن کي پاڻ ئي سمجهه کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ جلد ئي اُهي پنهنجي پاڻ ۾ ويهي يا ڪنهن ٽياڪڙيءَ وسيلي سرچاءَ جي واٽ ڪڍن. ڇو ته اڳي ئي ستن انساني زندگين جو زيان ٿي چڪو آهي ۽ اها ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. جيڪڏهن اهو معاملو ائين ئي وڌندو رهيو ته وڌيڪ انساني زندگين جي ڌيان کان سواءِ پلئه ته ڪجهه به نه پوڻو آهي ۽ نيٺ اڳي پوءِ معاملو ڪنهن راڄوڻيءَ وسيلي ئي طئي ٿيڻو آهي. جيڪڏهن هن سڄي معاملي جو حتمي نتيجو اهوئي نڪرڻو آهي ته پوءِ انهيءَ ڏس ۾ ٻي ڪنهن وڌيڪ نقصان ڪرڻ کان اڳ سمجهداريءَ کان ڪم ورتو وڃي.
جواب: بيمار روين جي ور چڙهيل سنڌي سماج جنهن قوم جون واڳون ڌارين جي هٿن ۾ هجن، جنهن قوم جي تعليمي، عدالتي ۽ صحت کاتن ۾ ڏوهاري ويٺا هجن، جنهن قوم جا نوجوان ڊگريون وٺي بي روزگار گهمندا هجن، جنهن قوم جا فيصلا، ڌرتيءَ کان هزارين ڪوهه پري ٿيندا هجن، جنهن قوم جي ماڻهن کي ڪلاشنڪوف ۽ ٻين موذي هٿيارن جي پهچ بنا روڪ ٽوڪ جي ٿيندي هجي، جنهن قوم جي ماڻهن وٽ اجتماعي سوچ نه هجي، جنهن قوم وٽ شرڪ ۽ شيطان جا ديرا ڄميل هجن ۔۔۔جنهن قوم وٽ سچ چوندڙن کي ڦاهيون، قيد ۽ ٻيون ڀيانڪ اذيتون ڏنيون وينديون هجن ته پوءِ اسان سماج ۾ کير ۽ کنڊ جي درياهن جي وهڻ جي اميد ته ڪري نٿا سگهون ۔۔۔ ها رت جا درياهه وهندا رهندا ۔۔۔ معصوم جانيون ضايع ٿينديون رهنديون ۔۔۔ ۽ ڪجهه ماڻهون ان تي لب ڪشائي ڪندا رهندا پر انجو اثر ايئن ئي ٿيندو جيئن پاڻيءَ ۾ اڇلايل ڪو ننڍڙو پٿر جو قليل وقت لئه ڪا لهر پئدا ڪري ختم ٿي وڃي۔ عمل سان ملندي آهي جنت به دوزخ به ۔۔۔ اسين ڪڏهن عملي قوم جي شڪل اختيار ڪنداسون تنهن جو پري پري تائين ڪو ڪرڻو نظر نٿو اچي ۔۔۔ سوال آهي ته نيٺ ڇا ڪجي؟ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔۔