رات ۽ ڏينهن ڏينهن چيو: تون منحوس ۽ دانگيءَ وانگر ڪاري آهين. رات چيو : تون ڪنجوس ۽ بيهوديءَ وانگر تنگ آهين. ڏينهن چيو: تون گناهن جي ماءُ آهين، گنهگارن کي پناهه ٿي ڏين. رات چيو : تون مجبورن جو دشمن آهين، ڪمزورن جا عيب اگھاڙين. ڏينهن چيو: مان ماڻهن کي بيدار ٿو ڪريان. رات چيو : مان ماڻهن کي سڪون ٿي بخشان. ڏينهن چيو: مان ماڻهن جي حقيقت طرف رهنمائي ٿو ڪريان. رات چيو : مان ماڻهن کي تڪليفن کان دور وٺي ٿي وڃان. ڏينهن چيو: سج جو نور مون کي روشن ڪري ٿو. رات چيو : چنڊ جي چانڊاڻ مونکي روشن ڪري ٿي. ڏينهن چيو: تنهنجي ٿڌاڻ بي بقا آهي. رات چيو : تنهنجي روشني عارضي آهي. ڏينهن چيو: مان توکي ڳڙڪائي ڇڏيندس. رات چيو : مان توکي چٻاڙي ڇڏينديس. رات ۽ ڏينهن پاڻ ۾ جنبي ويا ۽ آسمان ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.