جتي سنڌ سونهاري پنهنجي فطرت سان رنگا رنڱ هجي اتي سنڌ جا اديب ڏاها دانشور قلم نگار شاعر ۽ فنڪار پنهجي فن جو مظاهرو ڪندڙن ۾ صوفي ازم سان تعلق رکندڙ سنڌ جو يگانو البيلو فنڪار محمد ابراهيم جويڻو جنهن سنڌ جي ان خطي امراڻي جي ڳوٺ حويلي ٺڪر ۾ رهندڙ قادربخش مڱڻهار جي گهر 20.10.1949 ۾ اک کولي هي فقيراڻو ٻار جئين جئين عمر ۾ اضافو ٿيندو ويو تئين تئين هن جي ڄمار پنهنجي بلوغت جي طرف وڌي رهي هئي، تئين هن پنهنجي فن جو شروعات ڪئي ۽ ائين آهسته آهسته هن ڳوٺن جي شادين مرادين ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ آهسته آهسته هو پنهنجي فن جي سکيا لاءِ هن استاد خانصاب حاجي خير محمد خان جي شاگرد استاد دين محمد مڱڻهار کان سکيا حاصل ڪئي ، ۽ هو پهريون دفعو 1972 ڌاري ريڊيو پاڪستان تي هن جي فن جو پروگرام نشر ڪيو ، ۽ هو پي ٽي وي نيشنل چئنل تي پروگرام ڪيا جنهن ۾ “سر سنگيت ” “ رس رهاڻ ” شامل آهن ، ان کانپوءِ هن 1980 ڌاري ڪلاسيڪل صوفي راڳ جي آڊيو ڪيسٽ ڪڍي ۽ هن سنڌ جي مختلف صوفي درگاهن تي ڳايو جنهن ۾ سچل سائين، حسن شاه ڊٺڙو ،صوفي صادق فقير، فقير منٺار راجڙ، ۽ ٻين سنڌ جي ان صوفي درگاهن تي هن پنهنجي فن جي خدمت ڪئي. ۽ هن کي هڪ ٻيو فن هو جنهن ۾ هو استاد منظور علي خان ، گلزار علي خان ، دين محمد منڱڻهار ، قادربخش ڪهري سان گڏ پڪواز وڃائڻ جو ماهر هو ،1990 ڌاري هو امراڻي کي الوداع ڪري هميشه لاءِ اچي اڇڙي ٿر جي ان پياسي صحرائن جي ڳوٺ خان گجو باکريچي( تعلقه کپرو) ۾ رهڻ لڳو .اتان ويهي هن وڌيڪ فن کي خدمتون ارپيون ۽ هن ٽنڊو مٺاخان ۾ مخدوم طالب المولي جي مان ۾ صوفي ازم جي محفل ٿي ، جنهن ۾ مخدوم صاحب هن کي جڏهن ٻڌو ته هن فقير کي پاڻ وٽ گهرائي روڪ انعام پڻ ڏنو ، ۽ مخدوم صاحب هن کي هالا شريف گهرايو ۽ اتي هن کان صوفي ازم جا 4 سر پڻ ٻڌائڻ جو چيو ، جنهن ۾ راڳ ڪانرو، شام ڪلياڻ ، سورٺ ، سر سنگيت ، ۾ ڳائڻ لاءِ چيو ۽ اهي هن فقير 4 سر هر هڪ سر جو هڪ هڪ ڪالم ڳائي ٻڌايو ، جنهن ۾ مخدوم صاحب هن کي چيو ته “فقيراسان جا در هميشه لاءِ کليل آهن ،ان کانپوءِ هي فقير صوفي درگاهن تي پهنجي فن جون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ، پر 2012 ۾ هي اچانڪ ڪاري سائي جهڙي موضي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو، جنهن ۾ هن کي ثقافت کاتي طرفان 50000 هزار روپيه نقد علاج لاءِ ڏنا ويا ، ته هو جيئن بيماري مان صحتياب ٿيو . ته هن هڪ ڀيرو ٻيهر فن جي دنيا ۾ پنهنجي پاڻ کي مڃايو ، ۽ وري هن کي هڪ ڀيرو ٻيهر2.10.2014 تي فالج جهڙي موضي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو. جنهن سان اڄ به هو بيماري جي بستري تي جهيڙيندو پيو اچي .۽ هي البيلو ۽ يگانو فنڪار 40 ڏينهن گذرڻ جي باوجود ثقافت کاتي پاران ڪا به سار نه لڌي وئي آهي .ثقافت کاتو اگهور ننڊ ۾ ستل آهي ان ڪري هي يگانو ۽ البيلو فنڪار پنهنجي بيماري جي بستري تي ڳري رهيو آهي آئون ثقافت کاتي کي التجا ٿو ڪريان ته جيترو جلد ٿي سگهي هن فقير منش جي علاج جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ هن جي اولاد کي ڪا نوڪري ڏني وڃي ته جئين هن جي گهر جي چلهه ٻرندي رهي،۽ هن جي معصوم اولاد جون حسرتون آهن ته بابا جلد صحتياب ٿئي . اسان جي اڱڻ تي اهي خوشيون واپس موٽي اچن. ۽ سنڌ واسين صاحب حيثيت انسانيت جو درد رکندڙن ۽ سماج سڌارڪ سول سوسائٽي سان واسطو رکندڙن کي عرض آهي ته هن يگاني البيلي ۽ صوفي ازم جي فنڪار جي صحتيابي مالي ساهتا جي مدد ڪن ۽ رب پاڪ کان دعا آهي ته هن فقير کي جلد صحتياب ڪري ته هو اڃا به پنهنجي فن کي آباد رکي ۽ سنڌ واسين جي فن ذريعي خدمت ڪري سگهي.
دعاگو آهيون ته جلد صحتياب ٿئي .... اسان جي وس اهوئي آهي ته دعائون ڪيون، باقي ادارا ته هاڻي سُتا ئي سونهن پيا.
الله پاڪ سندن شفا ڪامله ۽ عاجله عطا فرمائي ، ادا اڳ ۾ وري سنڌ ثقافت کاتي وارن ڪهڙن جي پرگهور لڌي آ !؟