اَندَرِ جُهڙ جُهورِ وَهَي، ٻَهَرِ ڪَڪَرُ نَه ڪَوءِ
وَسَائِيندَي وِڄُڙِي، حُبَ تِنِين کَي هَوءِ
لَالَنُ جَنِين لوءِ، تَنِ اَوڪَاڻيِن اَکِيُون
سُرُ سَارَنگُ
جُهور = زور، گهڻو، وڏي تعداد ۾
ٻَهَر = ٻاهر، ٻاهرين دنيا ۾
وڄُڙي = کنوڻ - عشق جي باهه, چمڪاٽ، تجلا، کورا، لاوا، اُلَا
حُبَ = سڪ، اُڪيرَ، ملڻ جي آس اميد
لَالَنُ = پرين، محبوب
لَوءِ = مڪان، جڳهه - پر هتي معنى ٿيندي دل
اَوڪَاڻين = سُڪَن، روئڻ کان بس ئي نٿيون ڪن
بيت جو پس منظر
~عاشق جي اندر ۾ وڏا جهڙالا ۽ ڪڪر ڇانيل آهن پر ٻاهر ڪوبه جهڙ يا ڪڪر ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
~ جن کي محبوب جي ملڻ جي سڪ ۽ اڪير آهي انهن جي مٿان عشق جي باهه جا اُلا ۽ لاوا سدائين پيا وسن.
~ جن جي دلين ۾ صرف محبوب ئي آهي تن جون اکيون لڙڪ لارن کان بس ئي نٿيون ڪن.
سمجهاڻي
موسمون گرم ۽ سرد ٿين ٿيون ڪڏهن ڪاڙهو، گرمي ۽ ٻوسٽ ته وري ڪڏهن اتر جون تيز ٿڌيون هوائون ۽ سياري جون سرد راتيون. ڪڏهن آنڌاريون، طوفان ته وري ڪڏهن برساتون، مينهَن ۽ وسڪارا. هي موسمون نه رڳو ٻاهرئين دنيا ۾ پر انسان جي اندر ۾ به ٿين ٿيون. هنن ۾ وڌيڪ شدت تڏهن ٿي اچي جڏهن پرين اکين کان پري ٿا ٿين.
عاشق جي اندر ۾ ڪڪر ڪارونڀار، جهڙ، مينهَن ۽ طوفان آهن پر ٻاهر آسمان صاف آهي، ڪي به ڪڪر ڪونهن. عشق جي باهه اندر ۾ وڏا طوفان, کنوڻيون، گجگوڙون، چمڪاٽ ۽ باهين جا مچ مچايا آهن. انهن دلين ۾ جن کي سڪ ۽ اڪير آهي محبوب ملڻ جي انهن نيڻن مان لڙڪن لارون ڪڏهن ختم ناهن ٿينديون.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل