امير بخش بڙدي سنڌ ڌرتي اها ڌرتي آهي، جنهن جي سرزمين تي هميشه بزرگ، درويش صفت انسان ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن، جن هميشه انسانيت جي پرچار ڪئي آهي، جنهن ڪري سنڌ ڌرتي کي صوفين ۽ اولياءَ الله جي ڌرتي هجڻ جو پڻ اعزاز حاصل آهي. اهڙين نيڪ انسانن مان هڪ شخص سيد پير ماهه منير حضرت محي الدين شاهه رحه عرف اعجاز علي شاهه بن حضرت پير سيد احسان علي شاهه رحه سنت ڌڻي پڻ آهي. پاڻ اصل ڳوٺ پير جهنڊي واري ۾ تاريخ 12 ربيع الاول 1348هجري ۾ تولد ٿيا. جڏهن پاڻ 6 ورهين جي عمر جا ٿيا ته کين والد صاحب ديني تعليم جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پير جهنڊو ۾ مسجد شريف جي مولوي شفيع محمد مڱريو جي هٿ ڏنو ته هن ٻچڙي کي به درس ڏيو. مولوي ڳوٺ ڇتن شاهه تعلقه سڪرنڊ جو رهاڪو هو، جنهن کي ڳوٺ جهنڊو ۾ قرآن شريف جي درس ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، جتي جهنڊي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن جا ٻارڙا پڻ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. سيد پير ماهه منير حضرت محي الدين شاهه رحه عرف اعجاز علي شاهه 8 سالن جي ڄمار ۾ 29 سپارا پڙهي پورا ڪيا ته ان وقت سيدن ۾ پڳ جي تڪرار تي پاڻ ۾ جهيڙو تيز ٿي ويو هو. ان ڪري سندن والد حضرت پير سيد احسان الله شاهه (سنت ڌڻي) ڳوٺ پير جهنڊو کان لڏو کڻي اتر طرف اڌ ميل فاصلي تي آستانو ٺاهي درگاهه شريف نالي هڪ نئون ڳوٺ ٻڌائي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي درگاهه ۾ ديني تعليم لاءِ رڻ ڪڇ جي مولوي جمال الدين متو کي مقرر ڪيو ويو هو، جنهن وٽ سيد پير ماهه منير حضرت محي الدين شاهه عرف اعجاز علي شاهه 30 هين سيپارو پڙهي پورو ڪيو هو ۽ ان مولوي وٽ سنڌي ٻاراڻو ۽ پهرين درجو پڻ پڙهيا. پاڻ ننڍي هوندي کان مستانه خيال ۾ رهندا هئا، ان ڪري سندس والد صاحب کين بهلول جي نالي سان سڏيندا هئا، جيڪو نالو پاڻ پنهنجي شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي آندو اٿن. اعجاز سائين جڏهن 11 سالن (يارنهن) سالن جا مس ٿيا هئا ته سندس والد صاحب هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويا، جنهن ڪري پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيا هئا. پاڻ ذڪر به ننڍي عمر ۾ پنهنجي والد صاحب حضرت پير سيد احسان الله شاهه کان ورتي باقي ٻئي ڪنهن به پير فقير کان ذڪر نه ورتو، کين ننڍپڻ ۾ ديني ڪتاب ۽ قرآن پڙهڻ جو ذوق شوق هوندو هو. اڪثر مريدن وٽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ وڃڻ ٿيندو هو سو هڪ دفعي دڙيلي مريدن ڏانهن ويو ته اتي ڀت تي هڪ شعر لکيائون، مريدن پڇيو ته ڪنهن جو شاعر آهي پاڻ مريدن کان ڳالهه لڪايون خبر ناهي ڪنهن جو شاعر آهي. پاڻ جڏهن 15 ۽ 16 سالن جي ڄمار ۾ هئا ته ان وقت کان شعر و شاعري ۾ تمام گهڻي دلچسپي هئي ۽ جواني ۾ شاعري شروع ڪئي. ان وقت ئي کين مجاز جي چوٽ آئي هئي. شاعري ۾ ڳائڻ وڄائڻ جي محفلن ۾ ڪهي ويندا هئا. خاص ڪري ان وقت مجاهد شيدي (صوفي) ڳوٺ پير جهنڊو، عبدالفتاح شيدي، احمد ڏاهري، ڳوٺ پنجل ڏاهري، ڳوٺ وڏيرو لونگ ڪيريو، ڳوٺ لعل بخش خاصيلي، سليمان نانگو خاصخيلي، ڪارو خاصخيلي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ رات جي محفل مچائي ڪلام ٻڌي دلي سڪون حاصل ڪندا هئا. سندن شاعري جون ڪجهه سٽون پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجن ٿيون: پرينءَ جي پار جا ماڻهو، اڇا ڪارا به مون پيارا انهن جا ناز ۽ ماڻا انگل آرا به مون پيارا. جڏهن ٿو آئون ڏسان جوئي، ڪڙو ناهي منجهن ڪوئي پيان هٿ پير سندن ڌوئي- مٺا کارا به مون پيارا. سيد پير ماهه منير حضرت محي الدين شاهه عرف اعجاز علي شاهه تمام خوش اخلاق ۽ حليم طبع سان هميشه خاموش رهندا هئا. سندس سيرت ۽ صبر جو هڪ وڏو مثال هو. ڪنهن سان به وڏي آواز سان نه ڳالهائيندو هو. سندس ملڻ جلڻ اهڙو هو جو هڪ ڀيرو ساڻس ملندو هو ته هميشه کين سان جڪڙجي ويندو هو ۽ اهو هر هر ملڻ لاءِ بي چين هوندا هئا. زماني جي ناسازين توڙي ڏکن غمن جو ظاهر ۾ ڪوبه اثر ڏسڻ ۾ نه ايندو، ڪيترا به ڏک جا کين داستان هوندا هئا پر ان هوندي به ڪڏهن مايوس نه هوندو. پاڻ چوندا هئا ته مايوسي ڪفر آهي پاڻ انسان سان ته محبت رکندا هئا پر جانورن، ڪتن، پکين، جيت، بلا وغيره سان به پيار ڪندڙ هئا، ڪنهن کي به ڏکوئيندا نه هئا سو سندن شاعري مان به ظاهر آهي. سڀن سان دل منهنجي گهري، هجن مسلم توڙي دهري قياسي يا صفا قهري، ظلم وارا به مون پيارا. چوي ”اعجاز“ ملي هيڪر، روئي ڪيم دور جڏهن دلبر لڳا مون کي تڏهن هر هر، منهنجا مارا به مون پيارا. کلمک هجڻ ”اعجاز“ منهنجي طبع ۾ آ شامل ڪٿي ڪنهن سان منهن گهنجائڻ، اهو لڇڻ هت لٽيل آ سوين زخم پيا چڪن پر هر زخم ڇٽل آ. اعجاز سائين جن رنگ جا سانورا، قد جا پورا پنا هوندا هئا. مٿي ۾ هميشه سنڌي ٽوپي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مفلر پڻ اوڍندا هئا. پاڻ سخي ۽ مهمان نوازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه ڪن ٿا ته پاڻ وٽ ڪو سائل آيو ته گهوڙو ڏيئي ڇڏيائون ۽ ٻئي سائل اچي صدا هنئي ته پاڻ مينهن ڏيئي ڇڏيائون. ايتري قدر جو صدا هڻندڙن کي اجرڪ، ٽوپي ۽ ڪپڙا به ڏيئي ڇڏيندا هئا. حضرت پير سيد محي الدين شاهه عرف اعجاز علي شاهه جون ٻه شاديون ڪيون پهرين شادي مان کين پنج فرزند تولد ٿيا ۽ ٻئي شادي مان به کين پنج فرزند پيدا ٿيا. سائين اعجاز علي شاهه موروثي شاعر آهن جيئن ته سندن خاندان ۾ حضرت پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله عليه جن خود ۽ سندن اولاد پاڳارا راشدي خاندان توڙي جهنڊي وارا راشدي خاندان ۾ ڪيترائي آفاقي ۽ روحاني شاعر ٿي گذريا آهن. سيد پير ماهه منير حضرت محي الدين شاهه رحه عرف اعجاز علي شاهه هڪ تمام بهترين شاعر سان گڏوگڏ هڪ فقيراڻو ۽ درويش صفت بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس شاعري به اسان لاءِ مشعل راهه آهي، جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. پاڻ 15 جون 1998ع مطابق 19 صفر 1419 هجري ۾ گڙدن جي بيماري جي تڪليف ۾ سول اسپتال حيدرآباد ۾ هن فاني دنيا کي هميشه لاءِ الوداع ڪري ويا. سندس هر سال هن ڏينهن تي سندس ورسي پڻ ملهائي ويندي آهي.