اوسلو: ڪيلاش ستيارٿي ۽ ملاله يوسفزئي نوبل ايوارڊ ماڻڻ کانپوءِ خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن پاڪستان جي بهادر نياڻي ملالا يوسفزئي امن جو نوبل اعزاز ماڻي ورتو آهي. ناروي جي شهر اوسلو جي سٽي هال ۾ هڪ پروقار تقريب دوران ملالا يوسفزئي ۽ ڀارت جي ڪيلاش ستيارٿي کي گڏيل طور امن جو نوبل انعام ڏنو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ملالا يوسفزئي چيو ته آئون سمورن ماڻهن جي ٿورائتي آهيان جن منهنجي لاءِ دعائون ڪيون، جن ماڻهن مون کي خط لکي منهنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ جيڪي اڄ هن تقريب ۾ شريڪ آهن انهن جي به ٿورائتي آهيان. هن چيو ته هي ايوارڊ رڳو مون لاءِ ناهي پر انهن سڀني ٻارن ۽ وڏن لاءِ آهي، جيڪي امن چاهين ٿا ۽ امن لاءِ وڙهن ٿا، جيڪي تبديلي چاهين ٿا تعليم لاءِ جنگ جاري رکڻ جو عزم ورجائيندي ملالا يوسفزئي جو چوڻ هو ته غربت ۽ جنگ جي ڪري لکين ٻار متاثر ٿيا آهن، پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻارڙا تعليم کان محروم آهن. هن چيو ته اڄ به منهنجي ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جو سيڪنڊري اسڪول ناهي ۽ آئون چيلنج ٿي ڪريان ته منهنجا دوست ۽ اسين گڏجي اتي اهو اسڪول قائم ڪري ڏيکارينداسين. اسان هن جنگ کي جاري رکنداسين جيستائين هر ٻار اسڪول نه ويندو تيستائين جنگ جاري رهندي. هن چيو ته ملالا فنڊ مان شانگلا، مالاڪنڊ، سوات ۽ ڀرپاسي سيڪنڊري اسڪول قائم ڪنديس. هن چيو ته هي وقت ڊڄڻ جو ناهي، هي وقت بنا خوف ڪجھه ڪري ڏيکارڻ جو آهي. اڄ کانپوءِ ڪو به اهڙو ٻار نه هجي جيڪو تعليم کان وانجھيل رهجي وڃي. هي ايوارڊ انهن ڊنل هيسيل ٻارن جي نانءُ ٿي ڪريان جيڪي ظلم جو شڪار ٿيا. هن چيو ته قرآن ۾ آهي ته هڪ انسان جو قتل سڄي انسانيت جو قتل آهي. قرآن جو پهريون اکر آهي اقرا يعني پڙهه. سندس چوڻ هو ته دهشتگردن اسلام کي غلط استعمال ڪيو. سوات ڪڏهن خوبصورت وادي هئي. اها خوبصورتي دهشتگردن تباهه ڪري ڇڏي. سندس چوڻ هو ته سوات ۾ نينگرين جو اسڪول وڃڻ ڏوهه سمجھيو ويندو هو، آئون پڇان ٿي ته ڇوڪرين جي تعليم تي آخر پابندي ڇو آهي؟ هن چيو ته دهشتگردن اسان کي روڪڻ لاءِ مون تي ۽ منهنجين سهيلين تي حملو ڪيو. مون وٽ ٻه رستا هئا مرڻ جو انتظار ڪريان يا وري وڙهي مران. اسان دهشتگردن آڏو خاموش ٿيڻ بدران انهن خلاف اٿي پوڻ جو فيصلو ڪيو. اڄ اسان جو آواز وڌيڪ طاقتور ٿي ويو آهي. ملالا جو چوڻ هو ته اڄ تعليم تمام گھڻي مهانگي ٿي چڪي آهي، غريب ٻارڙن لاءِ تعليم ناممڪن ٿيندي ٿي پئي وڃي. ائين ڇو آهي جو ملڪ جنگ وڙهڻ لاءِ طاقت استعمال ڪرڻ جوڳا آهن پر امن قائم ڪرڻ لاءِ نه. ائين ڇو آهي جو بندوق ڏيڻ آسان ۽ ڪتاب ڏيڻ ڏکيو آهي؟ ڇو ٽينڪون ٺاهڻ سولو آهي ۽ اسڪول ٺاهڻ ڏکيو آهي؟ ملالا چيو ته تعليم زندگي جي وڏي نعمت آهي. ڪجھه ماڻهو سوچيندا آهن ته تعليم رڳو وڙهي حاصل ڪري سگھجي ٿي پر ائين ناهي، سوات ۾ هميشه سکڻ ۽ ايجاد ڪرڻ جي خواهشمند هيس، خواهش هئي ته اسان جا والدين اسان تي فخر ڪن. ملالا يوسف زئي وڌيڪ چيو ته منهنجي خواهش آهي هي آخري موقعو هجي جو اسان تعليم لاءِ جنگ ڪري رهيا هجون، ان کانپوءِ ان جي ضرورت نه پوي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻارڙن جي تحفظ ۽ انهن جي حقن لاءِ قدم کنيا وڃن. عالمي اڳواڻ ان حوالي سان قدم کڻن.، اهي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ اڳتي اچن. هن چيو ته آئون اڪيلي نه پر 60 لک ٻارن جو آواز آهيان آئون ملالا آهيان، آئون ڪائنات سومرو آهيان، آئون شازيا آهيان. آئون امينا آهيان. سندس چوڻ هو ته منڊيلا، ٽريسا، آنگ سان سوچي، هن اسٽيج تي اچي چڪا آهن ۽ هاڻي آئون ۽ ڪيلاش ستيارٿي آيا آهيون. ملالا چيو ته ڪجھه ماڻو چون ٿا ته جيڪو ڪجھه آئون چوان ٿي اهو ناممڪن آهي، پر ائين ناهي، اهو سڀ آسان آهي. همٿ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي وچن ڪرڻو پوندو ته هاڻي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا جبري پورهيو نه ڪن، ڪا به زبردستي جي شادي نه ٿيڻ گھرجي. هاڻي ڪو به ٻار اسڪول کان ٻاهر نظر نه اچڻ گھرجي. هر ٻار کي پرائمري، سيڪنڊري ايجوڪيشن ۽ گريجوئيشن تائين پهچڻ گھرجي، هن چيو ته آئون پنهنجي ماءُ جي به ٿورائتي آهيان جنهن منهنجو خيال رکيو جڏهن آئون بيمار هيس. منهنجي ماءُ مونکي اصل اسلام ۽ هميشه سچ ڳالهائڻ جي تعليم ڏني. اڄوڪو ڏينهن مون لاءِ تمام گھڻو خوشي جو ڏينهن آهي. آئون اڄ خوش آهيان جو آئون پهرين پٺاڻ ۽ پاڪستاني ڇوڪري آهيان جنهن کي نوبل جو انعام ڏنو ويو آهي. آئون چاهيان ٿي ته سڄي دنيا ۾ امن هجي. پنهنجي ساٿي ڪيلاش ستيارٿي کي خراج تحسين پيش ڪندي ملالا يوسف زئي جو چوڻ هو ته ڪيلاش ستيارٿي ٻارن جي حقن لاءِ وڙهندڙ چيمپئن آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ ڪيلاش جي خدمتن جو انڪار نٿو ڪري سگھجي. عوامي آواز نيوز