• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رات ۽ ڏينهن

Irfan Ahmed Chandio

سينيئر رڪن
رات ۽ ڏينهن

ڏينهن چيو: تون منحوس ۽ دانگيءَ وانگر ڪاري آهين.

رات چيو : تون ڪنجوس ۽ بيهوديءَ وانگر تنگ آهين.

ڏينهن چيو: تون گناهن جي ماءُ آهين، گنهگارن کي پناهه ٿي ڏين.

رات چيو : تون مجبورن جو دشمن آهين، ڪمزورن جا عيب اگھاڙين.

ڏينهن چيو: مان ماڻهن کي بيدار ٿو ڪريان.

رات چيو : مان ماڻهن کي سڪون ٿي بخشان.

ڏينهن چيو: مان ماڻهن جي حقيقت طرف رهنمائي ٿو ڪريان.

رات چيو : مان ماڻهن کي تڪليفن کان دور وٺي ٿي وڃان.

ڏينهن چيو: سج جو نور مون کي روشن ڪري ٿو.

رات چيو : چنڊ جي چانڊاڻ مونکي روشن ڪري ٿي.

ڏينهن چيو: تنهنجي ٿڌاڻ بي بقا آهي.

رات چيو : تنهنجي روشني عارضي آهي.

ڏينهن چيو: مان توکي ڳڙڪائي ڇڏيندس.

رات چيو : مان توکي چٻاڙي ڇڏينديس.

رات ۽ ڏينهن پاڻ ۾ جنبي ويا ۽ آسمان ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.
 
Back
Top