مفاهمت کان منافقت تائين!!!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مفاهمت کان منافقت تائين!!!!!
    عبدالڪريم عباسي

    شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جون واڳون ان جي ور آصف علي زرداري جي هٿن ۾ آيون ته هن پاڪستان کپي جو نعرو هڻي ملڪ کي ٽٽڻ کان بچائي هڪ برک سياستدان هئڻ جو ثبوت ڏنو ۽ مفاهمت جي پاليسي اختيار ڪندي ملڪ جي سڀني جماعتن کي گڏ کڻي هليو، آصف علي زرداري پنهنجي گذريل 5 سالن واري حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ مفاهمت متحده قومي موومينٽ سان قائم رکي، جنهن جو شاندار مثال 12 سالن کان سنڌ جي گورنر واري سيٽ تي ويٺل متحده جو ڊاڪٽر عشرت العباد آهي، اها مفاهمت ئي ته هئي جو متحده پاران سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي ميڊيا ۽ عوام اڳيان آڻڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي ويجهي ساٿي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تائين کان به استعيفيٰ وٺڻ ۾ نه ڪيٻايو ۽ هن کي هوم منسٽري جي وزارت کان فارغ ڪندي کيس پارٽي مان به پاسيرو ڪري ڇڏيو، هي اهو ئي ذوالفقار مرزا آهي جنهن لاءِ آصف علي زرداري پنهنجي پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي وڏي واڪي چوندو هو ته بلاول جيڪڏهن مونکي ڪجهه به ٿئي ته پوءَ هن دنيا ۾ پنهنجي چاچي ذوالفقار مرزا کان سواءِ ڪنهن به ٻئي شخص تي اعتبار نه ڪجان ڇاڪاڻ جو هي توکي ڪجهه به ٿيڻ نه ڏنو، بهرهال پ پ اهي پنج سال ايم ڪيو ايم کي وفاقي توڙي سنڌ حڪومت جا مزا وٺرايا، جيڪي مفاهمت جي ذمري ۾ اچن ٿا.

    پر متحده پاران مفاهمت کي کليل طريقي سان منافقت ۾ ان وقت تبديل ڪيو ويو آهي جڏهن هنن باظابطا سنڌ کي ٽوڙي الڳ مهاجر صوبو ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ايم ڪيو ايم پاران سنڌ ۾ مهاجر صوبي جو نعرو ڪا نيئن ڳالهه ناهي اها سازش متحده گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪندي پئي اچي ڪڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بن ڪي رهيگا مهاجر صوبا جي چاڪنگ ڪئي وئي ته ڪڏهن وري مهاجر صوبي جا پمفليٽ لڳائي منافقت ۽ احسان فراموشي جو عظيم مثال قائم ڪري ڏيکاريو پر ايم ڪيو ايم کي بدلي ۾ اهڙي سازش جو ردعمل پڻ وقتن به وقتن سنڌ جي عوام ڏيکاري سندن جي سازش کي ناڪام ڪري ڇڏيو آهي، 1947ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي قائم بعد جڏهن اتان جي ماڻهن پاڪستان جو رخ ڪيو ته ڪوئي به هنن کي پناهه ڏيڻ لاءِ راضي نه هو ۽ سڀني پئي چين ته پاڪستان آگي هي انهيءَ ڏکئي وقت ۾ سنڌ ڌرتيءِ هنن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏئي رهائش لاءِ گهر ۽ روزگار ڏنو، شايد متحده وارن کان سنڌ جي اها مهمان نوازي وسري وئي آهي.

    اچون ٿا پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي جهيڙي تي، هن ٻنهي جماعتن جو ڪاوڙجڻ ۽ پرچڻ پڻ ڪنهن کان لڪيل ڌڪيل ناهي، متحده وارا ڪڏهن رُسندا ۽ پ پ وارا کين ڪڏهن پرچائي وٺندا آهن ڪا خبر ناهي پوندي، پر اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ناهي ته جڏهن به متحده اقتدار کان ٻاهر آئي آهي ته متحده صرف بليڪ ميلنگ، الزام بازي، سنڌ جي وحدانيت تي وار، سنڌي اردو ڀائرن ۾ ويڙهه ڪرائڻ جي سياست ڪئي آهي ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري معمول کان وڌي ويندي آهي ڇاڪاڻ جو خود وزير اعليٰ سنڌ بيان ڏئي چڪو آهي ته جيڪڏهن متحده وارن چئلينج ڪيو ته ٻڌائي ڇڏينداسين ته سڀ کان وڌيڪ ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀتا خور ڪير ۽ ڪنهن جا آهن؟ ان بيان مان سمجهڻ وارا يقينن سمجهي ئي ويا هوندا ته وزير اعليٰ سنڌ ڇا پئي چوڻ چاهيو آهي؟ جيتوڻيڪ متحده ڪاوڙ ۾ ته اقتدار کي لت هڻي ڪڍندي آهي پر ان کان گهڻو وقت پري ناهي رهي سگهندي ۽ ٻيهر اقتدار ۾ شامل ٿيڻ ۽ پنهنجا جائز ۽ ناجائز مطالبا تسليم ڪرائڻ ۽ لاءِ ڪراچي ۾ ڌرڻا ۽ هڙتالون ڪري حڪومت مٿان پريشر وجهندي آهي ۽ مجبورن وقت جي حڪومت کي ان اڳيان کوڏا کوڙڻا پوندا آهن ۽ مختلف ٽاسڪ ٽيمون جوڙي کين مڃايو ويندو آهي، پر ان ٻنهي سياسي پارٽين جي جهيڙي ۾ متحده سربراهه سڌو سنئون سنڌ جي وحدت تي وار ڪندي الڳ مهاجر صوبي جو نعرو لڳائيندو آهي ۽ مختلف وقتن تي لنڊن مان ويهي ٽيليفونڪ خطاب ذريعي اردو ڳالهائيندڙ مهاجرن کي ڌرتي خلاف ڀڙڪائيندو آهي جنهن سان سنڌ ۾ سخت بيچيني ۽ 10 ڪروڙ سنڌي عوام ۾ متحده خلاف ڪاوڙ جي لهر پڻ ڇائنجي وڃي ٿي ۽ نتيجي ۾ اهڙي سازش کي ناڪام ڪرڻ ۽ سنڌ جي وحدت تي وار برداشت نه ڪرڻ، سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ نه ٽوڙڻ جو جواب ڏيندي مختلف سياسي سماجي، مذهبي ۽ قومپرست جماعتون هڪ ٿي ڪري سنڌي قوم جو آواز بلند ڪن ٿيون ۽ متحده خلاف احتجاج، مظاهرا، ڌرڻا، جلسا جلوس ۽ هڙتالون ڪري ياد ڏياريو وڃي ٿو ته سنڌي هڪ قوم آهي، سنڌي قوم ۽ ان جا وارث اڃان زنده آهي، سنڌ اسان جي جيجل آهي ۽ سنڌ جون نياڻيون سنڌ جو ٻچو ٻچو زنده آهي.

    چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته متحده جڏهن به اقتدار مان ٻاهر نڪتي آهي ته ان ۾ به سندن جا ئي مفاد لڪيل هوندا آهن ۽ جيڪي مفاد سندن جي حڪومت ۾ ويهي پورا ناهن ڪيا ويندا متحده اهي جائز ۽ ناجائز مطالبا اقتدار مان ٻاهر نڪري بليڪ ملينگ ذريعي حاصل ڪندي آهي ۽ هاڻوڪو سنڌ حڪومت کان الڳ ٿيڻ وارو پروگرام به ان جو تسلسل آهي بظاهر ته ايم ڪيو ايم وارا چون ٿا ته خورشيد شاهه مهاجر لفظ گار آهي جيڪا چئي مهاجر قوم جي تذليل ڪئي آهي بلاول ڀٽو زرداري اسان جي سربراهه الطاف حسين خلاف بيان بازي ڪئي آهي پر اصل ڪارڻ مڪاني چونڊن ۾ مرضي جون تڪبنديون نه ڪرڻ، (جنهن سان مڪاني چونڊن ۾ سندن مرضي جا نتيجي حاصل ٿي سگهن) سرڪاري نوڪرين ۾ 50 سيڪڙو حصو نه ڏيڻ، صرف ڪراچي لاءِ الڳ بجيٽ ڏيڻ، ڪراچي ۾ شروع ڪيل آپريشن ۾ متحده کي ڇوٽ ڏيڻ آهي. اهو به چيو پيو وڃي ته 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٿيل بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي جي ڪاميابي به سندن کان هضم نه ٿي آهي ۽ هنن سنڌ خلاف اهڙي سازش شروع ڪئي، اهو به چوٻول آهن ته متحده مهاجر صوبي جو نعرو هڻي عوام جو ڌيان لنڊن ۾ متحده سربراهه مٿان هلندڙ عمران فاروق قتل ڪيس تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، جيتوڻيڪ خورشيد شاهه پنهنجي ڏنل بيان تي معافي وٺي چڪو آهي، ٻيو پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوجوان قيادت مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو هڻي چڪي آهي ۽ پنهنجي وزيرن کي متحده خلاف بيان ڏيڻ کان روڪندي سندن جي ڪرتوتن مٿان ڪک رکڻ جاري آهي، ٽيون سنڌي قومپرست جماعتن طرفان 24 آڪٽوبر تي سنڌ کي ٽوڙي واري بيان خلاف ڪامياب هڙتال ڪري واضع پيغام متحده تائين پهچائي ڇڏيو آهي ته سنڌ هڪ وطن آهي سنڌي هڪ قوم آهي، سنڌ هڪ ئي رهندي، اهڙي سموري صورتحال تي سنڌ جو عوام پ پ جي اعليٰ قيادت کان هڪ سوال ڪري رهيو آهي ته آصف علي زرداري چوي ٿو ته مفاهمت جي پاليسي جاري رکندي هر ڪنهن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو ٻئي طرف پ پ جو نوجوان چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري چوي ٿو ته اسان کي حڪومت هلائڻ لاءِ ڪنهن جي اتحاد جي ضروت نه اڳ هئي ۽ نه هاڻي آهي پوءِ آخري ڪهڙي مجبوري تحت متحده کي پرچائڻ لاءِ ايلاز منٿ ڪيا پيا وڃن، پوءِ ڇا پراڻي ۽ نئين چيئرمين جي نظرين ۾ فرق آهي يا اهڙا بيان صرف سياسي بيان بازي آهي؟ ٻيو اهو ته مفاهمت جي بدلي متحده جون منافقت تي ٻڌل سنڌ دشمن سازشون ڪيستائين برداشت ڪيون وينديون؟

    Abdulkareem.abbasi@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو