• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا مخدوم امين فهيم پاڪستان پيپلز پارٽي ڇڏي ڏيندو؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين (پ پ پ پ) جي سربراهه مخدوم امين فهيم ۽ پ پ پ جي ڪو چيئرمن آصف علي زرداريءَ جي وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن ۽ اهي اشارا مليا آهن ته مخدوم امين فهيم پارٽي ڇڏي ڏيندو ـ آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير مسز شيري رحمان (سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر حسن علي عبدا الرحمان جي ڌيءُ) کي تازو پارٽيءَ جو سينيئر نائبصدر مقرر ڪيو ويو آهي جنهن تي امين فهيم ميڊيا موجب سخت اعتراض واريا آهن ۽ ان کي پارٽيءَ اندر ڏڦيڙ ڪوٺيو آهي ـ ٻئي طرف، آصف علي زرداريءَ ميڊيا موجب اشارو ڏنو آهي ته ٿي سگھي ٿو ته هڪ شخصيت پارٽي ڇڏي وڃي، ان صورت ۾ هو پارٽي سنڀالي وٺندو ـ
منهنجي خيال ۾ امين فهيم سوَلائيءَ سان پارٽي ڪونه ڇڏيندو ـ جڏهن زرداريءَ صاحب کيس وزيراعظم ڪونه بڻايو هو هو ته امين فهيم صاحب پاسيرو ٿي ويو هو ۽ سندس چواڻي سندس پنهنجا به اکيون ڦيري ويا هئا جن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر نويد قمر به شامل هو سو فهيم صاحب کي اهڙو تلخ تجربو آهي ـ
ان کانپوءِ امين فهيم ڪنهن به سبب وزير ڪونه ٿي سگھيو پر هڪ ڪالمسٽ رئوف ڪلاسرا ان وقت انگريزي اخبار دي نيوز ۾ لکيو هو ته فهيم صاحب پنهنجي بيگم کي صدر آصف زرداريءَ وٽ موڪليو هو جنهن کيس عرض ڪيو هو ته هوءَ ڀيڻ جي حيثيت ۾ هڪ بلوچ ڀاءُ وٽ هلي آئي آهي جيڪو بلوچ هئڻ جي حيثيت ۾ ڀيڻ جو عرض اگھائيندو ۽ امين فهيم کي وزير بڻائيندو ته جيئن گھر جو چلهو ٻرندو رهي (سچ ڪوڙ رئوف ڪلاسرا جي مٿي تي آهي) ـ اهڙي ريت کيس وزير بڻايو ويو ـ
سانا جي 23 سالياني ڪنوينشن جيڪو ڊزني ورلڊ، فلوريڊا، آمريڪا ۾ ٿيو هو ۽ جنهن ۾ مان ٻه شريڪ هوس تنهن ۾ مخدوم امين فهيم هڪ سو سيڪڙو ٻڌندڙ سنڌي هئڻ جي باوجود اردوءَ ۾ تقرير ڪئي هئي تنهن اتي پهريون ڀيرو، سندس چواڻي انڪشاف ڪيو هو ته جنرل مشرف (لساني مت ڀيد رکندڙ) جي دور ۾ کيس وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي جنهن تي هن کين ٻڌايو هو ته مٿس سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهن، تن جو ڇا ٿيندو؟ ان جي جواب ۾ انهن سگھاري قوتن کيس چيو هو ته هو اهي ڪيس پاڻهي ختم ڪرائيندا پر مخدوم پ پ پ ڇڏڻ جي آڇ قبول ڪونه ڪئي هئي جنهن ڪري وزيراعظم ڪونه ٿيو هو ـ بعد ۾ آصف زرداري به واعدي ڪرڻ جي باوجود کيس وزيراعظم ڪونه بڻايو ـ
منهنجي خيال ۾ امين فهيم صاحب عمران خان جي پوزيشن کي ڏسي رهيو آهي جيڪڏهن سندس پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿي ته پوءِ هو ڪو فيصلو ڪري سگھندو نه ته اختلافن جي باوجود پ پ پ ۾ ئي رهندو
 
Back
Top