غياث الدين “بلبن” تغلق وفات: 1325ع غياث الدين “فرونه” قبيلي جو ترڪ هو، سندس ماءُ پنجاب ۾ رهندڙ جاٽ قبيلي جي هئي، علاؤالدين جي حڪومت ۾ هن کي ديبل پور جي سرحدي علائقي جو گورنر ۽ سپهه سالار مقرر ڪيو ويو، هتي منگولن جي خوب مرمت ڪري کين هندستان ۾ قدم رکڻ کان بي همت بڻائي ڇڏيو، هي خسرو کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ دهلي جي تخت تي غياث الدين جي لقب سان ويٺو، جڏهن ته سندس نالو فخرالدين هو، ملڪ ڪافور، قطب الدين مبارڪ ۽ خسرو جي بد عنوانين سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، خزانو خالي ٿي چڪو هو، علاؤالدين جا سخت قاعدا ۽ قانون رد ٿي چڪا هُئا، بدانتظامي وڌي وئي هئي، ملڪ جو اخلاق بگڙي چڪو هو امن امان جي صورت بدترين هئي، ملڪي انتظام ۽ معاشرتي نظام درهم برهم ٿي چڪو هو، هن سوچ ۽ تدبر کان ڪم وٺندي حالتن تي ضابطو آندو، ملڪ جي انتظام کي بهتر بڻائڻ خاطر هن وچولو رستو اختيار ڪندي نرميءَ جي جاءِ تي سختيءَ کان ڪم ورتو، درٻار جيڪا ٺڳن، خوشامدڙين ۽ نالائق صلاحڪارن جو اڏو بڻجي چُڪي هُئي، ان کي سڌارايو. بادشاهي، رعب، دٻدٻي ۽ جاهه و جلال کي قائم رکيو. غياث الدين تغلق تخت تي ويهڻ کان پوءِ هي حڪم ڪيو ته ناجائز طريقي سان ڏنل جاگيرون واپس ورتيون وڃن ۽ انهن جي آمدني سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي، جيتوڻيڪ انهيءَ حڪم سبب اميرن ۾ ناراضگي پيدا ٿي پر اهڙين ڳالهين کيس عوام ۾ ڪافي مقبول بڻايو، هن صوبن ۾ ايماندار گورنر مقرر ڪيا، ڪڙمين کان پيداوار جو اڌواڌ وٺڻ بدران ڏهون حصو ڍل طور وٺڻ جو حڪم ڪيو، هن هارين جي دلجوئي ڪئي، جنهن ڪري ملڪ سرسبز ٿيو، هن ڪيترائي نوان واهه کوٽايا، ڪيترن هنڌن تي باغ پوکرايائين، ڪيترا نوان قلعا جوڙائي ملڪي سرحدن کي محفوظ ڪيائين، ٽپال کاتي کي نئين سر ٺاهيائين، انهن سڌارن کانسواءِ فوج کي منظم ڪيائين، هن ڪوشش ڪئي ته دهلي جي سلطان جي اختيار کي هر صوبو مڃي ۽ ان جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪري، علاؤالدين جي مرڻ کانپوءِ دکن جي ورنگال علائقي جي راجا پرتاب ديو ٻئي دهلي جي سلطان ڏانهن ساليانو خراج موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو هو، هن پنهنجي پٽ جونا خان جي سپهه سالاري هيٺ دکن ڏانهن فوج رواني ڪئي ته جيئن راجا کي ڄوڳي سزا ڏني وڃي، جونا خان فوج وٺي ورنگال جي قلعي کي گهيرو ڪيو پر بادشاهه جي دهلي ۾ فوت ٿي وڃڻ جي افواهه سبب جونا خان کي گهيرو اڌ ۾ ڇڏي دهلي واپس ورڻو پيو، 1322ع ۾ بادشاهه وري جونا خان جي مهنداري هيٺ وڏي فوج دکن رواني ڪئي ۽ قلعو فتح ڪيو، راجا سموري ڪٽنب سميت گرفتار ٿيو، اهو علائقو (تلنگانه) دهلي سان ملايو ويو، 1324ع ۾ بنگال جي حاڪم شمس الدين فيروز شاهه پنج پٽ پويان ڇڏي وفات ڪري ويو، سندس وڏو پٽ غياث الدين بهادر ۽ اوڀر بنگال تي خود مختيار حاڪم ٿي حڪومت ڪندو هو، هن جي گادي سونار گائون نالي شهر هو، ٻيو پٽ شهاب الدين بغرا شاهه بنگال جي تخت تي ويٺو پر ٽئين پٽ جي حصي ۾ ڪجهه به نه آيو، جنهن ڪري ڀائرن ۾ اڻبڻت ٿي پئي. ٽئين پٽ ناصرالدين دهلي جي شهنشاهه غياث الدين تغلق وٽ دانهيو، غياث الدين بنگال کي فتح ڪرڻ جو سٺو موقعو محسوس ڪري فوج وٺي بنگال پهتو ۽ کيس گرفتار ڪيائين، ناصرالدين کي لکنؤ جو علائقو ڏنائين، باقي سڄو مشرقي بنگال دهلي سلطنت سان شامل ڪري ڇڏيائين، موٽ تي هن ترهٽ جو مظبوط قلعو فتح ڪيو، ترهٽ جي قلعي جي فتح کان پوءِ کيس دهلي موٽڻ نصيب نه ٿيو، ڇو ته جونا خان دهليءَ جي ٻاهران پيءُ جي استقبال لاءِ وڏو بندوبست ڪندي آرام لاءِ ڪاٺ جو ڪمرو تيار ڪرايو هو، اها استقبالي ڪئمپ دهلي کان 6 ميل پري هئي، بادشاهه اڃان ان ڪمري ۾ گهڙيو ئي مس ته اڏاوت ڪري پئي، هو ان ۾ دٻجي مري ويو، سندس وفات جو سال 1325ع هو، مشهور مورخ ابن بطوطه لکي ٿو ته بادشاهه غياث الدين کي مارڻ ۾ سندس پٽ جونا خان جو هٿ هو، هن اعلى عمارت ساز احمد بن اياز کي چيو هو ته عمارت اهڙي نموني ٺاهجي جو جيڪڏهن هاٿي ان کي ٿونو هڻي ته ڪري پوي ۽ ٿيو به ايئن، جڏهن بادشاهه اندر گهڙيو ۽ جونا خان دروازي کان ٻاهر ئي هو ته هڪ هاٿي عمارت کي ٿونو هنيو، جنهن ڪري عمارت ڊهي پئي ۽ غياث الدين تغلق هند جو شهنشاهه دٻجي مري ويو، جنهن کان پوءِ شهزادو جونا خان محمد بن تغلق جي نالي سان هندستان جي تخت تي شهنشاهه هي حيثيت ۾ ويٺو. روزانه ڪاوش جي ٿورن سان