مختيار احمد ملاح سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ شاھ ڪريم بلڙيءَ واري کي بنيادي حيثيت آهي، شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود پوٽي کيس سنڌي شاعريءَ جو ”وهائوتارو“ سڏيو آهي. سنڌي شاعري جون ڪيتريون ئي روايتون ۽ ڌارائون شاھ ڪريم جي ڪلام مان ڦٽي نڪرن ٿيون. شاھ ڪريم جي ولادت سمن جي حڪومت جي آخري دور ۾ ٿي. پاڻ اغونن ۽ ترخانن جا خوني دور به پنهنجي اکين سان ڏٺائين. سنڌي شاعريءَ جو پهريون وڏو شاعر قاضي قادن سندس وڏو معاصر هو. شاھ ڪريم کانپوءِ ايندڙ شاعرن، سندس فن ۽ فڪر جي پوئواري ڪئي. مطلب ته هر لحاظ کان شاھ ڪريم سنڌي شاعريءَ جو هڪ ٿنڀو آهي. سندس حياتيءَ جي احوال، ڪرامتن ۽ معجزن، قولن ۽ بيتن کي سنسد هڪ مريد ميان محمد رضا ” بيان العارفين“ نالي ڪتاب ۾ گڏ ڪيو. بيان العارفين جي مؤلف ميان محمد رضا جي والد جو نالو عبدالواسع بن داروغه هئو، جنهن جي گهر ۾ سنسد جنم ٿيو. سندس جنم ۽ وفات جا سال نه ٿا ملن. ”بيان العارفين“ جي ديباچي ۾پاڻ پنهنجو تعارف هن ريت ڪرايو اٿس. نالي محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي بن عبدالڪريم شاھ عرف ميون شاھ ڪريم (944-1033هه) بن لال محمد عرف الله بن عبدالمنعم بن هاشم بن حاجي بن جلال عرف جراڙ بن مير علي سنڌي داروغه گهر ساڪن ٺٽو، جيڪو حضرت جن جي دلي طور ظاهري توڙي باطن جي لحاظ کان خادم ۽ پيرن جي خاڪ آهي، تنهن حضرت جن جون دلپذير حڪايتون ۽ وڏيون ڪرامتون سنڌي بيت، توحيد ۽ نصيحت جا عجب ۽ اعليٰ نڪتا گڏ ڪيا آهن“ ميان محمد رضا سنڌي ۽ فارسيءَ تي دسترس رکندڙ هو، سندس باري ۾ جيتوڻيڪ گهڻو احوال نه ٿو ملي. پر سيد حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ، عبدالمجيد کيس سنڌي داروغه ڪري لکيو آهي، مقالات الشعراءِ ۾ ملفوظات جي ترتيب محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي جو بحيثيت فارسي شاعر به مختصر ذڪر آيوآهي. هڪ شعر به ڏنو اٿس. بغم تو هر ڪه جان دادچه عش ز روز محشر ڪه ز زهر مي نتر سد خورد آنڪ پيش افيون بيان العارفين جي تدوين! شاھ ڪريم بنيادي طور اخلاقي درس ڏيندڙ هو. هو محلن ، مجلسن، مسجدن ۾ پنهنجي شاگرد، مريدن کي ۽ عام ماڻهن کي درس ڏيندو ۽ واعظ ڪندو هو. انهن ۾ موقعي ۽ مقصد جي حساب سان شعر ۽ قول ٻڌائيندو هو. محمد رضا شاھ ڪريم جو خاص مريد هو. خاص رهائش ۾ ويهي سيد صاحب جي گفتگو فارسي ۾ ۽ بيت سنڌي زبان ۾ ڪندو هو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي ملفوظات جي تڪميل جو سال 1038 هه (1628ع) يعني شاھ ڪريم جي وفات کان ڇهه ورهيه پوءِ ڄاڻايو آهي. ميان محمد رضا پنهنجي ڪتاب جو نالو ”بيان العارفين في التبيهه الغافلين“ رکيو آهي لکيڪ مطابق ” هن ۾ موچاريون ڳالهيون ۽ نصيحت جا نڪتا آهن. توحيد جا عجيب ۽ اعليٰ بيت آهن، شريعت ۽ معرفت جي رهبري ڪيل آهي، لکيڪ جو خيال آهي ته جيڪو هن بزرگ جا بيان پڙهندو، اهو ڪڏهن به غافل نه ٿيندو. بيان العارفين ۾ ڪل 194 بيت آهن، جن ۾ شاھ ڪريم جا 192 بيت، قاضي قادن جا اٺ بيت ۽ ڪن نامعلوم شاعرن جا6 بيت به ڏنل آهن. انهن کانسواءِ 3 هندي ۽ ڪجهه فارسي بيت به آيل آهن. ”ميان محمد رضا نه صرف شاھ ڪريم جا بيت فارسي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيا آهن، بلڪه شاھ ڪريم جا قول هٿ ڪري اهي قلمبند ڪيا. اهي قول ۽ احوال فارسي نثر ۾ لکيائين. انهن قولن جي وچ ۾ سنڌي بيت به آهن، جيڪي شاھ ڪريم ڳالهيون ڪندي اڪثر ٻڌائيندو هو. اهي بيت اصل ٻولي ۾ رکي، انهن جي هيٺان فارسي ترجمو رکيائين.ميمڻ عبدالمجيد سڌي (356) ميان محمد رضا جي ڪتاب بيان العارفين جي سڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪيترين ئي حوالن سان اهميت آهي. مثال طور (1) ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو لکي ٿو ته، سنڌي خط جو قديم نمونو شاھ عبدالڪريم بلڙي جي ڇپيل ڪتاب ۾ ملي ٿو. شاھ ڪريم کانپوءِ ٻين بزرگ شاعرن جو ڪلام، عربي، سنڌي رسم الخط ۾ لکيل مليو آهي. سڀ کان پهرين ميان محمد عارف ٺٽوي، شاھ ڪريم جي ڪلام، سندس قولن ۽ حياتي جي احوال کي خط نستعليق ۾ قلمبند ڪيو. بيان العارفين في التنبيهه الغافلين تي ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو پي ايڇ ڊي ڪري چڪا آهن. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو به ڪري ڪري چڪو آهي. اهڙي نموني اوائلي سنڌي لکت جو نمونو به شاھ ڪريم جي بيان العارفين مان ملي ٿو. 2) هن ڪتاب مان قديم سنڌي جو ڪلاسيڪل ڪلام ملي ٿو. جنهن ۾ سنڌي شاعريءَ جا ابا قاضي قادن ۽ شاھ ڪريم ٻئي موجود آهن. 3) مٿي ٻڌايو ويو آهي ته ميان محمد رضا بيان العارفين ۾ شاھ ڪريم جا خطبا ۽ قول فارسي ۾ لکيا، جيڪي اصل۾ سنڌي ۾ هئا. انهن قولن کي پڙهڻ سان شاھ ڪريم جي فڪر ۽ سندس نثري فقرن جي ملعلومات ملي ٿي. مثال طور (1) هر ڪو پساھ هڪڙو قاصد آهي، جو گويا رب تائين نياپو ٿو رسائي، تنهن ڪري جي ڪنهن پساھ يا نفس کي فوت ڪيو، تنهن ڄڻ ته خدا جو هڪڙو پيغام وڃايو“ (2) طالب کي گهرجي ته ڪمند وانگي هجي، جنهن جو پڇڙي ڪم نه ايندي آهي. تيئن اسان جي ننڍي وهي ۽ پيري ڪم جي ناهي. وچون ڀاڱو ڪم جو آهي، يعني جوانيءَ جو وقت توبهه ۽ عبادت جي لاءِ آهي. طالب کي انهيءَ وقت ۾اها لذت حاصل ڪرڻ گهرجي.“ (3) نياز ڪندڙ ماڻهو، ميويدار وڻ وانگي آهي، جو ميوو به ڏئي ۽ ڇانو به ڪري ۽ مغرور متڪبر ماڻهو کجي وانگي آهي، جا سڀني وڻن مان قد ۾ ڊگهي آهي، مگر جيترو قد اٿس اوترو نڪو ميوو ڏئي ته ڪو ڇانو.