• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڄي سنگت سلام

ضابط علي

سينيئر رڪن
مهربان دوستوالسلام عليڪم ورحمت الله وبرڪاته
منهنجو نالو: ضابط علي آهي.
تعليم: ڪاپي ڪري بي اي پاس ڪئي آهي.
وندر: فيس بوڪ ۽ ڪمپيوٽر هلائڻ جو ڏاڍو شوقين آهيان، پر پنهنجو ڪمپيوٽر ڪونهي.
ٻه ٽي مرتبا هن فورم تي آءِ ڊي ٺاهي آهي پر پاسورد وسري ويندو آهي هاڻي ڀاءِ تهيم جي رهنمائي پڙهي آهي ان شاء الله
هاڻي سنڌ سلامت سٿ کي ڪونه ڇڏبو، جيڏي مهل به پاسورڊ وسرندو ميسج ڪبو.
 
وعليڪم السلام.
ادا ضابط علي توهان کي سنڌسلامت فورم تي دل جي گهراين سان ٻيهر ڀليڪار.
2gvpkcx.gif
 
وعليڪم سلام

ڀلي ڀلي ڪري آيا .... ادا اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي.

ڪاپي ڪري پاس ٿيڻ جو هڪ نقصان اهو به آهي ته پاسورڊ به وسريو وڃي .... خير هاڻ به همت ڪريو ته پاسورڊ نه وسرندو. بس اوهان وقت سر سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀريندا رهو .... يقينن پوء پاسورڊ ڪونه وسرندو.

jPdu2KKzqHjkc.jpg
 
ادا ان شاء الله ڪوشش ڪبي ته هاڻي پاسورڊ ڪونه وساربو.
باقي ڪاپي واري ڳالهه اسان جي رڳن ۾ ويٺل آهي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا آئون ته کڻي هٿ منهنجي ڪڍان، منهنجي لا مسئلو ناهي آئون ته آهيان غريب جو ٻار پر ڀوتارن جا لاڏلا ڪيڏانهن ويندا
 
ادا آئون ته کڻي هٿ منهنجي ڪڍان، منهنجي لا مسئلو ناهي آئون ته آهيان غريب جو ٻار پر ڀوتارن جا لاڏلا ڪيڏانهن ويندا

ڪامورن جا ٻار پڙهن ٿا غيرسرڪاري اسڪولن ۾ انهن کي پرواهه ڪهڙي انهن جا پيءُ وري نوڪري ڪڍائيڻ ۾ دير نه ڪندا باقي بچندا اسان جهڙا آهن جيڪو غريب هوندا آهن،،،،
هن ڪري پاڻ کي محنت ڪرڻ کپي ته جئين انهن ڪامورن جو تختو اونڌو ڪري پنهنجي ۽ ملڪ جي مستقبل کي روشن ڪري سگهون
 
اهڙي دور ۾ ڪاپي کان بغير امتحان .....نيور
جيڪي خانگي اسڪول هوندا آهن اهي ئي ڪاپي ۾ پهريون نمبر هوندا اٿئي
 
ادا دعا ڪر ڪو هن دور جو مسيح اچي ۽ اسان جي سنڌ امڙ مان اها ذلالت ڪڍي باقي ٻيلي اسان جي همراهن ۾ ۽ اسان ۾ ڪونهي چاڙهو.

ادا ڪوشش نوجوان ڪندا پوڙهن ۾ اميد رکڻ ائين آهي جئين انڌن اڳيان روئڻ، پر مان اهو به مڃان ٿو ته پوڙهن جون صلاحون ڀلين وٺو، پر ڪم اهڙو ڪيو جيڪو اوهان جي قوم کي روشن مستقبل ڏئي
اوهان چيو آهي ته اسان ۾ چاڙهو ڪونهي هن جو مطلب ته اوهان ڪا تڪليف وٺڻ جو سوچيو ئي ڪونه پيا، جيستائين سنڌ جو ٻچو ٻچو اٿي همت نه ڪندو تيستائين ڪو به تبديلي اچي نه ٿي سگهي ها باقي جيڪي اڱرين تي گڻڻ جيترا آهن اهي رڙيون ڪن پيا پر پاڻ اهي ٻڌي اڻ ٻڌيون ڪري بس! اهوئي چون ٿا ته اهي آهن واندا جيڪو ويٺا مٿو هڻڻ
 
images
images
images

ادا ضابط علي السلام عليڪم .ادا توهان کي جس هجي جو کليل دل سان ان ڳاله جو اعتراف ٿا ڪيو ته اوهان ڪاپي ڪري امتحان پاس ڪيو آهي.هن معاشري ۾ ايترو سچ ڳالهائڻ به وڏي ڳاله آهي. توهان کي هن اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. اميد ته اوهان پنهنجي ليکن سان هن اڱڻ جي زينت ۾ اصغافو ڪندا.

images
images
images
 
Back
Top