جِتِ نَه پَکِيءَ پَيرُ، تِتِ ٽِمِڪَي بَاهِڙِي ٻِيَو ٻَارِيندَو ڪَيرُ، کَاهَوڙِڪِيءَ کيرَ رِي سُرُ کَاهَوڙِي جِت = جتي تِت = تتي ٽِمڪَي = ٻري، جهلڪا ڏئي بَاهڙي = باهه، روشني کَاهَوڙڪيءَ = کاهوڙين کان کيرَ = جٿو، ٽولي ري = سواءِ بيت جو پس منظر ~جنهن جاءِ تي ڪنهن پکيءَ جو پير به ڏسڻ ۾ نٿو اچي اتي پئي باهه ٻري. ~ سواءِ هنن آديسين ۽ جوڳين جي ٻيو ڪير اها باهه ٻاريندو؟ سمجهاڻي هي صوفي، جوڳي، آديسي، سنياسي ۽ سامي پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي وڃن ٿا، منجهائن ڪو فرق ڏسڻ ۾ نٿو اچي. هي جُزُ وڃائي ڪُلَ جي ڳولا ۾ نڪتل ٿا ڏسجن. هو اتي ڪنهن اهڙي ولائت ۽ روحاني منزل تي پڳا آهن، جتي ڪو انسان ته ڇا پکي به پر هڻي نٿو سگهي. هي روشني جيڪا پري کان پئي ڏسڻ ۾ اچي سا هنن ئي ٻاري آهي. جڏهن سماج ۾ هر طرف ظلم، بربريت، درندگي، وحشت، ڏاڍ ۽ جبر هجي اتي ڀلا ڀٽائيءَ جهڙو عظيم مفڪر ۽ دانشور ڪيئن خاموش رهي ٿو سگهي. ڀٽائي هن علامتي بيت ذريعي سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ نظرياتي ۽ انقلابي سوچ کي جنم ڏئي ٿو. سو اچو ته هن اوندهه انڌوڪار کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀٽائيءَ جي سڏ کي ورنايون، ڪا روشني تلاشيون، ڪي شمعون جلايون ۽ ڪي ڏيا ٻاريون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل