نثري نظم اريشا بلوچ ....................... سياري جون سرد راتيون ۽ تنهنجا ڪوسا ڀاڪر ناهن وسريا مونکان پرين! مونکي ياد آهي چانڊونڪين راتين ۾ اچانڪ بارش جو پوڻ طوفاني گجگوڙ جي ڀيانڪ آواز کان ڊڄي وئي هيس تنهنجو پنهنجي ٻانهن ۾ پناھ ڏيڻ ناهي وسريو مونکان پرين! هڪ دفعي جواب ڏيڻ ۾ دير ٿي وئي هئي جڏهن تو مونکي پڪاريو هو چرين وانگر مونکي ڳوليندي ڪيڏو پريشان ٿي ويو هئين ۽ تنهن پل منهنجو اچانڪ سامهو اچي وڃڻ تنهنجو ڇڪي ڇاتي لائڻ ناهي وسريو مونکان پرين! تنهنجي مون سان تند اٽڪيل آهي ۽ منهنجي توسان جند اٽڪيل آهي جن تان تو مون لئه پنڌ ڪيا مون اهي سڀ رستا چميا آهن ناهن وسريا مونکان پرين! مونکي توکي زندگي سمجهيو تو مون لئه بندگي ڪئي آهي تو مونکي پنهنجي شاعري ارپي ۽ مون توکي پنهنجي هر خوشي ارپي ڇڏي تنهنجو منهنجي هن اونداهي جيون ۾ چنڊ جون روشن چانڊوڪيون ارپڻ ناهي وسريو مونکان پرين!
ادي تمام بهترين خيال. نظري نظم سان گڏ جيڪڏهن توهان وٽ غزل هُجن ته اهي به ونڊ ڪريو ته جيئن ڊزائين ڪري رکي سگهجن .