• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

باصلاحيت ۽ نوجوان شاعر شاهجهان سُميل کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
باصلاحيت ۽ نوجوان شاعر، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست
شاهجهان سُميل
کي جنم ڏينهن جون واڌايون

jXFiaYlOfM5xI.jpg


سندس شاعريءَ مان ڪجهه چونڊ شاعري اوهان سان شيئر ڪجي ٿي :

غزل

رات ساري آ مگر
بيقراري آ مگر

هُن کٽي ناهي پرين
پاڻ هاري آ مگر

ڪين هو ماڻا ڪري
سونهن واري آ مگر

نيڻ تنهنجي راهه ۾
انتظاري آ مگر

ها کلڻ جون حسرتون
اشڪباري آ مگر

زندگي توکان سوا
ها گذاري آ مگر

____

وري آ جنوري جانا


هميشه سرد موسم ۾
جلي ٿي باهه جذبن جي
پوي ٿي دل ٻري جانا
وري آ جنوري جانا


اسان جي سوچ جا ڀاڪر
پرين توکي ئي ٿا چاهن
ٿئي ٿي دل چري جانا
وري آ جنوري جانا


هجر جو حال ڪهڙو بس
سوا تنهنجي نه هڪ پل لئه
اسان جي آسري جانا
وري آ جنوري جانا


ڊسمبر ۾ رهيا جيڪي
اڌورا خواب شاعر جا
گهُرن ٿا دلبري جانا
وري آ جنوري جانا

sumel.jpg


غزل
برهه جي هُو باهه سان اٽڪي پئي

عشق جي آڙاهه سان اٽڪي پئي

ٿي ويا سارا وچن ڪوڙا مگر
دل اڃا ويساهه سان اٽڪي پئي


وهڪري جي شور مان محسوس ٿيو
ڄڻ ته سهڻي واهه سان اٽڪي پئي


جن به رستن تان گذر تنهنجو هيو
هر نظر اُن راهه سان اٽڪي پئي


ڳوٺ جون ڪومل کڻي ڪي خواهشون
شهر جي هُو چاهه سان اٽڪي پئي


هُن سنواريا زلف جڏهن هئا، ڦڻي
آئيني جي آهه سان اٽڪي پئي


زندگي جا ساهه کان آهي مٺي
زندگي سا ساهه سان اٽڪي پئي

sumel.jpg
 
Back
Top