لڇمڻداس ڪيسواڻي مان هي ڪتاب گهڻي عرصي کان پوءِ شايع ڪري رهيو آهيان. سچائي اها آهي جو اسان کي ڄاڻ ملي ته انگريزن ڀارت سرڪار کي جڏهن حڪومت جون واڳون ڏنيون ته اهو اقرار ورتائون ته گهربل انقلابي آزاديءَ جي پنجاهه سال گذرڻ تائين برٽش سرڪار جي حوالي ڪندا. اهو ئي سبب هو جو سڀاش چندر بوس جيستائين زندهه هيو ظاهر نه ٿيو. ان ڪري اسان به شانت رهياسون. 1980ع ۾ اڌيپور ۾ شري هري ليلاڻي سان اچانڪ منهنجي ملاقات ٿي ان ٻڌايو ته شري ٽيڪم ڀاٽيا هن کي اجمير ۾ گڏيو هيو. ان ڪري مان اجمير ويم، ڄاڻ ملي ته هو سرڳواس ٿي ويو آهي. شري حشو سبناڻي روهڙي سنڌ ۾ 1970 ۾ گذاري ويو.ان کان پوءِ پنجاهه سالن بعد مان ۽ هري ليلاڻي هڪ بيان لکي اٽيسٽيڊ ڪرائي گرهه وڀاڳ (گهرو کاتي) کي موڪليوسين ته اسان ٻه شهيد هيمون ڪالاڻيءَ جا ساٿي آهيون ۽ پاڻ کي ظاهر ڪيوسين جو پنجاهه سال اقرار جا پورا ٿي ويا هئا. ان بعد انيڪ دوستن صلاح ڏني ته توهين ڪيل وارداتن جو ذڪر ڪتاب ۾ لکي شايع ڪري عوام اڳيان پيش ڪيو، ان ڪري مان هي ڪتاب شايع ڪري عوام جي سامهون سچائي پيش ڪري رهيو آهيان ته اسان ست وارداتون پنجن ئي انقلابين ڪيون، پر ستين واردات ۾ اسان جو ساٿي شهيد هيمون ڪالاڻي پوليس جي گرفت ۾ اچي ويو ۽ ان وير هيمون ڪالاڻي مشڪندي مشڪندي ڦاسي جي ڦندي کي گلي لڳايو. پوليس جي مارڪٽ ڪرڻ بعد به هن ساٿين جا نالا ڪو نه کنيا. اهڙي مهان ساٿي کي مان سو سو سلام ٿو ڪريان. هڪ اهم ڳالهه مون هن ڪتاب ۾ انگريز جانسن ۽ ميري جو ذڪر ڪيو آهي. انهن جو پتا روهڙيءَ ريلوي شيڊ ۾ انجينئر هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مان انهن جي گهر به ويندو هيم.مان ۽ حشو سبناڻي 3 مئي 1943ع ۾ روهڙي ريلوي شيڊ ۾ بم رکي انهن جي گهر وياسون ۽ اتي پاڻي پي شيڊ جي گيٽ وٽ اڃا ڪو نه پهتاسون ته بم ڦاٽي پيو، ان ڪري ريلوي شيڊ جي گيٽ تي اسان ٻنهي کي بم رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. 4 مئي تي مارشل ڪورٽ ۾ اسان ٻنهي کي پيش ڪيائون، جتي ٻه انگريز جج هئا ۽ هڪ ميجر ڪرپلاڻي هيو. ڪرپلاڻي اسان کي بچائڻ پئي چاهيو، جيڪي دوست ملڻ آيا، انهن کي مون چيو ته مس ميري کي ترت ڪورٽ ۾ وٺي شاهدي ڏياريو ته اسان جي گهر آيا هئا. مس ميري ۽ ان جو پتا ٻنهي مارشل ڪورٽ ۾ پهچي جج کي چيو ته توهان هنن سان بي انصافي نه ڪيو. جج چيس اسان هنن ٻنهي لاءِ ڦاسي لکي آهي. پر اڃا قلم ڀڳو ڪا نه آهي. مس ميري۽ ان جي پتا جي زوربار تي ڦاسي وارو لکيل پنو ڪڍي ٻئي پني تي ٻن سالن جي سزا ڏني وئي، جي اهي نه اچن ها ته پڪ ڦاسيءَ تي چاڙهين ها. هي ٻيون ڀيرو ڦاسي تان بچي وياسون. هڪ ڀيرو هيمونءَ نالا ڪو نه کنيا ٻئي دفعي ۾ مس ميري ۽ ان جي پتا چيو ته اسان جو متر آهي ۽ اسان جي گهر ويٺل هيو. زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن دشمن به ڪم اچي ويندا آهن. ٻن سالن جي سزا ۾ ست مهينا هڪ ڏينهن مون کي انڊمان نڪوبار ڪاري پاڻيءَ يعني پورٽ بليئر جيل ۾ گهارڻو پيو. ان سواءِ اسان دوستن ڪڏهن به گڏ فوٽو ڪڍرائڻ نه چاهيو جو خطرو محسوس ڪندا هئاسون. ڇاڪاڻ جي گڏيل فوٽو هوندو اهو ڪنهن جي گهران پوليس کي هٿ آيو ته پنج ئي پڃري (جيل) ۾ بند ٿي وينداسون. ڪل ست وارداتون 1938ع ۾ منهنجي (لڇمڻداس ڪيسواڻيءَ) پتا جي بدلي سکر مان روهڙيءَ ٿي. روهڙي شهر سنڌو ندي جي ٻئي ڪناري تي آهي ۽ پهرين ڪناري تي سکر شهر آهي. سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ ريل به هئي. ٻيڙيون به هلنديون هيون، ان سواءِ سنڌو ندي مٿان لئنسڊائون پل به آهي. پيدل هلندڙ ماڻهو پل پار ڪري روهڙي ۽ سکر پهچندا هئا. براج واري رستي کان ٽانگا، ڪاريون ۽ بسيون به هلنديون هيون. اسان سکر کي ڇڏي روهڙي ۾ پنهنجي جاءِ ۾ اچي رهياسون جا لوهارڪي سمري تي هئي. مون هاءِ اسڪول روهڙيءَ ۾ داخلا ورتي پر مزو نه آيو، ان ڪري روهڙيءَ جي هاءِ اسڪول کي الوداع ڪري واپس سکر واري نيو ماڊل هاءِ اسڪول ۾ داخل ورتي. ڪافي شاگرد ۽ ماستر روهڙيءَ کان پيدل پل پار ڪري ٻين شاگردن سان گڏ نيو ماڊل هاءِ اسڪول ۾ پهچندا هيا. اهو اسڪول ڪئينس روڊ تي هيو. ٽڪر تي نيو ماڊل هاءِ اسڪول کان سواءِ تلڪ هاءِ اسڪول، پنجابي هاءِ اسڪول، سينٽ ميري هاءِ اسڪول، نوجوان برادر منڊل ۽ پي پي گرلس هاءِ اسڪول به هيو، انهن سڀني اسڪولن جي وچ ۾ ليوڪس پارڪ هيو. جتي سڀني اسڪولن جا شاگرد اچي گڏ ٿيندا هئا. ڇاڪاڻ ته اتي رسيس وقت ڇٻي وارا، گاڏي وارا، چاٽ وارا سڀ اچي پنهنجو ڌنڌو ڪندا هئا، روز صبح جو مان به روهڙيءَ مان نڪري سکر واري اسڪول ۾ پهچڻ لاءِ پيدل پل پار ڪندو هيم، پيدل هلندي روهڙيءَ جي هڪ شاگرد حشو سبناڻي سان گهري دوستي ٿي ويئي جو ٻئي ساڳي ڪلاس ۾ پڙهندا هياسون. پوءِ ته روزانو گڏ پل پار ڪندي ڳالهيون ڪندا اسڪول پهچي ويندا هياسون. جيتوڻيڪ پل کان ٻيا به گهڻيئي شاگرد پل پار ڪري سکر پهچندا هئا لئنسڊائون پل کان هيٺ لهڻ کان پوءِ ريلوي لائين هيٺان هڪ وڏو دروازو هيو. ان دروازي مان ايندڙ سکر پراڻي جي شاگردن سان به وقفيت ٿي. سکر پراڻي جو هڪ شاگرد هري ليلاڻي جو منهنجي ڪلاس ۾ پڙهندو هيو سو به اڪثر دروازي وٽ ملي ويندو هو. هري ليلاڻي، ٽيڪم ڀاٽيا ۽ هيمون ڪالاڻي ٽئي سکر پراڻي کان ايندا هئا جو هيمون ۽ ٽيڪم تلڪ اسڪول ۾ پڙهندا هئا. هري ليلاڻي مون سان ۽ حشو سبناڻي اسان سندس واقفيت ڪرائي. پل کان هيٺ لهڻ بعد گهڻو ڪري اهي ٽيئي گڏجي ويندا هيا ۽ پوءِ گڏ هلندي ڳالهيون ٻولهيون ڪندا پنهنجي اسڪولن ۾ پهچندا هئاسون. چڱي دوستي ٿي ويئي. هڪ ڏينهن اچانڪ ڄاڻ پيئي ته مهاتما گانڌي ڪراچي اچي رهيو آهي، ان ڪري صلاح بيٺي ته مان ۽ حشو سبناڻي ڪراچي وڃي مهاتما گانڌيءَ سان ملون. حشو سبناڻي ۽ مان (لڇمڻداس ڪيسواڻي) ٻئي ڪراچي پهچي وياسون. مهاتما گانڌي جي ميڙ ۾ زبردست ڀيڙ هئي، ليڪن خوش قسمتي اها هئي جو سکر جو ماستر رنگل مل وڏو پنکو هٿ وارو کڻي جنتا مٿان لوڏي رهيو هو. مان به هڪدم ماستر رنگل مل کي چيو ته سائين! توهان ٿڪي پيا هوندا، هينئر مون کي سيوا ڪرڻ ڏيو، ماستر صاحب پکو مون کي ڏنو، مان ڀيڙ کي چيريندو پکو لوڏيندو مهاتما گانڌيءَ جي ويجهو پهچي ويم، ٺيڪ ان وقت مهاتما گانڌيءَ جي تقرير پوري ٿي، مان گانڌيءَ جي چرنن تائين پهچي کيس عرض ڪيو ته مون کي به ڪو ديش جي شيوا جو موقعو ڏيو، ديش جي ڪيئن شيوا ڪجي، اهو ٻڌايو. هن پڇيو ته ڇا ڪندو آهي؟ مون وراڻيو شاگرد آهيان، اسڪول ۾ پڙهندو آهيا، مهاتما گانڌي يعني موهن داس ڪرمچند گانڌيءَ چيو ته جنتا کي جاڳرت ڪرڻ لاءِ توهان شاگرد نڪري نروار ٿيو ۽ وک وڌائي ديش جي آزاديءَ لاءِ ميڙ ڪيو ۽ عوام کي انگريزن خلاف تيار ڪيو، آزاديءَ جي آندولن ڪندا رهو. ايئن چئي گانڌي هلڻ لڳو. مان هن سان هلندي چيو ته مان اوهان کي وشواس ٿو ڏياريان ته توهان جي ٻڌايل نقشِ قدم تي هلي هن فرنگي سرڪار خلاف بعاوت جي باهه ٻاري ڇڏينداسون ۽ پاڻ سان گڏ ڪي انقلابي پيدا ڪنداسون. سڀا ختم ٿيڻ بعد مان، حشو سنڀاڻي ۽ سائين رنگل مل سان ملي اُنهن کي حيقت ٻڌائي ٻئي خوش ٿيا. مان ۽ حشو سنڀاڻي واپس روهڙي پهچي وياسين. سومر ڏينهن اِسڪول جي رسيس مهل مان ۽ حشو سبناڻي سربستي ڳالهه هيمون ڪالاڻي، هري ليلاڻي ۽ ٽيڪم ڀاٽيا کي ٻڌائي، اُنهن به وراڻيو اڄ کان اسان به اوهان جا ساٿي بڻجي، انقلابي ڪاريه ڪنداسون. ٻن ڏينهن بعد يعني ٻڌر ڏينهن پاڻ ۾ گڏجي طئه ڪيوسين ته ايندڙ آر توار تي پنج ئي ملي ڪا ڪارروائي شروع ڪيون. واردات پهرين آرتوار ڏينهن کاڌي ڀنڊار کان هڪ ٽرنگو جھنڊو خريد ڪري سکر جي ڪليڪٽر جي آفيس تي منهن اونڌاهيءَ جوپهتاسون جتي ڪو به پهريدار حاضر ڪونه هيو، اِنڪري ساٿين مون کي ڪلهن تي چاڙهي ڇت تي پهچايو ۽ چيائون ته جھنڊو لاهي ٽرنگو قومي جھنڊو چاڙهج اُن وقت شهيد هيمون مزاق ڪندي چوڻ لڳو لڇمڻ چڙهي وڃ سوريءَ تي رام تنهنجو ڀلو ڪندو. مان به ڇرڪ ڀريندي جئڪ جھنڊو لاهي هيٺ ڦٽي ڪيو ۽ قومي جھنڊو لڳايو اُن بعد ساٿين جي سهيوگ سان هيٺ لهي آيس ۽ پنج ئي ڪليڪٽر آفيس کان رفوچڪر ٿي وياسين. هيءُ اسان جو پهريون اِنقلابي قدم هو. هيمو پنهنجي چاچي شري منگھارام ڪالاڻيءَ کي اِها حقيقت ٻڌائي.، شري منگھارام هيمون کي چيو ته تون پنهنجي ساٿين سان مون کي ملاءِ. سومر ڏينهن ڪليڪٽر آفيس مٿان قومي جھنڊو ڏسي آفيس جا ڪلارڪ، ڪليڪٽر ۽ آيل ماڻهو دنگ رهجي ويا، هڪدم پوليس ڪپتان به اچي پهتو ۽ ٿاڻي وارا به اچي سهڙيا، پوليس ڪپتان جو جيتري قدر مون کي نالو ياد آهي، اُن جو نالو هيو هيئرس صاحب، اِئين معلوم ٿيو ته ڪليڪٽر ڪيئر ٽيڪر کي ڌمال ڪڍي چيو ته مان توکي ڊسمس ڪري ڇڏيندس. اِهو سڄو احوال اسان قرباني اخبار ۾ پڙهيو، پر اسين شانت رهياسون ڄڻ اسان کي ڪابه خبر نه آهي پر ڪليڪٽر ۽ ڪپتان حيران هيا ته اِهو ڪيئن ٿيو آهي ڪهڙا اِنقلابي پئدا ٿيا آهن. شهر ۾ ڪافي چرچا ٻڌندا هئاسون. پر اسان منهن بند رکندا هئاسون. سي آءِ ڊي وارن شهر ۾ چڱي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي. پر اُنهن کي سڌُ ڪانه پئي، اُن ڪري ڏاڍا شرمسار ٿي پيا. هن واقعي کان پوءِ اسان چئي رهيا هئاسون ڪاميابي جي ڪوٽ تي پهچي ويا آهيون. وادات ٻي طئه ڪيو ويو ته هينئر ٻيو ڌماڪو، يعني ٻي واردات ڪيون. نيٺ گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ هڪ منصوبو رٿيو ويو ته سکر شهر جي ريلوي اِسٽيشن جي رستي تي هڪ پراڻي پوليس چوڪي آهي، اُن ۾ بم رکي چوڪيءَ کي اُڏائي، فرنگي سرڪاري جو هوش اُڏائي ڇڏجي. اِها رٿ چار ڏينهن سوچيندا رهياسيون، اُن بعد شري منگھارام ڪالاڻي اسان کي خبر نه آهي ته ڪٿان پاوَر ڦل بم آڻي ڏنو. اسان اُن کان پڇيو ته اِهي بم ڪٿان ملندا آهن، هن وراڻيو ته اِن ڳالهه جي توهان کي پڇڻ جي ضرورت نه آهي، جڏهن جڏهن اوهان کي ضرورت پوندي ته مان توهان کي آڻي ڏيندم ۽ پوري مدد ڪندم. بم حاصل ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن تي اسان پنج ئي الڳ الڳ ٿي پراڻي پوليس چوڪي تي پهتاسون، بم جي ڳوٿري حشو سنباڻي، جي هٿ ۾ هئي. ان وقت منهن اونداهو هئو ۽ روڊ تي ڀيڙڪا نه هئي. وقت جو فائدو وٺي، حشو سنباڻي هيمون ۽ مان چوڪيءَ جو ڪڙو کولي هڪدم اُتي بم جي ڳوٿري رکي ڪڙو بند ڪري، سڀيئي الڳ الڳ ٿي پنهنجي گھرن ۾ پهچي وياسين. صبوح جو جئين ننڊ مان اُٿياسون ته اخبار جا سکر مان روزاني قرباني شايع ٿيندي هئي، اُن ۾ سربستو احوال پڙهيو ته بم ايترو پاور ڦل هو جو پوليس چوڪي جي ڇت اُڏامي ويئي. هن بم ڦاٽڻ بعد پوليس جا ڍڍر ئي ڍرا ٿي ويا. اخبار ۾ لکيل هيو ته ڪن اِنقلابين پوليس چوڪي جي ڇت کي اُڏائي ڇڏيو، ليڪن اڃا تائين ڪا به گرفتاري ڪانه ٿي آهي. وس وارا ڪافي ڪاوڙ ۾ آهن. اِهو ڪم اسان ڇنڇر ڏينهن ڪيو هيو. اُن ڪري آرتوار پنهنجي گھرن ۾ گھاريوسين جو ٻاهر وڃڻ مناسب نه سمجھيوسين ۽ نه وري پاڻ ۾ ملياسون. ٻن ڏينهن کان پوءِ پوليس ڪن ڪانگريسي ڪاريه ڪرتائن کي گرفتار ڪري، اُنهن کان ڌمڪيون ڏئي پڇيو، اُنهن وراڻيو اسان کي ڪابه ڄاڻ ڪانه آهي. اسين ڪانگريسي ضرور آهيون. پر اِهو ڪم اسان ڪونه ڪيو آهي، جو اسين ٻچڙيوال آهيون، اُن هوندي به پوليس اُنهن کي سڄي رات ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو. صبوح جو ڪي ڪانگريسي اڳواڻ ٿاڻي تي اچي پهتا ۽ وس وارن کي سمجھائي ڪاريه ڪرتائن کي آزاد ڪرايو. پوليس ڪپتان ٻن ٿاڻن جي صوبيدارن کي بدلي ڪري ڇڏيو ۽ سي آءِ ڊي انسپيڪٽر کي به بدلي ڪري ڇڏيو. سومر ڏينهن اِسڪول وياسون ۽ رسيس مهل پنج ئي ليوڪس پارڪ ۾ ملي چاٽ کائي پنهنجي پنهنجي اِسڪول ۾ وياسون. هيمون ڪالاڻي ۽ ٽيڪم ڀاٽيا تلڪ اِسڪول ۾ پڙهندا هئا. باقي مان، حشو ۽ هري نيو ماڊل اِسڪول ۾ پڙهٿندا هياسيون. وري آرتوار جي ڏينهن مان ۽ حشو سنباڻي سکر شهر ۾ پرڀات ٽاڪيز ۾ مئٽني شو ڏسڻ وياسين. جو لڙائيءَ واري فلم هئي، اُن ۾ ناديا، جان ڪائوس وغيره هيا. فلم ڏسي پرڀداس جي هوٽل تي ناشتو کائي واپس ريل گاڏي تي چڙهي اچي روهڙي پهتاسون ۽ رستي ۾ سوچيندا رهياسون ته ٽيون ڌماڪو ڪٿي ۽ ڪيئن ڪجي. سومر ڏينهن رسيس ۾ ليوڪس پارڪ ۾ صرف ٽيڪم ڀاٽيا مليو. باقي ٻيا اِسڪول ڪونه آيا هئا. منگل ڏينهن اچانڪ اِسڪول پهچڻ بعد اِسڪولن جي موڪل ٿي ويئي. جو تعليم کاتي جو ڪو عملدار گذاري ويو هيو، اُن ڪري اسان پنج ئي گڏجي معصوم شاهه جي مناري تي وياسون. آخري منزل تائين پهچي وياسون، لهي ڪري آياسون. نيٺ اِئين سوچيو ته معصوم شاهه جو منارو بم سان اُڏائجي پر ڪي ساٿي چوڻ لڳا ته بي گناهه ياتري مارجي ويندا ۽ اِها رٿ رد ڪري پنهنجي گھرن ۾ اچي آرامي ٿياسين. ٻئي ڏينهن تي مان ۽ حشو ڪئنيس روڊ تي سکر پراڻي جي گيٽ وٽ بيهي هيمون، هري ۽ ٽيڪم جو اِنتظار ڪرڻ لڳاسون. جيئن اُهي آيا ته هيمون چيو ته منهنجي گھر هلو اُتي ٿا صلاح ڪيون. هريءَ جو چوڻ هو ته منار ۾ بم رکي اُڏائجي، نيٺ سوچيندي سوچيندي رات جا اٺ وڄي ويا، ڪوبه فيصلو ڪري ڪونه سگھياسون، ڇهين بجي پل پار ڪرڻ بند ٿي ويندي هئي ۽ رات جو ٻيڙي به ڪانه ملي تنهن ڪري سکر اِسٽيشن تي پهچي، ريل رستي روهڙيءَ پهتاسون. منهنجي ماءُ مون تي بيحد ناراض ٿي ته رات جو ڏهه ٿا وڄڻ، اسان اکيون پائي واٽ پئي نهاري ۽ تون آهين جو گھر وارن کي پريشان ٿو ڪرين. امڙ جي ڳالهه جو ڪوبه جواب نه ڏيئي کانو کائي، نندرا ديويءَ جي گود ۾ سمهي رهيس. ٻئي ڏينهن صبوح جو پاڙي وارو ٽڪيٽ ڪليڪٽر گرڌاري لعل چوڻ لڳو توهان دير رات جو گاڏي مان لٿا هئا، مون اوهان کي ڏٺو هيو، ڪيڏانهن ويا هئا، کيس ٻڌايم ته سکر ۾ فلم ڏسڻ ويا هياسون، اُنڪري دير ٿي ويئي. ٻئي ڏينهن تي اِسڪول لاءِ جيئن گھر مان نڪتم ۽ پل وٽ پهتم ته گڏ پڙهندڙ سگو مليو تنهن چيو ته مون توکي ۽ حشو کي رات جو اِسٽيشن تي ڏٺو. ڪيڏانهن ويا هئا؟ ايتري ۾ اسان جي اِسڪول جو ماستر، جو روهڙي ۾ رهندو هيو شري گوبندرام باکرو به اچي پهتو ۽ چوڻ لڳو ڪالهه شام جو اِسڪول جي موڪل بعد توهان نظر ڪونه آيا. حشوءَ جواب ڏنس ته سائين فلم ڏسڻ ويا هئاسون. سائين سان ڳالهيون ڪندا اِسڪول اچي پهتاسون. هري ليلاڻي اڳ ئي اِسڪول اچي پهتو هيو جو پراڻي سکر ۾ رهندو هيو. رسيس ۾ پنج ئي ليوڪس پارڪ ۾ ملياسون. اُتي اچانڪ سينٽ ميري اِسڪول جي انگريز شاگرد جانسن مون کي انگريزيءَ ۾ اچي چيو ته ”ڇا حال آهي؟ مون کيس چيو بلڪل ٺيڪ آهي ۽ کيس چيم ته اڄ اڪيلو ٿو نظر اچين، تنهنجي ڀيڻ مس ميري ڪٿي آهي. جواب ڏنائين طبيعت ٺيڪ ڪانه اٿس جو مدي جو بخار ٿي ڇيو هيس. هينئر فائدو اٿس پر اڃا اِسڪول ڪونه اچي سگھندي. انهن سان منهن جي ليوڪس پارڪ ۾ واقفيت ٿي هئي. اِها ڳالهه منهن جي دوستن کي ڪانه آئڙي، چوڻ لڳا ته فرنگين سان دوستي نه رک ته بهتر آهي، مون کين چيو ته هي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ روهڙي ۾ رهندا آهن، جو اُنهنجو پتا ريلوي ۾ اِنجنيئر آهي ۽ ڀلا ماڻهو آهن. اُن بعد هيمونءَ چيو ته آخر ڇا سوچيو اٿوَ. مون هيمونءَ کي چيو ته سڀاڻي هري ليلاڻي جي گھر هلي اُن جي ڇت تي سوچينداسون. هينئر هتي ڀتين کي به ڪن آهن. آرتوار ڏينهن هري ليلاڻي جي گھر جي ڇت تي ويهي فيصلو ڪيوسين ته ٽين واردات يعنيٰ ڌماڪو غريب آباد واري پوليس فوجداري ٿاڻي جي ڪنڊ وٽ ٺهيل ٻه ڀتيون آهن، اُتي بم رکي ٿاڻي جي ڀت اڏائي ڪنداسين. واردات ٽين ٻن ڏينهن بعد مون هيمونءَ ۽ هريءَ همٿ ڪري ٿاڻي جي موڙ وٽ بم رکڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اهو بم به هميشه جيان منهن اونداهي وقت رکيوسين. صبوح جو اخبار ۾ پڙهيوسين رات جو ڏهين بجي ٿاڻي جون ٻه ڀتيون ڪن اِنقلابين بم رکي اُڏائي ڇڏيون. بم ايترو پاور ڦل هو جو اوڙي پاڙي وارا به گھٻرائجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته اِنقلابين پوري هن ٿاڻي کي اُڏائڻ لاءِ پاور ڦل بم رکيو پر مالڪ جي مهر ٿي جو ٻن ڀتين جو ڪچومر نڪري ويو. ان خبر کي ٻڌي سنڌ جو انگريز آءِ جي پوليس ۽ ڪي بالا عملدار اچي سکر پهتا ۽ ڪتا ساڻ وٺي آيا. ڪتا فوجداري وٽ سنگھي پوليس کي ٽاور تائين وٺي آيا اُن بعد ڪتا اُتي ئي بيهجي ويا. حقيقت اِها آهي ته اسان الڳ الڳ ٿي ٽاوَر وٽ پهچي هڪدم الڳ الڳ ٽانگن تي ويهي پل وٽ اچي پهتاسون، اُنڪري اسان جي پيرن جا نشان کڻي ڪتا يا پير واٽو وارا سپاهي صرف ٽاوَر تائين پهچي سگھيا. اخبار ۾ اها ڳالهه پڙهي چنتا ۾ اچي وياسون ته ڪٿي ڦاسي نه پئون. شام جو بابا نيڀراج وٽ وياسون. پاروشاهه تي مٿو ٽيڪيو ۽ بنسي لعل جي ٽڪاڻي ۾ بابا گرونانڪ ديو کي مان ۽ حشو آراڌنا ڪئي ته اسان جا ڪشٽ ڪٽ. پوليس حيران هئي ته آخر هي ڪير ڌماڪا ڪري رهيو آهي. پوليس ڪن بي گناهن کي پڪڙي پريشان ڪيو. اسان شاگرد هياسون ۽ ڪوشش ڪري پنج ئي گڏ ڪونه گھمندا هياسون. باقي مان ۽ حشو اڪثر گڏ رهندا هئاسون ۽ اجايو شهر ۾ به ڪونه گھمندا هئاسون. اسڪولي شاگرد هياسون. پر چوندا هئاسون اڻٽيهه راتيون چور جون ٿينديون آهن ۽ نيٺ ٽيهن رات ساڌ جي ٿيندي آهي. پوءِ ته پوليس هڏ گڏ ڀڃي پورا ڪري ڇڏيندي. اُن ڪري طئه ڪيوسين ته حال شانتي ڪري رهڻ گھرجي. اسان ٽي ڌماڪا ڪري ڄڻ مير ماريو آهي جو پوليس اسان تائين پهچي ڪونه سگھي آهي. واردات چوٿين 1939 ۾ وري آسان چوٿون ڌماڪو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وياسون. اهو ڌماڪو (واردات) ريلوي پوليس ٿاڻي سکر ۾ بم رکي ڪيوسين. ٿاڻي ۾ هيڊ منشي ۽ منشي لکڻ ۾ محُو هئا، وجھه وٺي اسان پنهنجي چستيءَ سان ڪم پورو ڪري رفو چڪر ٿي وياسون، اِهو بم ٽيڪم ڀاٽيا ۽ حشو سنباڻيءَ ڳوٿري ۾ رکي آيا هئا ۽ اسان الڳ الڳ ئي روانا ٿي وياسون ته جيئن پيري واٽو جيئن اسان جا پير سڃاڻي نه سگھن ۽ نه وري ڪتا اسان تائين پهچي سگھن. اُن ڪري ٽانگو ڪري اسان سڀيئي پنهنجي پنهنجي گھرن ۾ پهچي وياسون. صبوح جو قرباني اخبار ۾ پڙهيوسين ته ڪن پٺاڻن کي اسان پڪڙيو هيو ۽ اُنهن کي مار ڪٽ ڪئي وئي هئي. ويندي وقت چئي ويا ته بدلو توهان کان ضرور وٺنداسون. اُن ڪري پوليس جو شڪ انهن پٺاڻن طرف هيو ۽ اُنهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ شهر جي چپي چپي ۾ اُنهن پٺاڻن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائون پر پٺاڻ ڪونه ملين ۽ پوليس جي جفاڪشي اجائي وئي. جيتوڻيڪ پوءِ سکر ۽ روهڙي ريلوي اِسٽيشن تي پوليس جي ڇانوڻي لڳي ويئي هئي ۽ پوليس آفيسرن بيان ڏنا ته اِهي بم شهر جا شودا يعنيٰ بدمعاش رکي رهيا آهن. سو شهر جي بدمعاشن، ڳنڍي ڪپ وارن کي گرفتار ڪري گونڊا ائڪٽ ۾ سينٽرل جيل ۾ موڪليو. اها خبر اخبارن ۾ وڏن اکرن ۾ شايع ٿي، اِئين به لکيو ويو ته شهر جي مکيه بدمعاش رحمان کي پوليس گرفتار ڪري ڪانه سگھي. اُن ڪري بدمعاش جيل مان آزاد ٿي آيا. اسان جڏهن اِسڪول وياسين ۽ رسيس ۾ هڪ ٻئي سان ملياسين ته چوڻ لڳاسين ”کٽي آياسون خير سان هوجمالو“. واردات پنجين ڪاميابيءَ ڪري پنجون ڌماڪو مئي 1939 ۾ ڪرڻ لاءِ ٽيڪم جي گھر گڏ ٿياسين، ليڪن ٽيڪم جي گھر مهمان اچي ويا اُنڪري اسان واپس پنهنجن گھرن ۾ وياسين. نيٺ پنجون ڌماڪو بندر روڊ ڏانهن ويندڙ رستي تي ٺهيل پوليس جو گھاٽ، جتي اڪيلا پوليس وارا ۽ جمعدار رهندا هيا، اُن گھاٽ کي بم سان اُڏائڻ جي يوجنا تيار ڪئي وئي ۽ بم به حاصل ڪيو ويو. الڳ الڳ ٿي گھاٽ جي ڀرسان پهتاسين، بم ٽيڪم ڀاٽيا ڳوٿريءَ ۾ کڻي آيو هو، گھاٽ زمين کان ڇهه فوٽ مٿي هيو، منهن اونداهي جو وقت هيو. همٿ ڪري مان يعنيٰ ليکڪ ڪيسواڻي، هيمون ۽ ٽيڪم ڀاٽيا گھاٽ تي چڙهياسون، گھاٽ ۾ اُن وقت ڪو به پوليس جو ماڻهو حاضر ڪونه هيو، اُن ڪري هڪ ڪمرو خالي کليل پيو هيو اُن ۾ بم واري ڳوٿري رکي، ٽئي هڪدم هيٺ لهي آياسون ۽ فيصلي مطابق پنجاهه فوٽن کان پوءِ رستي جي موڙ کان نڪري ٽانگو ڪري پنج ئي سکر پراڻي واري ريلوي پل هيٺ پهچي وياسون. مان ۽ حشو ٻئي پل پار ڪري روهڙيءَ پهچي وياسون. صبوح جو وري اخبار ۾ اُهو سماچار پڙهيواسين ته پوليس گھاٽ تي ڪن شاهينگن بم رکي ڪمري جي ڇت اُڏائي ڇڏي، اُن کي ڏسڻ لاءِ پوليس جا آفيسر پهتا ۽ حشام ماڻهن جا پهتا. پوليس سخت غصي ۾ هئي ۽ اسان شانتيءَ جو پاٺ پڙهي گھر ۾ کڳيون هڻندا رهياسون ته پوليس اسان تائين ڪونه پهچي سگھندي، اُن هوندي به حالتن جو جائزو وٺندا رهياسون ۽ ڏسڻ ۾ آيو ته سي آءِ ڊي پوليس تمام چوڪس آهي جو ڪن بدمعاشن ۽ ڪن ڪانگريسين کي لالچائي حقيقت هٿ ڪرڻ لاءِ يتن ڪري رهي هئي. اِها حالت ڏسي 1939 جو سڄو سال نڪري ويو ۽ هٿ مليندا رهجي وياسين ۽ 1940 ۾ مئٽرڪ ڪلاس ۾ مان حشو ۽ هري ليلاڻي هياسون. بمبئي يونيورسٽيءَ جي سخت نيتيءَ سبب زور شور سان پڙهڻ لڳاسون، اسان جو ماستر چوندو هيو مئٽرڪ ڪلاس ڏاڍو ڏکيو آهي، اُنڪري اسُر جو اُٿي پڙهائي ڪريو ۽ جوڳي جيان جوڳ پچايو ته پاس ٿيندوَ. اسان به زور شور سان پڙهڻ لڳاسون. هڪ ڏينهن مان گھران اِسڪول لاءِ نڪتس ته تارو درياهه شاهه جي ڪپ تي روهڙيءَ ۾ ويٺو هيو. مان پل تي چڙهڻ کان اڳ اُن کان پڇيو اِسڪول نٿو هلين ڇا؟ جواب ڏنائين ته سائين… (کي گار ڏيندي) چيو ته جوڳيءَ وارو جوڳ پچايو سو مان درياهه شاهه تي ويهي جوڳ ٿو پچايان، اِئين ته هو ڊفر ڇوڪرو هو. مان اِسڪول پهتس، ڪلاس ٽيچر جو پيرڊ آيو ته مون کي چيائين مانيٽر تارو ڇونه آيو آهي؟ مان کيس وراڻيو ته هو روهڙي ۾ درياهه شاهه جي ڪپ تي ويٺو هيو. مون کيس چيو ته اِسڪول نه هلندين ڇا؟ جواب ڏنائين سائين…. يعنيٰ توهان کي گار ڏيندي چيو ته سائين چوندو آهي ته جوڳيءَ وارو جوڳ پچايو سو مان جوڳي بڻجي جوڳ ٿو پچايان. سائينءَ چيو ته ڪهڙي گار ڏنائين، مون وراڻيون سائين اِها ڳالهه نه پڇيو ته بهتر ٿيندو. اسان مئٽرڪ اِمتحان پاس ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو ۽ پڙهائي تي ڌيان ڏنو. مئٽرڪ جو اِمتحان اسان ٽنهي شڪارپور سينٽر چيلارام سيتلداس ڪاليج ۾ ڏئي آياسون، جو فارم ۾ اِهو سينٽر گھريو هو، اِمتحان مارچ 1940 ۾ پورو ڪري پوءِ اچي هڪ ٻئي سان حالي حوالي ٿياسون. ايشور جي ديا سان ٽنهي ڄڻن پيپرن جا جواب برابر لکيا هيا. مان ۽ حشو روزانو شام بابا نيڀراج، وسڻ شاهه جي ٽڪاڻي ۽ پارو شاهه جي تربت تي مٿو ٽيڪڻ ويندا هياسون ۽ ايشور کان ديا ۽ دُعا گھرندا هياسين ته اسان کي ڪاميابي جي ڪوٽ تي پهچاءِ. لڳ ڀڳ هڪ مهينو اسان سکر ڪونه وياسين اُنڪري هيمون، هري ۽ ٽيڪم روهڙيءَ اسان وٽ اچي پهتا ۽ آکڻ لڳا ته اسان کي وساري ويٺا آهيو. اسان کين چيو ته مئٽرڪ اِمتحان جي تياري ۾ ڪافي ٿڪجي پيا هئاسون اُنڪري آرام ۾ وقت گذارڻ چاهيو، اُن سواءِ پوليس جي جاچ زور شور سان سکر ۾ چالو آهي. ڳالهين پوريون ڪرڻ بعد حشو پنهنجي گھر سڀني کي ماني کارائي اُن بعد ٽيڪم چيو ته ڇهون ڌماڪو ڪيئن ۽ ڪٿي ڪيون. ليڪن حشو ۽ هري چوڻ لڳا جيڪوڪيو آهي ايشور جي ديا سان سلامت آهيون ۽ هينئر مئٽرڪ جو اِمتحان ڏنو آهي جون ۾ نتيجو ايندو ۽ اسان کي نوڪري ملي ويندي ۽ اسان ڌنوان ڪونه آهيون جو ڌنڌو ڪري سگھون. انهن جي اِها ڳالهه ٻڌي نراسائي ڇائنجي ويئي. گھڻي بحث بعد طئه ڪيو ويو ته ڪم اَڌ ۾ نه ڇڏبو ۽ وري مٿين مهيني ۾ هيمو جي گھر گڏ ٿيڻ لاءِ فيصلو ٿيو، هيمون جي گھر ڀرسان سندس چاچي شري منگھارام ڪالاڻيءَ جو گھر هيو، اُتي بحث ڪري فيصلو ڪيو ويو ته اٺن ڏينهن بعد سکر جي عدالت ۾ بم رکيو وڃي. واردات ڇهين عدالت ۾ بم رکيوسين پر اِهو ڦاتو ڪونه جو ڪنهن ڪلارڪ کي شڪ پيو ته ٿيلهيءَ ۾ ڪجھه خطرناڪ شيءِ آهي، تنهن ڪري هن هڪدم پوليس کي خبر ڏني، پوليس اُهو بم کڻي بيڪار بڻايو، پر پوليس ڪافي غصي ۾ هئي ته آخر ملزم هٿ ڇو نه ٿا اچن. پوليس ڏوهارين کي پڪڙڻ لاءِ سکر جي ويجھو وارن ڳوٺن ۾ پهچي، پڇا ڳاڇا ڪئي پر ناڪامياب ٿي پنهنجا ڪرم ڪُٽي سکر واپس آيا. جون ۾ رزلٽ مئٽرڪ جو اچي ويو، اسان ٽئي پاس ٿياسون. مان حشو شڪارپور ڪاليج ۾ داخلا وٺي راڌا ڪرشن ٽنورمل جي ڌرمشالا ۾ لکيدر تي رهڻ لڳاسون، ڌرمشالا ۾ هڪ ڪمرو اِن شرط سان مالڪ ڏنو ته لڇمڻ ڌرمشالا جو مينيجر ٿي رهندو، بنا پگهار جي ۽ ياتريم ڪا نالا رجسٽر ۾ لکندو ۽ ڌرمشالا جي سڄي مئنيجمينٽ ڏسندؤ. اِها ڳالهه مون قبول ڪئي. اُن ڪمري ۾ به کٽون وجھي ٽيبل ۽ ٻه ڪرسيون لڳائي رهڻ لڳاسين ۽ پڙهائيءَ ۾ ڌيان لڳايوسين ۽ موڪل جي ڏينهن تي روهڙيءَ ويندا هياسون. ان وچ ۾ منهنجي پتا جي بدلي سکر ڀائي سيرو جي چونڪ واري ٿاڻي تي ٿي. اسان ٻنهي 1941 ۾ فرسٽ ييئر پاس ڪيو. ليڪن اچانڪ منهنجي پتاجي وري بدلي ڏهرڪي ڳوٺ ۾ ٿي. راشٽر پتا مهاتما موهنداس ڪرمچند ديش واسين کي اپيل ڪئي ته 9 آگسٽ 1942 اتي، ڪرو يا مرو ۽ برٽش ڪئبٽ انڊيا جو آندولن لاءِ اعلان ڪيو ۽ جلوس ڪڍيا وڃن. مان ۽ خوش سکر پهچي 9 آگسٽ واري جلوس ۾ شامل ٿياسون، ٽاور وٽ پوليس آنسون گئس ڇڏيو ۽ لاٺي چارج شروع ڪئي. اسان ڏٺوسين ته ٻن سپاهي ماستر رنگل مل جيڪواسان سان ڪراچي ۾ گڏ هيو، ان کي لٺيون هڻي ڪيرائي ڇڏيو آهي ۽ هو بچائڻ لاءِ واڪا پيو ڪري، اسان ٻنهي ڊوڙي ڪري پوليس واري کي ڌڪو ڏئي رنگل مل کي اٿاريو، ايتري ۾ ٻيا پوليس جا جوان اچي ويا، اسان تي به لٺيون وسايون ۽ ٽنهي کي گرفتار ڪري سينترل جيل موڪليو. جيتوڻيڪ اسان وس وارن کي چيو ته اسان ٻئي شاگرد آهيون ۽ هي ماستر آهي ۽ بزرگ ماستر کي لٺيون پئي لڳيون، ان کي بچائڻ لاءِ اسان آياسون، پر اسان کي ٻڌڻ لاءِ ڪو به تيار ڪو نه هيو. جيل ۾ ڦٽڪا به لڳايا ويا. اها ڳالهه منهنجي گهر وارن کي جڏهن پئي ته سخت ناراض ٿيا، ڇاڪاڻ ته منهنجو پتا پوليس انسپيڪٽر هيو. هڪ ماتا جا سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر هئي، چاچو رامچند ڪيسواڻي پي ڊبليو ڊي ۾ اسٽيٽ انجينئر هيو، جيئن جيل مان آزاد ٿي گهر آيس ته گهر وارن چيو ته تنهنجي لاءِ هن گهر جو دروازو بند ٿي چڪو آهي ۽ منهنجي ماءُ مون کي هڪ هزار رپيا ڏنا ۽ روهڙي جي گهر جي ڄابي ڏني ته اتي وڃي رهه! هت نه اچج بي حالت ۾ اسان جون نوڪريون وينديون اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر دل تي پٿر رکي 25 سيپٽمبر تي ڪاليج ۾ وڃي پهتم. حشو همٿ ٻڌائي ۽ وري مان ۽ حشو ارڙهين آڪٽوبر تي روهڙي آياسون ۽ اوڻويهين آڪٽوبر تي اسان ٻئي هيمونءَ جي گهر پهتاسون. هيمون گهر ۾ موجود هيو ان کي ڏسي اسان چوڻ لڳاسون ته ”کٽي آياسون خير سان هو جمالو“ هيمونءَ جي ماءُ اهو جملو ٻڌي چوڻ لڳي ته ٻچڙا ڇا کٽي آيا آهيو، مون کي به ته ٻڌايو؟ حشوءَ وراڻي ڏنس ته امان سک سان اوهان وٽ پهتا آهيون. هيمونءَ جي ماءُ دال پيا ڦلڪا پچائي، ڏهي سان کائڻ لاءِ ڏنا، اسان سڀني ناشتو ڪيو. ٿوري دير بعد اسان ٽئي گڏجي هري ۽ ٽيڪم جي گهر وياسين، منجهند جي ماني هري ليلاڻيءَ پنهنجي گهر کارائي ۽ پوءِ شام جو اسان ٻئي روهڙي واپس حشو جي گهر آياسون. ستين واردات 22 آڪٽوبر تي وري سکر پراڻي صبوح جو وڃي هيمون، هري ٽيڪم کي پڪچر تي هلڻ لاءِ چيو پر انهن هلڻ کان انڪار ڪيو، اسان ٻئي پرڀات ٽاڪيز ۾ فلم ڏسڻ لاءِ وياسين. ڪجهه ساعت بعد هيمونءَ جي ڪاڪي هيمونءَ کي ٻڌايو ته انگريزي فوج جي هٿيارن سان ڀريل سکر اسٽيشن کان روهڙيءَ ويندي، ان کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪريو، اها ڳالهه ٻڌي هيمون، هري ۽ ٽيڪم ترت پرڀات ٽاڪيز پهچي ويا، انٽر ويل ۾ اسان ٻاهر بيٺا هئاسون ته اهي ٽيئي اچي ويا ۽ حقيقت ٻڌائي. مون انهن کي چيو جيڪو ٽائيم ٻڌايو ٿا ان وقت منهن اونداهه هوندو آهي. توهان هڪدم لئسنڊائون پل جي هيٺان جيڪا ڏاڪڻ آهي،ا تي هلي چارئي بيهو مان پانو وٺي ٽانگي تي چڙهي ايندم. مان هڪدم ٽانگو ڪري ٽڪر تي معصوم شاهه مناري سامهون دولت پلمبر ڳوڻي جي اندر اوزار رکي ويٺو هوندو هيو، ان کي مون چيو ته پنجن منٽن لاءِ پانو ڏي، هن انڪار ڪيو ته ڪنهن به وقت مون وٽ گراهڪ اچي سگهي ٿو پانو ڪو نه ڏيندس. آخر منٿ ڪري هن کان پانو وٺي وقت سر مان به پل وٽ پهچي ويم ۽ پل مٿان چڙهڻ شروع ڪيوسين. سکر پراڻي واري در جي مٿان واري حصي کان ٿورو پرڀرو بولٽ کولڻ شروع ڪيو، پانو ننڍو هيو ان ڪري هر گهڙي گهمي پئي ويو. اسان پنجن ئي طاقت لڳائي مشڪل سان ٻه ڦيرا بولٽ جا کوليا هئاسين ته هڪ ملٽري واري بئٽري لڳائي آواز ڏنو ته ڪير آهيو ۽ هو پنهنجا ساٿي وٺي اسان طرف ڊوڙڻ لڳا. اسان چارئي مان، هري، حشو، ٽيڪم ته هڪدم ڇلانگ ڏئي ريلوي لائين کان پري ڀڄڻ چاهيو ۽ هيمون کي به چيوسين ڀڄ پر خبر نه آهي ته هو ڪيئن اتي رهجي ويو ۽ پوليس جي گرفت ۾ اچي ويو. اها ريلوي لائين زمين کان لڳ ڀڳ 12 فوٽ مٿي آهي اسان ڌڪ کائيندا هيٺ پهچي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، هري ۽ ٽيڪم سکر پراڻي هليا ويا، مان ۽ حشو هڪدم ٻيڙي تي چڙهي، روهڙي پهچي وياسين ۽ رات واري گاڏيءَ ۾ چڙهي شڪارپور پهتاسون. بلڪل گهٻرايل هياسون ته هيمون نالا کنيا ته اسان جو خير نه آهي. صبح جو سوير اٿي ڪاليج ۾ وياسي ۽ رجسٽر کڻي اتي خالي ٻن تاريخن تي ”پي“ p لکيوسين ڪجهه ثبوت رهي. ڪانگريس جا اڳوان انقلابين کي هٿ ته پاڻي رکي قسم کڻائيندا هئا ته جي توهان پوليس جي گرفت ۾ اچي وڃو ته ٻين ساٿين جا نالا پوليس کي نه ٻڌائيندا، ٻي حالت ۾ سڀ انقلابي ڦاسي تي چڙهي ويندا ۽ ديش آزاد ڪو نه ٿي سگهندو. ان ڪري پوليس هيمونءَ کي مار ڏئي ڌمڪيون ڏنيون، لالچ ڏني پر هن ان هوندي به اسان جا نالا ڪو نه کنيا ۽ چيو ته مان اڪيلي اهو ڪم ڪيو آهي ۽ مون سان ٻيو ڪو به ساٿي ڪو نه هيو. آخر انگريز سرڪار هن کي ڦاسي جي سزا ڏني جا هيمونءَ مشڪندي قبولي ۽ ڦاسيءَ جو ڦندو گلي لڳايو ۽ انقلاب زنده آباد جا زوردار نعرا هڻي ايشور جي چرنن ۾ وڃي نواس ڪيو. اسان ٻئي به سکر پهچي هن مانجهي مڙد کي آخري سلامي ڏيڻ لاءِ پهتاسون. اکين مان آب وهڻ لڳو. ورهين کان پڪا دوست هياسون، اسان هڪ ديش ڀڳت دوست وڃائي ويٺاسون، ايشور در وينتي ڪئيسون ته پرڀو هن ديش ڀڳت جي آتما کي شانتي بخش ۽ پنهنجي چرنن ۾ جڳهه ڏيوس. ڀارت ۾ مان شري هري ليلاڻيءَ کي اکل ڀارتيه سنڌي سماج جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪيو ۽ ڀوپال آيو ته مان پنهنجي گهر وارن سان هن کي ملايو ۽ ٻڌايو ته هيءُ منهنجو انقلابي ساٿي آهي ۽ هيمون سان گڏ فش پليٽ کولڻ مهل به هي ساڻ هيو. مون هري ليلاڻيءَ کي ڀوپال پنهنجي گهر ۾ ان ڪري رهايو جو ننڍي هوندي کان انقلابي ساٿي رهيو. چوڻي آهي: هڪ ڏينهن به جيءُ، مگر تاج بڻجي جيءُ، اٽل وشواس رکي جيءُ.