• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عبد الرحيم عزمي

محمد صادق سومرو

سينيئر رڪن
(نماز بابت)
عبدالرحيم عزمي
مســلمـــــــان هر گز نه نمـــــــــــاز ڇڏجانءِ،
وڃي ســـــر وڃڻ ڏي، اها چيـز نه ڏجانءِ.
(1)
معــــــــــــــــراج آهي اها مـــــــــــــــؤمنن لئي،
اها نيــــــــڻ ٺار آ نبـــــــــي پاڪ ٿو چئي،
رکي سجدي ۾ سر رب پاڪ کي پيو سڏجانءِ.
(2)
تــــــــوڙي لاڏلن جا اڳيــــــــان لاش پيا ها،
حسينــڻ هي سجدا قضا ڪونه ڪيا ها،
ائين تون به پخـــــــــــتي ارادي کــــــــــــي اڏجانءِ.
(3)
رک روز راضي رب پنهنـــــجو روئي،
ناهي ناز ڪــــــرڻو عبادت تي ڪوئي،
ٻه ٽي وقــت ٻيـلي پڙهــــــــي ڪيــــــــــن پڏجانءِ.
(4)
عــــــبادت جي معنى لوڪئون لڪائڻ،
ناهــــــــــــــي جوان جائز ٻين کي ٻڌائڻ،
گلابي گلـــــــــــــــــــــن ۾ گـــــندگي نه گــــــڏجانءِ.
(5)​
 
Back
Top