سنڌڙي جا پنج هو غــــــــــــــدار ڏِسۡ،

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏10 ڊسمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سنڌڙي جا پنج هو غــــــــــــــدار ڏِسۡ،
    بي نڪا ۽ بي لڄا منهن ڪار ڏِسۡ،
    اڄ هو آ اطلاعات جو سو وزير ٿيو،l
    اشتهارن تي وڪيائين سنـــــڌ کي،
    لاهي پائي ديس لاءِ خنــــــــــزير ٿيو،
    يار بلٽريءِ جا بل ۽ ڀونڪار ڏِسۡ،
    هو وري شهدادڪوٽي چور ڏِسۡ،
    سمهڻ اوندهه جو آ عادي مور ڏِسۡ،
    پيو لٻي قانون کي ائين جا بجا،
    ڄڻ چڙهيو چاڏي مٿان آ نور ڏِسۡ،
    يار، وقت جي ويڪو پٽن جا وار ڏِسۡ،
    سنڌڙي جا پنج هو غــــــــــــــدار ڏِسۡ،
    بي نڪا ۽ بي لڄا منهن ڪار ڏِسۡ،
    پوءِ به آ هر وقت هو واهه واهه بلي،
    جنهن تي ڪل دادو پيو دانگي ملي،
    پيو چوي ڏيو وڏ-وزارت هڪ دفعو،
    پوءِ ڪريو ڪنهن شهر جو ڀنگي ڀلي،
    پير کي پئسو ڏئي، پرڪار ڏِسۡ،
    سنڌڙي جا پنج هو غــــــــــــــدار ڏِسۡ،
    بي نڪا ۽ بي لڄا منهن ڪار ڏِسۡ،
    خيرپوري شاهه هو شڪرو ته ڏِسۡ،
    آ موالي ڀنگ جو ڏڪرو ته ڏِسۡ،
    پيو ٻۡڙي ماءُ جيجل جي مٿان،
    ڪۡهڻ جهڙو بي نسل ٻڪرو ته ڏِسۡ،
    ڍور جهڙا ٿيا ڌڻن ڍنار ڏِسۡ
    سنڌڙي جا پنج هو غــــــــــــــدار ڏِسۡ،
    بي نڪا ۽ بي لڄا منهن ڪار ڏِسۡ،
    وڪڻي پرچيو فلم جون جيڪو پليو،
    ڀۡٽي جي ڪرسيءَ تي ڀولو چڙهيو،
    سڀ مارائي ڀۡٽا ترتيب سان،
    سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ لاءِ آ هليو،
    غير جي اٿس هٿ ۾ تلوار ڏِس،
    سنڌڙي جا پنج هو غــــــــــــــدار ڏِسۡ،
    بي نڪا ۽ بي لڄا منهن ڪار ڏِسۡ،
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    واه واه غدارن جي منهن تي اهڙا موچڙا هڻندا رهو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو