غزل (مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“)

Irfan Ahmed Chandio

سينيئر رڪن
غزل

عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا،

وڏا سردار مٽجي ويا، وڏا ڀوتار مٽجي ويا!

اهو اخلاق اها الفت، اها تهذيب ڪانهي ڪا،

غريبن ۾ اڃا ڪجھ آهي پر زردار مٽجي ويا!

ويو ويچارو سچ گم ٿي، رڳو ئي ڪچ وڪامي ٿو،

لڏي ويا وير واپاري ۽ خود واپار مٽجي ويا!

پتل کي سون سمجھن ٿا، چون ٿا هيرو شيشي کي،

ڏسو ڇا ٿي ويو هڪدم جو سڀ وينجھار مٽجي ويا!

نه عزت هاڻ اشرافن جي محفوظ آهي اي يارو،

وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍا ٻار مٽجي ويا!

جي ليلا اڄ هجي ها ور مٽي ها ڪين مڻين تي،

قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا!

پراون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون ”طالب الموليٰ“

هو ننڍ پڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا!
 
Back
Top