کَاهَوڙِيُنِ کَڻِي، سَاجُهر ٻَڌَا سَندِرَا
ڏَورِيندَي ۾ ڏُونگَرَين، ڪَيَائُون پَاڻُ پَڻِي
ڏُکَنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇَيهُه لَڌَائُون ڇَپَرَين
سُرُ کَاهَوڙِي
سَاجُهر = سويل ئي، پرهه ڦٽيءَ ويل
ڏَوريندَي ۾ ڏُونگَرَين = جبل جهاڳيندي
پَڻي = خاڪ، فنا
ڏيلُ = سرير، جسم، بدن
ڇَيهُه = آخري حد
ڇَپَرَين = جبلن ۾، پهاڙن ۾
بيت جو پس منظر
~ هي جبل جهاڳيندڙ ۽ ڏٿ ڏوريندڙ اڄ پرهه ڦٽيءَ ويل ئي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.
~ هنن بهادرن کي جبل جهاڳيندي ڪابه تڪليف ناهي ٿيندي.
~ پنهنجي جسم کي اذيتن ۽ پيڙائن ۾ وجهي نيٺ پنهنجي منزل ڳولي لڌائون.
سمجهاڻي
ڀٽائيءَ جو هي بيت انهن کاهوڙين ۽ انقلابين جي جاکوڙي مهم تي ڪيل تياريءَ جي عڪاسي ٿو ڪري. جن جو عزم ۽ حوصلو جبلن کي به لوڏي ۽ ڌوڏي ٿو ڇڏي. هي اذيتن ۽ عذابن جا هيراڪ اٽل ارادي جا ٿا ڀانئجن جو کين ڪابه تڪليف، ٽارچر، ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جهڪائي نٿو سگهي. هنن جا فولادي جسم ڪنهن داٻي، دڙڪي، دهمان، قيد، بند، جيلن ۽ کولين کان ڊڄڻ ۽ ڀڄڻ وارا هن. سڀ زور زبردستيون هنن آڏو هيچ ۽ نيچ آهن. نيٺ هنن پنهنجي منزل ڳولي لڌي آهي.
سو اچو ته ڀٽائيءَ جي عظمت کي سلام ڪندي هن گندي ۽ ڪوڙهه ورتل سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڀٽائيءَ جا کاهوڙي ڪردار بڻجون.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل