کَاهَوڙِي جِتِ نَه پَکِيءَ پَيرُ، تِتِ ٽِمِڪَي بَاهِڙِي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10443450_10205063769252111_4418425213390122929_n.jpg

جِتِ نَه پَکِيءَ پَيرُ، تِتِ ٽِمِڪَي بَاهِڙِي
ٻِيَو ٻَارِيندَو ڪَيرُ، کَاهَوڙِڪِيءَ کيرَ رِي


سُرُ کَاهَوڙِي

جِت = جتي
تِت = تتي
ٽِمڪَي = ٻري، جهلڪا ڏئي
بَاهڙي = باهه، روشني
کَاهَوڙڪيءَ = کاهوڙين کان
کيرَ = جٿو، ٽولي
ري = سواءِ

بيت جو پس منظر

~جنهن جاءِ تي ڪنهن پکيءَ جو پير به ڏسڻ ۾ نٿو اچي اتي پئي باهه ٻري.

~ سواءِ هنن آديسين ۽ جوڳين جي ٻيو ڪير اها باهه ٻاريندو؟

سمجهاڻي

هي صوفي، جوڳي، آديسي، سنياسي ۽ سامي پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي وڃن ٿا، منجهائن ڪو فرق ڏسڻ ۾ نٿو اچي. هي جُزُ وڃائي ڪُلَ جي ڳولا ۾ نڪتل ٿا ڏسجن. هو اتي ڪنهن اهڙي ولائت ۽ روحاني منزل تي پڳا آهن، جتي ڪو انسان ته ڇا پکي به پر هڻي نٿو سگهي. هي روشني جيڪا پري کان پئي ڏسڻ ۾ اچي سا هنن ئي ٻاري آهي.
جڏهن سماج ۾ هر طرف ظلم، بربريت، درندگي، وحشت، ڏاڍ ۽ جبر هجي اتي ڀلا ڀٽائيءَ جهڙو عظيم مفڪر ۽ دانشور ڪيئن خاموش رهي ٿو سگهي. ڀٽائي هن علامتي بيت ذريعي سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ نظرياتي ۽ انقلابي سوچ کي جنم ڏئي ٿو.
سو اچو ته هن اوندهه انڌوڪار کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀٽائيءَ جي سڏ کي ورنايون، ڪا روشني تلاشيون، ڪي شمعون جلايون ۽ ڪي ڏيا ٻاريون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top