نظم اريشا پريت ................................ اڃا ته گل ڀي ٽڙيا نه آهن نه ئي هوائون گهليون اتر جون گلابن جون مکڙيون اڃا نه نسريون نه ئي هوا ۾ هٻڪار آئي اڃا نه گونجي ڪويل جي ڪوڪو نه ئي گهٽائون گجيون ئي آهن نه ئي چاھ تنهنجو وٺو به آهي اڃا ته منهنجيءَ نگاھ پياسيءَ ڏٺو نه تنهنجو صدين کان چهرو اڃا ته آرس ڀڳو ئي ناهي پرين تون ڪيڏانهن هليو ويو آن ٻڌاءِ تنهنجو پڇان مان ڪنهن کان تلاش تنهنجي ڪئي مون ڪيڏي ڪيا جي پنڌ مون گگن کان اونچا سسئيءَ وانگر جبل به جهاڳيم سهڻي ٿي مان ٻڏي چڪي هان تڏهن به سائين مليو نه تون آن لڳي ٿو تون به پنهون ٿي ايندين ميهار وانگر وري تون ايندي وجود منهنجو جڏهن نه رهندو!
تمام بهترين ۽ پُختي شاعري، خوبصورت تشبيهون، وڻندڙ ۽ پُختي ٻولي، ٺيٺ سنڌي لفظن جو استعمال ٿيل آهي ۽ جاندار خيال کنيل آهي.