مخدوم محمد زمان طالب المولي مخدوم محمد زمان “طالب الموليٰ” حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليہ رحمت جا ۱۷هان سجاده نشين هئا. درگاهه سروري، سنڌ جي برگُزيده هستين جي آماجگاهه رهي آهي. هن درگاهه جي سجاده نشينن هن ڌرتي جي ديني توڙي دنياوي خدمت جيڪا ڪئي آهي، اها قابلِ تعريف آهي. حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمة الله عليه سنڌ جي مسلمانن جي مذهبي ۽ معاشرتي حالت سڌارڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي اها سنهري لفظن ۾ لکڻ جوڳي آهي. انهن ڪارنامن جي تفصيل مخدوم نوح عليہ رحمت جي قديم تصنيفن مثلاً “حديقہ الاولياءَ”، “ارشاد الطالبين”، “دليل الذاڪرين”، “رساله فتوحاتِ سنڌي”، عرف رساله فتحي ۾ ملي ٿو. طالب الموليٰ جي اوائلي زندگي: سندس جنم جي تاريخ ۹ محرم ۱۳۳۸ هجري مطابق ۵ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع آهي. هن کان اڳ سڀني سوانح نگارن غلط عيسوي تاريخ لکي آهي. ڄمڻ کانپوءِ سندن نالو محمد زمان رکيو ويو. واضح هجي ته کانئن ۳ سال اڳ پهريون فرزنده ڄائو هو، جنهن جو نالو به محمد زمان هو ۽ ڄمڻ جي ساڳئي ڏينهن وفات ڪري ويو هو. پهريائين قرآن شريف درگاهه جي مجاور حافظ ولي محمد وٽ پڙهيا. پوءِ سنڌي حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي ۽ آخوند عبدالرحمان “انجم” وٽ پڙهيا. فارسي، مولوي عبدالحئي ٺيڙهي واري ۽ مولوي محمد عالم کان پڙهيا. ان بعد سندس چاچي مولوي ميان غلام حيدر صاحب جي تربيت هيٺ رهيا. سندن تربيت تي سندن والد ميان غلام محمد صاحب خاص توجه ڏني. سندن والد ميان غلام محمد صاحب ۳۰ ذوالحج ۱۳۶۳هه مطابق ۱۶ ڊسمبر ۱۹۴۴ع تي وفات ڪئي. ان وقت مخدوم محمد زمان جي عمر ۲۵ سال هئي. پيءُ جي وفات بعد پاڻ ۱۹۴۵ع جي شروعات ۾ سجاده نشين ٿيا. مخدومن جو خاندان صدين کان علم و ادب ۽ شعور شاعري سان وابسته رهيو آهي. مخدوم نوحه رحمت الله عليه جا لکيل ڪتاب هڪ علمي خزاني جي حيثيت رکن ٿا. هن خاندان جو هڪ ٻيو بزرگ فتح محمد صاحب جو لکيل رسالو “فتحي” به وڏي شهرت حاصل ڪئي. فتح محمد صاحب شاعر ته ڪونه هو، پر بلند پايه اديب ۽ مصنف ضرور هو. اهڙي طرح غلام رسول صديقي صاحب به وڏو اديب ٿي گذريو آهي. “طالب الموليٰ” جو پڙڏاڏو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ به شاعر هئا. سندن ڏاڏو شاعر ڪونه هو پر سندن والد محترم شاعر هو، چاچو مخدوم غلام حيدر صاحب بلند پايه اديب ۽ مصنف هو، “سفينہ النوح” سندس مشهور ڪتابن مان هڪ آهي. پاڻ ديوبند جو فارغ التحميد هو. اهو خانداني اثر آهي جو مخدوم طالب الموليٰ کان وٺي مخدوم جميل الزمان تائين علم و ادب ۽ شعور شاعري جو سلسلو هلندو اچي. مخدوم صاحب کي ننڍپڻ کان شاعري ۽ راڳ جو شوق هو. پاڻ پهريائين “بيوس” جو تخلص استعمال ڪندا هئا. پوءِ “فراقي” ان بعد وري “زمان شاهه” ۽ آخر ۾ سنه ۱۹۴۹ع کان “طالب الموليٰ” جو تخلص اختيار ڪيائون، جيڪو پوءِ نالي جو حصو بڻجي ويو. مخدوم صاحب جو شاعري ۾ وڏو مقام آهي ۽ پنهنجي فياضي ۽ علم پورو ڪري عوام توڙي خواص ۾ قابل احترام ۽ هر دلعزيز هئا. پاڻ ۱۹۳۶ع ۾ هالن جي شهر ۾ “انجمن علم و ادب” جو پايو وڌايائين. هن انجمن طرفان ڪيتريون ادبي ڪانفرنسون سڏايون ويون. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌي خان “او يي جي اثر ڪري پاڻ راڳ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا. پاڻ هالن ۾ هڪ پريس “الزمان” نالي سان کولايائين. ڪجهه عرصي لاءِ هفتيوار اخبارون “پاسبان” ۽ “الزام” نڪرنديون رهيون. ۱۹۵۰ع ۾ هالن مان هڪ ماهوار رسالو “فردوس” سندن سرپرستي هيٺ نڪتو. ۱۹۵۲ع ۾ ماستر جمع خان “غريب” سيتان شهر مان ماهوار رسالو “طالب الموليٰ” ڪڍيو، جنهن جي سرپرستي مخدوم صاحب جن ڪئي. اهڙي طرح سندن سرپرستي ۾ حيدرآباد مان “شاعر” رسالو نڪرڻ لڳو. ۱۹۴۶ع ۾ سنڌي شاعرن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ “جمعيت الشعرا” قائم ڪئي وئي. ۱۹۵۲ع ۾ “جمعيت الشعرا” جو اجلاس جيڪب آباد ۾ ڪوٺايو ويو. هن اجلاس ۾ مخدوم صاحب کي سرپرست چونڊيو ويو. ۱۹۵۷ع ۾ گهوٽڪي ڪانفرنس ۾ کين جمعيت الشعرا جي سرپرست سان گڏ صدر به چونڊيو ويو. سائين “طالب الموليٰ” جو راڳ سان شغف هو. ۱۹۵۴ع ۾ هالا ۾ “روح ادب سنڌ” جي اداري جو بنياد وڌائون. هن اداري تحت ۱۹۵۵ع ۾ راڳ ڪانفرنس سڏايائين ۽ گڏوگڏ ماهوار رسالو “روح ادب” جاري ڪرايائين. نومبر ۱۹۵۵ع ۾ حيدرآباد ۾ “بزم طالب الموليٰ” جو پايو وڌائين ۽ جنهن جا پاڻ سرپرست ٿيا. هن بزم جون سڄي سنڌ ۾ شاخون قائم ڪيون ويون. هن بزم تحت ۱۹۵۶ع ۾ خواجه محمد عيسيٰ “مست” جي اهتمام سان سندن صدارت هيٺ “لاڙ ادبي ڪانفرنس” ميرپور بٺوري سڏائي وئي. الغرض سائين “طالب الموليٰ” ادب، شعرو شاعري ۽ راڳ جي محلفن جو اڪثر اهتمام ڪندا هئا. انهيءَ سان گڏوگڏ صوفيانه ڪلام جون محفلون ٿينديون هيون، جن ۾ وڏي چاهه سان سائين “طالب الموليٰ” جا پرستار شرڪت ڪندا هئا. مخدوم “طالب الموليٰ” سچائي ۽ صاف گوئي مثالي هئي. سندس چاهيندڙ به عشق جي حد تائين عقيدت رکندا هئا. سندن شخصيت سنڌ ڪلچر جو هڪ مثالي نمونو هو. انهيءَ چوڻ سان قطعاً وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته مخدوم “طالب الموليٰ” سنڌ جي ڌرتي عوام سان والهانه عشق هو. غلام رباني آگرو مخدوم “طالب الموليٰ” هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: “سنڌ جو هڪ برک ماڻهو هڪ دفعي مخدوم صاحب سان مليو ۽ سرڪار جي چوڻ تي کيس سنڌ کان ٻاهر هڪ صوبي جي گورنري آڇيائين. مخدوم صاحب منهنجي روبرو ٺهه پهه جواب ڏنس ته “سنڌ کان ٻاهر گورنري قبول ڪري، مان پنهنجي صوبي جي ماڻهن جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهندس.” دراصل مخدوم “طالب الموليٰ” جو رجحان ادب، شعر و شاعري ۽ راڳ ڏانهن زياده هو. تنهن هوندي به حالتن جي تحت سياست ۾ به حصو ورتائون. ۱۹۵۳ع ۾ پهريون ڀيرو بنا مقابلي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا. مسلم ليگ وزارتي پارٽي جا ميمبر به رهيا. ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ مغربي پاڪستان جي اسيمبلي جي چونڊ ۾ حصو نه ورتائون. مارشل لا ختم ٿيڻ کانپوءِ آئين تحت جيڪي چونڊون ٿيون انهن ۾ مرڪزي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا. ٻيهر به مرڪزي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا ويا. پاڻ پيپلز پارٽي جا سينئر وائيس پريزيڊنٽ به رهيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظمِ پاڪستان ٿيڻ کان پهرئين ۽ پوءِ مخدوم صاحب جي دعوت تي هالا آيا هئا. مخدوم “طالب الموليٰ” جي وفات کانپوءِ به سائين مخدوم امين فهيم ڏکئي وقت ۾ به پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو ۽ وزارت عظميٰ جي آڇ کي ٺڪرائي پيپلز پارٽي سان وفاداري جو ثبوت ڏنو ۽ آخري وقت تائين شهيد بينظير ڀٽو جا دستِ راست رهيا. سچ پڇو ته مخدوم صاحب هڪ ڇانوَ ڏيندڙ وڻ جيان هئا ۽ هرهڪ وٽن اچي دل جي راحت ماڻي خوش ٿي موٽي هليو ويندو هو. دراصل زندگي جو نالو ئي آهي مسلسل جدوجهد، آئون پنهنجو مقالو سائين “طالب الموليٰ” جي هن قول تي ختم ڪندس ته: “ٿڪجي ٿو ماڻهو جو خيال جسم جو ٿڪ ته ڪا ڳالهه نه آهي.”