جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
ڀٽ ڌڻي جو عرس ۽ جيئن ڏٺو مون!!!
ظفر منگي
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جيڪو تصوف، روحانيت ۽ الهامي شاعر آهي پاڻ وجدان واري ڪيفيت ۾ اچي شاعري ڪئي جنهن ۾ هن انسانن جي سوچن ، جذبن ، ڏکن ، سکن،محبتن ۽ نفرتن جي عڪاسي ڪندي پنهنجي ڌرتي سان حب جو درس ڏنو اڄ سندس ئي نگري ۾ 271 هين عرس مبارڪ وڏي عقيدت ئي احترام سان ملهايو پيو وڃي، جنهن ۾ ساڻس عقيدت رکندڙ پانڌيئڙا ڏورانهن علائقن مان اچي گڏ ٿيا آهن ۽ شاهه صاحب سان محبت ۽حب رکندڙ عوام جو هڪ وڏو انگ ان ڳالهه جو ثبوت ڏئي رهيو آهي ته هن ڌرتي جا ماڻهو پنهنجي اوليائن ۽ بزرگن سان محبت ڪندي سندن درس تي عمل ڪن ٿا ۽ انهن جي ئي پيغام کي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ڪري رهيا آهن ڳالهه سنڌ جي صوفين جي درس کي نئين نسل تائين منتقلي يا عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جي ڪجي ته ان ۾ سڀ کان پهرين فرض انهن ادارن جو ٿئي ٿو جن جو بنيادي ڪم پنهنجي ثقافت ۽ تاريخي ورثي کي نه فقط محفوظ پر هٿي وٺرائڻ پڻ آهي ڀٽ ڌڻي جو عرس مبارڪ ڪرائڻ ثقافت کاتي جي ذميواري آهي ۽ ان عالمي سطح جي ايونٽ لاءِ ضلعي حڪومت مٽياري جون پڻ خدمتون حاصل ڪيون وينديون آهن. مطلب ته هي ٻئي ڌريون گڏيل طور تي ميلي جون ذميوار آهن ۽ميلي جي سمورن انتظامن پٺيان پڻ ٻنهي ڌرين جو ڪردار هوندو آهي هر سال وانگي ثقافت کاتي هن سال به جهڙي ريت شاهه سائين جي 271 هين عرس مبارڪ جا انتظام سنڀاليا آهن اهو هڪ مثالي ڪردار آهي ميلي کان اڳ انتظامن لاءِ ثقافت کاتي جي صوبائي سيڪريٽري اعجاز ميمڻ۽ ڊي سي مٽياري فياض حسين عباسي نه فقط ڀٽ شاهه جي ريسٽ هائوس ۾ مختلف کاتن جي عملدارن سان گڏجاڻيون ڪيون پر گڏ وگڏ ڀٽ شاهه شهر جي سونهن کي وڌائڻ ۽ شهر جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ دورا پڻ ڪيا 7 ڊسمبر تي صبح جو 10 هين وڳي ثقافت واري صوبائي وزير شرميلا فاروقي شاهه سائين تي پهچي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪيو ۽ سندس چوڻ هو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ مذهبي تفريق جي امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو ۽ هن درگاهه تي امير توڙي غريب عقيدت سان اچي ٿو، ملڪ جي موجوده سياسي توڙي معروضي حالتن ۾ سنڌ ڌرتي جي صوفين جي امن واري پيغام جي سخت ضرورت آهي ان سان معاشري ۾ برداشت ۽ رواداري واري رجحان کي هٿي وٺرائڻ سان گڏ و گڏ سماج ۾ مثبت سوچ پڻ جنم وٺندي، ملڪ کي هن وقت دهشتگردي، فرقيواريت ، بدامني، غربت سميت ڪيترا ئي مسئلا درپيش آهن جن جو واحد حل حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ صوفي بزرگن جي امن محبت ۽ ڀائيچاري واري پيغام ۾ ئي آهي ۽ اها وقت جي اولين ضرورت آهي ته اسين انهن صوفي بزرگن جي پيغام ۽ درس کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪري دنيا مان افرا تفري جو خاتمو آڻي مذهبي رواداري امن وارو ماحول قائم ڪيون بعد ۾ صوبائي وزير شرميلا فاروقي چوپائي مال واري کاتي حڪومت سنڌ طرفان ڀٽ شاهه ۾ لڳايل زراعت کاتي حڪومت سنڌ طرفان لڳايل صنعتي ۽ زرعي نمائش جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ مختلف کاتن طرفان لڳايل اسٽالن جو دورو پڻ ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير مختلف نسلن جون ٻڪريون، ڍڳيون ۽ مينهون ڏٺيون جڏهن ته جانورن جي بهتر سار سنڀال تي ڀاڳين جي ساراهه ڪئي. ان کان علاوه زرعي ۽ صنعتي نمائش ۾ آبادگارن لاءِ لڳايل اسٽالن تي جديد زرعي اوزارن ۽ مشينري جي واکاڻ ڪئي ۽ لاڳاپيل کاتن کان انهن جي ڪارڪردگي بابت معلومات پڻ ورتي ان دوران صوبائي وزير شرميلا فاروقي جو چوڻ هو ته سنڌ جي اڪثر آبادي جو ذريعه معاش زراعت ۽ چوپايو مال آهي ۽ سنڌ حڪومت انهن ٻنهي شعبن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پرڏيهي ملڪن سان ڪيترائي معاهدا ڪيا آهن ۽ زراعت جي شعبي ۾ جديد مشينري ۽ فني معاونت فراهم ڪري زرعي پيداوار وڌائڻ جا موقعا فراهم ڪيا آهن ته جيئن زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن جي معيار زندگي بلند بڻائي سنڌ اندر هيٺين سطح تي خوشحالي آڻي سگهجي بعد ۾ هن ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران شاهه جو باغ ڀٽ شاهه ۾ لڳايل ثقافتي ڳوٺ جو افتتاح ڪيو سندس چوڻ هو ته سنڌ ڌرتي پنهنجي ثقافتي رنگ ۽ بزرگن توڙي اوليائن جي شاهڪار تاريخ جي مالڪ آهي ۽ سنڌي قوم پنهنجي صدين جي تاريخي ورثي کي اڄ تائين جهڙي ريت نه فقط سنڀاليو آهي پر محفوظ بڻايو آهي ان جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي ۽ سنڌي قوم جي پنهنجي ثقافت سان محبت ۽ اوليائن سان عقيدت جي نتيجي ۾ اڄ هن ڌرتي جا فرد نه فقط ملڪي پر عالمي سطح تي سنڌ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن سنڌ اوليائن ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي اوليائن ۽ بزرگن سان وڏي عقيدت ۽ احترام رکن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سميت ٻين بزرگن جي ميلن ۾ عوام جو هڪ وڏو انگ شرڪت ڪري ٿو هن چيو ته سنڌي جي ثقافت جي پڻ هڪ شاهڪار تاريخ رهي آهي جيڪا اڄ به پنهنجي اصل روح ۽ شڪل ۾ برقرار آهي ۽ اڄوڪي ثقافتي ڳوٺ ۾ پڻ سنڌي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ مختلف هنرن جا اسٽال لڳايا ويا آهن ته جيئن نوجوان نسل ۾ سنڌي ثقافت کي متعارف ڪرائي ثقافتي سفر کي جاري رکي سگهجي صوبائي وزير ثقافتي ڳوٺ ۾ ثقافت کاتي، ضلعي انتظآميه مٽياري ۽ ٻين کاتن طرفان لڳايل اسٽالن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ بعد ۾ سنڌ جو روايتي کاڌو ٻاجهري جي ماني ساڳ ۽ مکڻ کاڌو ۽ لسي پڻ پيتي. ان موقعي تي وڏي وزير جو صلاحڪار سرفراز راڄڙ ، سيڪريٽري ثقافت اعجاز ميمڻ ، ڊائريڪٽر جنرل ثقافت منظور احمد قناسرو، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري فياض حسين عباسي ، ايس ايس پي مٽياري امجد علي شيخ ، پ پ پ اڳواڻ خان محمد سهتو، عبدالعزيز ميمڻ ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن وڏي وزير جي اوقاف بابت صلاحڪار ضياالحسن لنجار پڻ درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي حاضري ڀري ۽ اوقاف کاتي طرفان مستحق عورتن ۾ ڪپڙا پڻ ورهايا سندس چوڻ هو ته سنڌ جي سمورن اوليائن سنڌ جي وحدانيت، امن ، ڀائيچاري ۽ عوامي ڀلائي جو پيغام ڏنو آهي ۽ اڄ سندن ئي دعائن جي صدقي سنڌ جي وحدانيت قائم آهي ۽ سنڌي عوام خوشحالي واري ماحول ۾ زندگي بسر ڪري رهيو آهي بعد ۾ اطلاعات واري صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار علي شالواڻي ڀٽ شاهه پهچي اطلاعات کاتي حيدرآباد طرفان ريسرچ سيل ميوزيم ۾ قائم ڪيل ميڊيا سيل جو افتتاح ڪيو جڏهن ته ساڳئي ڏينهن صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڄام خان شورو درگاهه تي حاضري ڀري ۽ چادر چاڙهي جنهن کانپوءِ هن لائيو اسٽاڪ کاتي طرفان لڳايل ڪيٽل شو جو افتتاح ڪيو سندس چوڻ هو ته شاهه سائين دنيا جو عظيم مفڪر ۽صوفي شاعر آهي جنهن جي شاعري ۾ عبادت ، خدمت، رواداري، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ملي ٿو ۽ سندس ڏنل پيغام تي عمل ڪندي معاشري کي فلاحي ۽ امن وارو معاشرو بڻائي سگهجي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 271 هين سالياني عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن تي ثقافتي سرگرمين جي سلسلي جو هڪ پروگرام سگهڙن جي ڪچهري ايڪسيلينس سينٽر ڀٽ شاهه ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن جي صدارت ڊي جي ڪلچر منظور احمد قناسرو ڪئي ان موقعي تي سنڌ جي سگهڙ تنظيمن جي نمائندن جنهن ۾ سنڌ سگهڙادبي ڀلائي تنظيم جي سرواڻ خليل الرحمان مهيسر ، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جي عاجز رحمت الله لاشاري ، سگهڙ لوڪ وينجهار ڪچهري جي حاجي علي نواز وڳڻ ، سنڌ سگهڙ تنظيم،سنڌسگهڙڀلائي جي سگهڙن سميت سنڌ جي ناليوارن ڀلوڙ سگهڙن شرڪت ڪئي تقريب جي ڪاروائي ناليواري اديب ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو هلائيندي چيو ته لوڪ ادب سنڌ جي ثقافت جو اهڃاڻ ان موقعي تي ممتاز عباسي ، ايوب جوڻيجو سميت ٻين پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي خوب داد وصول ڪيو عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن شام جو سنڌ اسپورٽس بورڊ حڪومت سنڌ جي طرفان ملاکڙا گرائونڊ ۾ ملاکڙي جي مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ ڊائريڪٽر اسپورٽس سنڌ شاهد افضل خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊي او اسپورٽس مٽياري عقيل احمد اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي مقابلي ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن مان 150 کان وڌيڪ ملهه پهلوانن 3 رائونڊ کيڏيا ملهه پهلوانن ۾ قربان هوتي ، صفدر عالماڻي ، صابن هوتيپوٽو، راهب ٽڳڙ ، غلام مصطفيٰ نارو ، ملهار شيدي، محمد خان ڦل، منٺار بگٽي ، مٺل چانڊيو، مولا بخش شيدي، بهرام خاصخيلي ، ڀلائو شيدي، معشوق بگٽي، سيد جانب شاهه ، محرم مجيداڻو، قربان اوٿيپوٽو، راز علي لغاري، نارو مارواڻي، شهزادو ملاح، سهاڻو پهوڙ، امير بخش بٽ ملاکڙي ۾ حصو ورتو ان موقعي تي نظير احمد وسطڙ ، ذوالفقار جهتيال ۽ مشتاق مڱريي ڪمينٽري ڪئي جڏهن ته ملهه پهلوانن مقابلن ۾ زوارآزمائي جو مقابلو ڪندي جانٺو ،وارو، پاسو، اندرين، ٻلهڻ، گهمائڻ ، ٽوڙڻ سميت ٻين 32 قسمن جا انگن جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا پڻ ٿيا جنهن سنڌ جي مختلف حصن مان آيل ڀاڳين پنهنجا گهوڙا ڊوڙايا ،لاکيڻي لطيف ڀٽ ڌڻي جي 271 هين عرس مبارڪ جي تقريبن جي سلسلي ۾ پهرين رات راڳ رهاڻ جي محفل منعقد ڪئي وئي جنهن جي ڪاروائي ناليوار صداڪار نصير مرزا هلائي جنهن ۾ فقير خان محمد ۽ سندس ساٿين روايتي انداز ۾ شاهه جو ڪلام ڳايو جڏهن ته سنڌ جي مشهور فنڪارن منظور سخيراڻي، برڪت علي، تعمير حسين، صائمه منظور، سجاد يوسف، طفيل سنجراڻي ، شاهنواز سولنگي، سرور غفور، الهڏنو جوڻيجو، غلام شبير سمون ، غلام شبير شاهاڻي، قادربخش مٺو،لکانو بلوچ، ڪوثر مارئي ، شازيه ترنم، قلندر بخش جلال چانڊيو، طالب پالاري، دين محمد دمساز، ارشاديوسف، ذوالفقار لنڊ ۽ ٻين پنهجي فن جو مظاهري ڪري محفل کي موهيو ميلي جي پهرين ڏينهن جي سمورن انتظامن تي صوبائي سيڪريٽر ثقافت اعجاز ميمڻ ۽ ڊي سي مٽياري فياض حسين عباسي اطمينان جو اظهار ڪيو . جڏهن ته ايس ايس پي مٽياري امجد علي شيخ ضلعي پوليس مٽياري طرفان ڀٽ شاهه ۾ عارضي طور قائم ڪيل مني پوليس لائين ذريعي سموري صورتحال جي نگراني پڻ ڪندو رهيو.. .ڪجهه حال احوال ميلي جي ٻئي ڏينهن جو جنهن تي ثقافت کاتي طرفان سينٽر آف ايڪسيلينس ۾ هر سال جي روايت کي برقرار رکندي عالمي لطيف ادبي ڪانفرنس ڪو ٺائي وئي جنهن ۾ ملڪ جي چئني صوبن ۽ پرڏيهي اديبن شرڪت ڪئي هنن موجوده صورتحال ۾ شاهه لطيف جي فڪر کي عام سماج جي مشڪلن جي حل،وڌندڙ بي چيني،افراتفري،غيريقيني واري صورتحال۽انتها پسندي جي خاتمي لاءِ نه صرف پاڪستان پرعالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ لاءِ بنا ڪنهن سرحدي پابندين جي ڦهلائڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته شاهه لطيف جو پيغام پوري دنيا ۾هن وقت ترجمو ٿيڻ کانپوءِ جنهن به شخص جي سماعتن تائين پهچي ٿو ته اهو اها ڳالهه ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو ته هن خطي جا ماڻهو دهشتگرد يا انتها پسند ٿي ئي نه ٿا سگهن ڪانفرنس جي صدارت ناليواري محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي اسلام آباد کان آيل اختر رضا سليمي، خيبر پختونخوا کان آيل سليم راز ، بلوچستان کان آيل نورمحمد خان حسيني،گلگت بلتستان کان آيل احسان شاهه، پرڏيهي مهمانن ۾ لنڊن کان آيل اسڪالر روزميري جيمز ، اين جي آرٽ اسڪول لنڊن سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر اسٽيفن اي سمٿ، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جي پروفيسر ڊاڪٽر ظفر اقبال، سيد وقار حسين شاهه لطيفي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، سيڪريٽري ثقافت اعجاز احمد ميمڻ، ڊي جي ڪلچر منظور احمد قناسرو کان علاوه شاهه لطيف جا محقق اديب دانشورن ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. عالمي ادبي ڪانفرنس ۾ نامياري ڏاهي سوڀي گيانچنداڻي جي ديهانت ڪري وڃڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڊي جي ڪلچر منظور احمد قناسري سندس ڪيل خدمتن کيس خراج پيش ڪندي ڪانفرنس دوران 2 منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي جڏهن ته مجموعي طور تي 14 ڪتابن جو مهورت ڪيو ويو جن ۾ منظور احمد قناسري پاران مرتب ڪيل شاهه ۽ عشق، ڪمال ڄامڙي پاران مرتب ڪيل ڪتيم ڪين ڪي ، نواز ڪنڀر جو ڪتاب ڀٽائي جا پنڌ ۽ پيچرا ڊاڪٽر مخمور بخاري جو شاهه لئج لات لطيف چئي پروفيسر سليم ميمڻ جو ڪتاب شاه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ فطرت جارنگ جڏهن ڊاڪٽر اين اي بلوچ پاران شاهه لطيف تي ڪيل تحقيق تي مشتمل 2 کان 10 جلدن تائين ڪتابن جي ٻئي پڌرائي ڪئي وئي ان کان علاوه گهوڙن جي ڊوڙ، ملاکڙي جا مقابلا ۽ ٻيا سلسله پڻ جاري رهيا جڏهن ته رات جو ميوزيم ڀٽ شاهه ۾ محفل موسيقي جو سلسلو پڻ هلندو رهيو جنهن ۾ صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز مير هزار خان بجاراڻي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي محفل ۾ شاهه جي راڳي گل محمد خاصخيلي، صنم ماروي ، ضامن علي، ثمينه ڪنول، صادق فقير، شفيع فقير، ريشمان پروين، امبر مهڪ، حميدراڄپر، رضاعلڻ، آچر سميجو الغوزو، امير بخش، تنوير سمون،منور ابڙو ۽ ساٿي ، سڄڻ فقير ۽ ساٿي ، الهداد زرداري، موهن ڀڳت، فيصل عزيز ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو .