سنڌ جي عظيم سياسي اڳواڻ، دانشور، اديب ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي وڇوڙي جي خبر ٻُڌي دل ڀرجي آئي، انسان مادي جي پيداوار آهي نيٺ مٽي ۾ ملڻو آهي، پر اهڙا انسان سچ پُڇو ته صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. سوڀو گيانچنداڻي جنهن جي رڳ رڳ ۾ سنڌسان سان عشق وارو سنڌو جوپاڻي هو، سوڀي صاحب سان مُنهنجي ڪچهري مرحوم فقير ابراهيم سومري جي مهرباني سان 18 مارچ 2007 ع ۾ سندس لاڙڪاڻي واري گهر ۾ ٿي هُئي. ڪچهري دوران پاڻ هڪڙو ڪتاب جيڪو سندس زندگي ۽ فن تي اڪيڊمي ادبيات وارن اردو ۾ ڇپرايو هو پنهنجي آٽوگراف سان مونکي ڏنائين، جنهن جي مٿان لکيل هو پيار مان اُستاد نظاماڻي لاءِ ...اهو پيار وارو تحفو اڄ به مون وٽ موجود آهي. نه صرف اها ملاقات پر مُنهنجي لاءِ اهو ڪتاب به هڪ اعزاز آهي. انهي ڪچهري دوران مُنهنجا سانگهڙ جا دوست راجن مڱريو، ۽ منظور ملاح به گڏ هُئا. مون ڪامريڊ سا جيڪا ڪچهري ڪئي سا مون آڊيو رڪارڊ به ڪئي هُئي جيڪا مون وٽ اڄ به موجود آهي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي رابندر ناٿ ٽيگور مين آف موهن جو دڙو سڏيو هو ته بلوچستان جي ترقي پسند ليکڪ ڊاڪٽر شاه محمد مري ڪامريڊ تي جيڪو پروفائل لکيو هو ان جو عنوان موهن ڪي دڙي ڪا جوگي لکيو هو. ان جو سبب اهو هو ته ڪامريڊ جو جنم به موهن جي دڙي کان اتر طرف صرف چار پنج ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ ٻُنڊي ۾ ٿيو هو. پاڻ جڏهن بنگال جي شاعر رابندرناٿ ٽيگور جي شانتي نڪيتن ۾ ويا ته ٽيگور سان ملاقات دوران کين موهن جي دڙي جو ماڻهو سڏيائونس. سوڀراج جيڪو بعد سوڀو گيانچنداڻي جي نالي سان مشهور ٿيو، انهي شانتي نڪيتن جي تعليم ئي سندن فڪري طرح سندن ذهن تي حاوي رهي. پاڻ شانتي نڪيتن ۾ ئي زير تعليم هو ته ان وقت ڪاري پاڻي جي سزا ڪٽي ايندڙ ڪجهه انقلابين سان ملڻ لاءِ اتي ولڀ نالي ڳوٺ ۾ ويو جتي هن جي ملاقات سوشلسٽ انقلابين سان ٿي. ڪراچي ۾ حشوڪيول راماڻي سان گڏجي سنڌ جو سفر ڪيو شاگرد تنظيمن کي سرگرم ڪيو. پاڪستان ٺهڻ وقت سوڀي جا کوڙ سارا ساٿي ۽ مائٽ سنڌ ڇڏي ويا پر ڪامريڊ پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي، سياسي سرگرمين ڪري اڪثر ضمير جو قيدي بڻجي جيل ۾ به ڪاٽيائين. ان وقت جڏهن حسن ناصر وارا لاهور جي قلعي ۾ اذيت برداشت ڪري رهيا هوئا، ڪامريڊ سوڀو به انهي عذاب ۾ ڀوڳي رهيو هو. پاڻ جديد افسانه به لکيائون، سندن ڪهاڻين جو ڪتاب ڪڏهن بهار ايندو شايع ٿيو. ان کان علاوه ڪالمن جو ڪتاب تاريخ جا وساريل ورق، تاريخ جي ڳولا پڻ شايع ٿي چڪا آهن.شيخ اياز، سائين ابراهيم جويو، سائين جي ايم سيد سميت سنڌ جا کوڙ سارا اديب نه صرف ڪامريڊ جو تمام گهڻو احترام ڪندا هُئا، بلڪه کين سُٺن لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو اٿن، ڪيترن نوجوان اديبن ته گُرو ڪري مڃيو آهي. انور ڏنگڙائي ڪامريڊ تي ايم فل جو مقالو به لکيو آهي. ڪامريڊ جون خدمتون نه صرف سنڌ جي سياست لاءِ اهم رهيون پر سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت لاءِ به يادگار رهيون. هي انهن سنڌ جي بنيادي ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو جن ۾ امر لعل هنڱوراڻي، آسانند مامتورا، سان گڏ سوڀو صاحب به هو جنهن سوشل سريئلزم کي موضوع بنايو. هي اُهو ئي زمانو هو (سنه 1942ع) جڏهن گوبند پنجابي جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ”سرد آهون“ ڇپيو هو جنهن کي ترقي پسند ڪهاڻين جو پهريون مجموعو چئي سگهجي ٿو. ڪامريڊ جي ديهانت تي سنڌ هڪ سچي انقلابي، وطن دوست، صوفي منش ڏاهي انسان کان محروم ٿي وئي آهي، اهو خال شايد ڀرجڻ ۾ صديون لڳن.
ها ادا اهڙا ماڻهون صدين ۾ ورلي پيدا ٿيندا آهن، جنهن سائين ڪامريڊ سان ملاقات ڪئي اهو هڪ تمام وڏو اعزاز ۽ ايوارڊ آهي جنهن کي دنيا جي نوبل انعام سان به ڀيٽي نه ٿو سگهجي